| جنگندي ۾ رنڊڪون: اسرائيل جا لبنان تي 100 حملا، 112 ڄڻا شهيد، ايران هرمز کولي بند ڪري ڇڏيو، ٽول ٽيڪس لاڳو |
تهران/لبنان/تل ابيب (م ڊ) جنگبندي لاڳو ٿيڻ شرط ئي ان جي راهه ۾ رنڊڪون به سامهون اچي ويون آهن. اسرائيل لبنان تي حملا جاري رکندي هڪ ڏينهن ۾ 112 شهري شهيد ۽ 800 کان وڌيڪ زخمي ڪري ڇڏيا. ايران به هرمز کي کولڻ کان ڪجهه ڪلاڪن بعد ئي تيل بردرار جهازن تي هڪ ڊالر في بيرل جي حساب سان ٽيڪس لاڳو ڪري رستو بند ڪري ڇڏيو. لبنان تي حملا جاري رهڻ جي صورت ۾ ايران جنگبندي ختم ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني آهي. آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ جنگبندي جي اعلان باوجود اسرائيل طرفان لبنان ۾ حملا جاري رکيا ويا هڪ ڏينهن ۾ سڀ کان وڌيڪ 112 شهرين کي شهيد ۽ 800 کان وڌيڪ کي زخمي ڪيو ويو آهي. جنهن سبب جنگبندي خطري ۾ پئجي وئي آهي. مڪابرا ۾ فضائي حملو ڪيو ويو، جڏهن ته خيام ۾ به سخت گولا باري ڪئي وئي، جتي گذريل هفتن دوران حزب الله ۽ اسرائيلي فوج ۾ جهڙپون ٿينديون رهيون آهن. اهڙي ريت ڏاکڻي شهر صائر ۾ به ڪيترائي فضائي حملا ڪيا ويا، جن مان هڪ حملو اسپتال ڀرسان ٿيو. تجزئي نگارن موجب اسرائيلي حملن سان خطي ۾ ڇڪتاڻ وڌڻ جو خدشو آهي ۽ جنگبندي جي مستقبل تي به سوال اٿيا آهن. لبنان جي صحت واري وزارت چيو آهي ته اسرائيل جي ڊرون حملن ۾ لبنان ۾ فوتين جو انگ 112 ٿي ويو آهي ۽ 837 زخمي ٿيا آهن. اسرائيلي فوج چيو آهي ته آمريڪا جي جنگبندي جي اعلان کانپوءِ هن سياسي قيادت جي هدايتن مطابق ايران خلاف مهم بند ڪري ڇڏي آهي لبنان ۾ حزب الله خلاف جنگي ۽ زميني ڪارروائي جاري رکي ويندي. اسرائيلي فوج حريت هريڪ، غبيري ليليڪي، حدث، برج البراجنه، توحيد الغدير ۽ شيعه علائقن جي رهواسين کي پنهنجن گهرن کي خالي ڪري علائقن مان نڪرڻ جو حڪم ڏنو. اسرائيلي فوج ڏکڻ لبناني شهر صائر تي حملو ڪيو ۽ علائقي جي رهواسين کي جبري طور علائقو خالي ڪرڻ جو حڪم ڏنو. اسرائيل جي لبنان تي حملن جي ڪري گهٽ ۾ گهٽ 1.2 ملين ماڻهو بي گھر ٿيا آھن. اسرائيلي هوائي حملي ۾ ساحلي شهر صيدا ۾ گهٽ ۾ گهٽ 8 ماڻهو شھيد ٿي ويا. ٻئي طرف اسرائيلي دفاع واري وزير اسرائيل ڪاٽز حزب الله جي سيڪريٽري جنرل نعیم قاسم کي خبردار ڪيو آهي ته لبنان ۾ حزب الله جي هيڊ ڪوارٽر تي حملن ۾ سوين جنگجو مارجي وڃڻ کان پوءِ سندس “وارو” آهي. اسان نعیم قاسم کي خبردار ڪيو هو ته حزب الله کي اسرائيل تي ايران جي حملي جي ڳري قيمت ادا ڪرڻي پوندي – ۽ اڄ اسان هڪ ٻيو واعدو پورو ڪيو آهي دهشتگرد نعیم قاسم جو وارو به ايندو. اسرائيل “لبنان ۾ زميني حقيقت کي تبديل ڪرڻ ۽ اتر اسرائيل جي رهواسين لاءِ خطرن کي ختم ڪرڻ لاءِ ايراني ۽ لبناني محاذن کي الڳ ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. لبنان جي حڪومت جنگبندي جي حمايت ڪندي پاڪستان کان مطالبو ڪيو آھي تھ اسرائيل تي دٻاءُ وجھرائي حملا بند ڪرايا وڃن. صدر جوزف عون آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ جنگ بندي جي آجيان ڪئي ۽ چيو ته بيروت هڪ پائيدار علائقائي امن ۾ شامل ٿيڻ کي يقيني بڻائڻ لاءِ ڪوششون جاري رکندو. لبنان جي وزيراعظم اسرائيلي هوائي حملن کان پوءِ لبنان جي سڀني دوست ملڪن کي اپيل ڪئي ته ملڪ ۾ جاري اسرائيلي فوجي آپريشن کي هر ممڪن طريقي سان روڪڻ ۾ مدد ڪئي وڃي. لبنان جي ويڙھاڪ تنظيم حزب الله خبردار ڪيو آھي تھ جيڪڏهن لبنان کي شامل نه ڪيو وڃي ته جنگ بندي ٽٽي سگهي ٿي. حزب الله جي پارليامينٽ جي ميمبر ابراهيم موسوي اصرار ڪيو آهي ته هن معاهدي ۾ حزب الله-اسرائيل محاذ شامل آهي ۽ جيڪڏهن اسرائيل ان تي عمل نه ڪندو ته پوءِ ايران سميت سمورو خطو اسرائيل کي سندس حملن جو جواب ڏيندو. ٻئي طرف ايران هرمز مان گذرندڙ تيل تي في بيرل 1 ڊالر ٽيڪس جو اعلان ڪيو آهي. برطانوي اخبار موجب ايراني پيٽروليم ايڪسپورٽرز يونين جي ترجمان حامد حسيني چيو آهي ته ايران هرمز مان گذرندڙ تيل ٽينڪرن کان ڪرپٽو ڪرنسي ۾ ٽول ٽيڪس وصول ڪندو. ايران هرمز مان گذرندڙ هر جهاز جي جانچ ڪرڻ چاهي ٿو ۽ ان کان فيس وصول ڪرڻ چاهي ٿو. ايران لاءِ اهو ضروري آهي ته هو هرمز جي آبنائي مان ڇا اچي رهيو آهي ۽ ڇا وڃي رهيو آهي ان جي نگراني ڪري؟ ته جيئن انهن ٻن هفتن ۾ هٿيار منتقل نه ٿين. هتان هر شيءِ گذري سگهي ٿي، پر هر جهاز جي طريقيڪار ۾ وقت لڳندو ۽ ايران کي ڪا به جلدي ناهي. هن چيو ته هر جهاز کي پنهنجي سامان جا تفصيل ايراني اختيارين کي اي ميل ذريعي فراهم ڪرڻا پوندا، جنهن کان پوءِ ان کي ادا ڪرڻ واري فيس بابت آگاهه ڪيو ويندو. تيل جي ٽينڪرن جي فيس 1 ڊالر في بيرل هوندي، جڏهن ته خالي جهازن کي مفت ۾ گذرڻ جي اجازت هوندي. هن وڌيڪ چيو ته هڪ ڀيرو اي ميل ملي ويندي ۽ ايران تصديق مڪمل ڪري وٺندو، ته جهازن کي سيڪنڊن اندر بِٽ ڪوئن ۾ ادائيگي ڪرڻي پوندي. نيوز ايجنسي جي مطابق جنگ بندي تحت ايران ۽ عمان هرمز مان گذرندڙ جهازن کان فيس وصول ڪندا. ايران انهن فنڊن کي تعمير نو لاءِ استعمال ڪندو، جڏهن ته عمان جا منصوبا واضح نه آهن. پرڏيهي ميڊيا موجب اربع تي خليج ۾ جهازن کي خبردار ڪيو ويو هو ته جيڪڏهن انهن ايراني اختيارين جي اجازت کان سواءِ گذرڻ جي ڪوشش ڪئي ته انهن تي حملو ٿي سگهي ٿو. جنگ بندي تي اتفاق ٿيڻ کان پوءِ، جهاز هرمز مان گذرڻ شروع ٿيا، ۽ يونان ۽ لائبيريا جا ٻه جهاز اتان گذريا. ايران بعد ۾ اعلان ڪيو ته هو لبنان تي اسرائيلي حملي جي جواب ۾ هرمز مان تيل ٽينڪرز جي گذرڻ کي روڪي رهيو آهي.هن وقت خليج ۾ لڳ ڀڳ 187 جهاز آهن جيڪي 175 ملين بيرل تيل ۽ پيٽروليم جون شيون کڻي ويندا ماهرن موجب 300 کان 400 جهاز خليج مان نڪرڻ جي انتظار ۾ آهن.
واشنگٽن (م ڊ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته جنگبندي معاهدي ۾ لبنان شامل نه آهي ايران ۾ حڪومتي نظام تبديل ٿيندو اثرائتو نظام آندو ويندو، ايران ۾ يورينيم نه رچايو ويندو آمريڪا ايران سان گڏجي ڪم ڪندو ۽ زمين ۾ دفن سمورو ايٽمي مواد ڪڍي ختم ڪيو ويندو، هرمز مان اوڳاڙين بابت ايران سان ڳالهيون ڪري رهيا آهيون، ايران کي فوجي هٿيار مهيا ڪندڙ ملڪن تي 50 سيڪڙو ٽيرف فوري طور لاڳو ڪيو ويندو. ميڊيا سان ڳالهائيندي ۽ هڪ بيان ۾ هن چيو ته چيو ته پاڪستان جي وزيراعظم شهباز شريف ۽ فيلڊ مارشل عاصم منير ايران تي حملا روڪڻ جي درخواست ڪئي هئي، آمريڪا اِن شرط تي بمباري روڪي آهي ته هرمز کاڙي مڪمل، فوري ۽ محفوظ طريقي سان کولي ويندر، جنگبندي ٻطرفي هوندي، ايران نئين سر اڏاوت جو عمل شروع ڪري سگهي ٿو، اهو وچ اوڀر لاءِ سونهري دور به ثابت ٿي سگهي ٿو، ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته چين ايران کي ڳالهين جي ميز تي آڻڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، ايران پاران 10 نقطن تي ٻڌل تجويزون مليون آهن جن کي ڳالهين لاءِ عمل جوڳيون سمجهون ٿا. ترڪ صير رجب طيب اردوان ٽرمپ کي فون ڪري جنبگندي جي حمايت ڪئي. وائيٽ هائوس جي ترجمان چيو ته لبنان جنگبندي معاهدي ۾ شامل نه آهي.