جنگشاهي ريلوي اسٽيشن تي ٽڪيٽ گهر ۽ بڪنگ آفيس بند

جنگشاهي ريلوي اسٽيشن تي ٽڪيٽ گهر ۽ بڪنگ آفيس بند

جنگشاھي(ن پ ا) جنگشاهي ريلوي اسٽيشن تي ٽڪيٽ گهر ۽ بُڪنگ آفيس گذريل چئن ڏينهن کان بند پيل آهن، جنهن خلاف مسافرن ۽ شھرين احتجاج ڪيو. ان ڏس ۾ جنگشاهي ريلوي اسٽيشن تي ٽڪيٽ گهر ۽ بڪنگ آفيس بند هجڻ سبب جنگشاھي ۽ ٺٽي ضلعي جي رهواسين کي شديد پريشاني کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. ٽڪيٽ نه ملڻ سبب مسافر، خاص طور ٻار ٻچا ۽ بزرگ، پريشان حال بيٺل ڏسڻ ۾ اچي رهيا آهن، شهرين ۽ ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته ٽڪيٽ گهر بند رکڻ، ريل گاڏيون بند ڪرڻ جي سازش ٿي سگهي ٿي، جيڪا رهواسين لاءِ ناقابلِ قبول آهي، انهن مطالبو ڪيو آهي ته ٽڪيٽ گهر فوري طور کوليا وڃن، ٻي صورت ۾ اسٽيشن آڏو احتجاج ڪيو ويندو.