جنگشاهي ۾ سوين سنڌياڻين جو ڪئنالن خلاف مارچ، پليجي جي مزار کان ريلي

مارچ 27, 2025

ٺٽو /جنگشاهي ( نمائندن وٽان ) ڇهه نون ڪئنالن، ارسا ايڪٽ ۾ ترميم ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ طرفان ڳوٺ منگر خان پليجو ۾رسول بخش پليجي جي آخري آرامگاهه کان جنگشاهي تائين هزارين عورتن ۽ مردن جي ريلي ڪڍي وئي، وفاق واضح ڪر اعلان، ڪئنال کپئي يا پاڪستان، سنڌوءَ خاطر جهيڙو آ، زمينن تي قبضا بند ڪريو، ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبا ختم ڪريو، ايس آءِ ايف سي ختم ڪريو، جمهوريت بحال ڪريو جا زورار نعرا هنيا ويا، ارسا ۾ پاڻيءَ جي ورهاست واري ٽي رخي فارمولي کي آئين ۽ قانون جو قتل قرار ڏنو ويو. مظاهري کي خطاب ڪندي عوامي تحريڪ جي مرڪزي رابطه سيڪريٽري لال جروار، مرڪزي اڳواڻ عبدالقادر رانٽو، رزاق چانڊيو، شاهه محمد چانگ، مٺا خان لاشاري، گهنور خان زئور، بلاول لاشاري، دريا خان زئنور، سلمي لاشاري، سائرا رزاق، زويا پليجو، ثمينا لاشاري ۽ ٻين چيو ته ارسا جي ٽيڪنيڪل ڪميٽي جي اجلاس ۾ چولستان ڪئنال جي اين او سي واپس وٺڻ جو فيصلو نه ڪري ارسا ست ڪروڙ سنڌين جي نسل ڪشي جي سازش تي قائم آهي، ارسا ۾ سنڌ جي نمائندي چولستان ڪئنال جي اين او سي واپس وٺڻ مطالبو به نه ڪيو، پيپلز پارٽي ارسا ۾ سنڌ جي نمائندي کي سنڌ جو ڪيس وڙهڻ کان روڪي ڇڏيو آهي، پيپلز پارٽي ڳجهه ڳوهه ۾ سنڌو درياهه وڪرو ڪري ڇڏيو آهي، صدر زرداري ڊراما ڪرڻ بند ڪري. ارسا ايڪٽ ۾ ترميم ۽ ڇهه نون ڪئنالن جي منظوري واپس وٺڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري يا صدارتي سيٽ تان استفيعيٰ ڏئي، پيپلز پارٽي جيڪڏهن ڇهه نوان ڪئنال رد ڪرائي سنڌو درياهه بچائڻ جي اهليت نٿي رکي ته سنڌ حڪومت تان استيفعيٰ ڏئي، حڪومت ڇڏي ڏئي. هنن چيو ته اسين سنڌي قوم کي سلام پيش ڪريون ٿا جنهن 25 مارچ واري پيپلز پارٽي جي ڊامي کي فلاپ ڪري ڇڏيو، بلاول زرداري عوامي غصي ۽ ڪاوڙ کي منهن ڏيڻ بدران منهن لڪائي ڀڄي ويو ۽ ڪنهن به احتجاج ۾ شريڪ نه ٿيو، هنن چيو ته پيپلز پارٽي ڪئنالن خلاف سنڌي قوم جي جدوجهد کي ماٺو ڪرڻ جي سازش ڪئي جنهن کي سنڌ جي عوام رد ڪيو ۽ سنڌ جا ماڻهو هر روز روڊن ۽ رستن تي آهن، اڳواڻن چيو ته اسين رسول بخش پليجي سان وچن ورجائڻ آيا آهيون ته سنڌو درياهه بچائڻ لاءِ هن جيڪا جدوجهد ڪئي اسين ان جدوجهد کي جاري رکنداسين، سنڌوءَ جا وهڪرا بحال ڪرائڻ تائين جدوجهد روان دوان رهندي.

 

Leave A Comment