جنگشاهي: ڪوهستان ۾ پيرسن جو لاش هٿ، ڪتا پٽيندا رهيا: قتل شڪ

جنگشاهي: ڪوهستان ۾ پيرسن جو لاش هٿ، ڪتا پٽيندا رهيا: قتل شڪ

جنگشاهي (ن پ ا) جنگشاهي جي ڪوهستان واري علائقي ۾ پيرسن انور جاکرو ولد ولي محمد جاکرو جو لاش درگاهه احمد شاهه بخاري ڀرسان پراسرار حالت ۾ هٿ آيو، ڪتا پٽيندا رهيا،  علائقي ۾ خوف وهراس پکڙجي ويو، جڏهن ته وارثن واقعي کي مبينا قتل قرار ڏيندي شفاف ۽ غيرجانبدار جاچ جو مطالبو ڪيو آهي.ذريعن موجب رات دير سان ڪجهه راهگيرن درگاهه احمد شاهه بخاري ڀرسان لاش پيل ڏٺو، جتي رولو ڪتا پڻ لاش کي کائي رهيا هئا، راهگيرن واقعي بابت فوري طور وارثن ۽ پوليس کي اطلاع ڏنو.اطلاع ملڻ تي پوليس اهلڪار ۽ وارث واقعي واري هنڌ پهتا، جتان لاش تحويل ۾ وٺي ضروري ڪارروائي لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو.وارثن جو چوڻ آهي ته انور جاکرو جي موت بابت کين شڪ آهي ۽ خدشو آهي ته کيس قتل ڪيو ويو آهي. هنن مطالبو ڪيو ته واقعي جي هر رخ کان غيرجانبدار ۽ شفاف جاچ ڪرائي حقيقتون سامهون آنديون وڃن ۽ جيڪڏهن قتل جا ثبوت سامهون اچن ته ملوث جوابدارن خلاف قانون موجب سخت ڪارروائي ڪئي وڃي.پوليس موجب واقعي بابت جاچ جاري آهي، جڏهن ته موت جا اصل سبب جاچ مڪمل ٿيڻ کانپوءِ ئي سامهون اچي سگهندا.