| جنگي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ 28 ترميم آڻي، مڪاني ادارن کي بااختيار بڻايو: متحده |
ڪراچي (رپورٽ: فقير سليم) ايم ڪيو ايم جي چيئرمين ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي سيد مصطفيٰ ڪمال ۽ ڊاڪٽر فاروق ستار ٻيهر گهر ڪئي آهي ته ملڪ بچائڻ لاءِ 28 ترميم جلد آڻي مڪاني ادارن کي بااختيار بڻايو وڃي، 8 آئيني عهدا رکندڙن کان متحده جو هڪڙو آئيني عهدو به برداشت نه ٿيو،ڪالهه پريس ڪانفرنس ڪندي هنن چيو ته گذريل ٽن ڏهاڪن دوران ملڪ ڏکين حالتن مان گذريو آهي، اهڙي صورتحال ۾ پاڪستان حڪومت ۽ فوج وطن جي دفاع لاءِ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، قومن تي مڙهيل جنگون رڳو فوج نه پر سڄي قوم وڙهندي آهي، انهي صورتحال ۾ اختيارن جي هيٺين سطح تائين منتقلي ضروري ٿي وئي آهي. هنن چيو ته اسين 28هين آئيني ترميم جا منتظر آھيون،هاڻي عوام کي اقتدار ۾ شراڪت ڏيڻ گهرجي. هنن چيو ته پاڪستان ۾ موروثي سياست ۽ جاگيرداري نظام ترقي ۾ وڏي رڪاوٽ آهن، هنن زور ڏنو ته آرٽيڪل اي 140 کي مڪمل طور تي لاڳو ڪيو وڃي، مڪاني نمائندن کي اختيار ڏيڻ کانسواءِ ملڪ ۾ استحڪام ممڪن ناهي. هنن خبردار ڪيو ته دشمنن لاءِ سڀ کان آسان نشانو ڪراچي شهر بڻجي سگهي ٿو، موجوده فرسوده نظام سان شهر کي هلائڻ مشڪل آهي. ڪراچي ۾ پوري ملڪ جا مختلف ٻوليون ڳالهائيندڙ مختلف قومن جا ماڻهو رھن ٿا، ھتي جنگ واري صورتحال دوران لساني فسادن جو به خدشو آھي، اھڙين حالتن ۾ ملڪي سلامتي جي ضمانت نٿي ڏئي سگهجي ھنن چيو ته ڪراچي ۾ امن اسانجي شرافت جي ڪري آھي، ھنن چيو ته اسان آدمشماري دوران شهر جي آبادي گهٽ ڏيکارڻ وارين ڪوششن جو مقابلو ڪيو، ھن چيو ته اسين چاھيون ٿا ته وزيراعظم اسانکي جواب ڏئي، اسين اھو جواب رستن تي وٺڻ نٿا چاھيون، هڪ سوال جي موٽ ۾ ڊاڪٽر خالد مقبول چيو ته صدر آصف علي زرداري سان ملاقات يونيورسٽن جي چانسلر سان پرو چانسلر جي ملاقات ھئي، وفاقي وزيرمصطفيٰ ڪمال چيو ته علائقي جي سيڪيورٽي صورتحال کي نظر ۾ رکندي 28هين آئيني ترميم ملڪ جي معاشي سلامتي لاءِ ضروري آهي، هنن چيو ته جيڪڏهن آرٽيڪل 140 اي کي 18 هين ترميم بعد ڏوهه سمجهيو وڃي ٿو، اهي به انهي ڏوهه ۾ شريڪ آهن، هنن چيو ته لاڪ ڊائون بابت ڳالهيون ٿي رهيون آهن، شهرين کي فيصلو ڪرڻ جو اختيار ڏنو وڃي ته ڪهڙا قدم کڻڻ گهرجن.