| جنگيون ختم ڪرائڻ جي دعويدار ٽرمپ جو وينزويلا تي حملو، بمباري، صدر نڪولس مادورو گهرواري سميت اغوا، نيويارڪ منتقل، وينزويلا کي اسان هلائينداسين: آمريڪي صدر |
واشنگٽن/ڪاراڪس(م ڊ) آمريڪي فوج لاطيني آمريڪا جي ڪميونسٽ ملڪ وينزويلا تي هوائي ۽ ميزائل حملو ڪري صدر مادورو ۽ سندس گهرواري کي اغوا ڪري آمريڪا منتقل ڪري ڇڏيو. ڪيس هلائڻ جو اعلان ڪندي فرد جرم به لاڳو ڪري ڇڏيو. وينزويلا ۾ حملي ۾ جاني نقصان جا تفصيل اچي نه سگهيا.آمريڪا ۽ وينزويلا ۾ ڇڪتاڻ وڌي وئي ڪالهه صدر ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجي فوج کي سڌي ريت حملن جو حڪم ڏنو جنهن کانپوءِ آمريڪي فوج وينزويلا جي گادي واري شهر ڪاراڪس سميت مختلف هنڌن تي حملا ڪيا. ڪاراڪس ۾ ڌماڪا ٿيا، جڏهن ته شهر جي مختلف علائقن ۾ آمريڪي جهازن هيٺين سطح تي اڏامون به ڪيون.اکين ڏٺن شاهدن چيو ته ڌماڪن جا آواز انتهائي تيز هئا، جنهن سبب گهر ڌڏڻ لڳا. آمريڪي ميڊيا موجب ڪاراڪس ۾ گهٽ ۾ گهٽ 7 ڌماڪا ٻڌا ويا. جڏهن ته جاري ٿيل وڊيوز ۾ مختلف علائقن ۾ عمارتن مان دونهون نڪرندي ڏسي سگهجي ٿو. وينزويلا جي حڪومت تصديق ڪئي ته حملا ڪاراڪس، ميرانڊا، آراگوا ۽ لاگوئيرا رياستن ۾ ٿيا آهن، آمريڪي حملن جو مقصد وينزويلا جي تيل ۽ معدنيات تي قبضو ڪرڻ آهي. آمريڪا اسان جا وسيلا حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام ٿيندو، اسان آمريڪي فوجي جارحيت کي رد ڪريون ٿا. وينزويلا جي صدر حملن کانپوءِ ملڪ ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي پر ان تي عمل جي نوبت نه اچي سگهي ۽ نه ئي وينزويلا جي فوج جي ڪنهن به ردعمل جا اطلاع مليا آهن. وينزويلا جي نائب صدر رودريگيز چيو ته آمريڪي حملي ۾ سڄي ملڪ ۾ ڪيئي سرڪاري عملدارن، فوجين ۽ شهرين جي مارجڻ جا اطلاع مليا آهن. هن ايڪي ۽ اتحاد جي اپيل ڪندي چيو ته موجودا صورتحال قوم لاءِ انتهائي سنگين آهي. هوڏانهن روسي ميڊيا دعويٰ ڪئي ته آمريڪي حملن دوران وينزويلا جي دفاعي هيڊڪوارٽرز کي نشانو بڻايو ويو آهي، ۽ وينزويلا جو صدر صدارتي محل ڇڏي ويو. روسي ميڊيا جو چوڻ آهي ته وينزويلا جي ڪيترن ئي ٻيٽن ۾ آمريڪي ميرينز طرفان زميني آپريشن شروع ڪرڻ بابت غير تصديقي اطلاع مليا آهن. ڪجهه ڪلاڪن جي حملن بعد آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ دعويٰ ڪئي ته آمريڪا وينزويلا تي وڏي پيماني تي حملا ڪيا آهن ۽ ملڪ جي صدر نڪولس مادورو ۽ سندس گهرواري کي گرفتار ڪري ملڪ کان ٻاهر منتقل ڪيو ويو آهي. ٻئي پاسي آمريڪي اختيارين دعويٰ ڪئي آهي ته آمريڪي ڊيلٽا فورس صدر مادورو ۽ سندس گهرواري جي گرفتاري وارو آپريشن انجام ڏنو. وينزويلا جي بچاءَ واري وزير چيو آهي ته آمريڪي حملن کانپوءِ مارجي ويل ۽ زخمين جا تفصيل گڏ ڪيا پيا وڃن. آمريڪي اٽارني جنرل پام بونڊي چيو آهي ته صدر مادورو ۽ سندس زال تي نيو يارڪ جي ڏاکڻي ضلعي ۾ فرد جرم لاڳو ڪئي وئي آهي. مادورو خلاف الزام آهن ته هن منشيات جي دهشتگردي جي سازش ڪئي، ڪوڪين آمريڪا اماڻڻ جي سازش سٽي، مشين گنن ۽ وڏي پيماني تي تباهي ڪندڙ هٿيار رکيا ۽ آمريڪا خلاف مشين گنن ۽ وڏي پيماني تي تباهي آڻيندڙ هٿيار ٺاهيا. هن وڌيڪ چيو ته اهي جلد ئي آمريڪي سرزمين تي آمريڪي عدالتن ۾ آمريڪي انصاف جي مڪمل غضب کي منهن ڏيندا هن وڌيڪ چيو ته اسان جي بهادر فوجي اهلڪارن جا تمام گهڻا ٿورائتا آهيون جن انهن ٻن مبينا بين الاقوامي منشيات جي اسمگلرن کي گرفتار ڪرڻ لاءِ هڪ ناقابل يقين ۽ انتهائي ڪامياب مشن مڪمل ڪيو. صدر مادورو کي آمريڪا جي بحري جهاز تي نيويارڪ منتقل ڪيو پيو وڃي.
واشنگٽن: آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته وينزويلا تي حملي دوران اسان جا ڪجهه ماڻهو زخمي ٿيا پر ڪو به فوت ناهي ٿيو.آمريڪي ٽي وي فاڪس نيوز سان ڳالهائيندي هن چيو ته وينزويلا تي حملي کان هڪ هفتو اڳ مون مادورو سان ڳالهايو ۽ کيس چيو توهان کي هار مڃڻي پوندي، توهان کي هٿيار ڦٽا ڪرڻا پوندا. ٽرمپ وڌيڪ چيو ته آمريڪا مستقبل ۾ وينزويلا جي تيل جي صنعت ۾ ڀرپور نموني حصو وٺندو. مسئلي کي منهن ڏيڻ لاءِ، اسان کي توري تڪي قدم کڻڻو هو. هن چيو ته اهو اڃا طئي ڪرڻو آهي ته وينزويلا تي حڪمراني ڪير ڪندو. هن ٻيهر ورجايو ته هن کي يقين ناهي ته آپريشن ۾ ڪو به آمريڪي سپاهي مارجي ويو آهي. صدر ٽرمپ وڌيڪ چيو ته ڪجهه ماڻهو زخمي ٿيا پر اهي واپس اچي ويا آهن ۽ انهن جي حالت تمام سٺي آهي. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ فاڪس نيوز کي وڌيڪ ٻڌايو ته وينزويلا جي صدر مادورو ۽ سندس زال کي آمريڪي فوجن پاران گرفتار ڪرڻ کان پوءِ هاڻي نيويارڪ منتقل ڪيو پيو وڃي. آمريڪي صدر چيو ته انهن ٻنهي تي نيويارڪ ۾ فرد جرم لاڳو ڪئي وئي آهي ۽ انهن کي هيلي ڪاپٽر ۽ جهاز ذريعي نيو يارڪ پهچايو ويندو. ٽرمپ وڌيڪ چيو ته انهن ڪيترن ئي ماڻهن کي ماريو آهي، جن ۾ آمريڪي شهري به شامل آهن ته سندن پنهنجي ملڪ جا ماڻهو به شامل آهن. بعد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي صدر ٽرمپ چيو ته مڊ نائٽ ڪيمرا آپريشن وسيلي مادورو کي گرفتار ڪيو ويو. وينزويلا جي عظيم ماڻهن سان امن چاهيون ٿا. هن چيو ته اسان سمورا هدف درست نموني نشانو بڻايا. منهنجي هدايت تي غيرمعمولي آپريشن ڪيو ويو. هن چيو ته ٻئي مرحلي ۾ هوائي حملن جو منصوبو جوڙيو ويو آهي. اقتدار جي پرامن منتقلي تائين وينزويلا کي اسين هلائينداسين. آمريڪا جون تيل جون ڪمپنيون وينزويلا وينديون.