| جنگشاهي جي ڳوٺ ۾ ڊينگي جا وڌيڪ 5 ڪيس ظاهر، انگ 8 ٿي ويو، ڳوٺاڻن ۾ ڳڻتي |
جنگشاهي (ن پ ا( جنگشاهي جي ڳوٺ ماما علي نواز جوکيو، يوسي ڪوهستان 7/4 ۾ ڊينگي جا ڪيس ظاهر ٿي پيا، متاثرن جو انگ 8 ٿي ويو اپريل مهيني دوران هينئر تائين ڊينگي جا 5 ڪيس رپورٽ ٿي چڪا آهن، جنهن سبب علائقي واسين ۾ ڳڻتي جي لهر پکڙجي وئي، متاثر ٿيندڙن ۾ محمد ايوب پٽ شڪيل جوکيو، ذوالفقار جوکيو پٽ مظفر جوکيو ۽ سندس گهرواري، ولي محمد جوکيو پٽ عدنان جوکيو، ڪرم علي جوکيو جا ٻه پٽ، اشرف جوکيو، ظهير جوکيو، غلام مصطفيٰ جوکيو پٽ ناھيد جوکيو، الانو جوکيو پٽ سلطان جوکيو شامل آهن، جڏهن ته ٽن عورتن ۾ به ڊينگي وائرس جو شڪ ظاهر ڪيو ويو آهي، جن جا ٽيسٽ جاري آهن، اپريل مهيني دوران شروعاتي طور تي 5 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن جنهن بعد هاڻي ڊينگي مريضن جو انگ وڌي 8 ٿي ويو آهي، کين علاج لاءِ مڪلي سول اسپتال منتقل ڪيو ويو، مقامي ڳوٺاڻو ذوالفقار علي جوکيو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته علائقي ۾ ڊينگي جي وڌندڙ ڪيسن سبب ماڻهن کي سخت پريشانين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. هن اختيارين کان مطالبو ڪيو ته فوري طور ڳوٺ ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ اسپري مهم شروع ڪئي وڃي، جيئن ڊينگي وائرس کي وڌيڪ پکڙجڻ کان روڪي سگهجي۔ بيماري وڌيڪ پکڙجڻ جو خطرو وڌي سگهي ٿو