جنگي ڌمڪيون، ڪوڙيون دعوائون ۽ مهانگائيءَ جو طوفان … حيدر جاويد سيد

                 ھنن سٽن جي لکت 5 اپريل جي آهي پر 4 اپريل تي آمريڪي اختيارين شهيد ايراني ڪمانڊر قاسم سليماني جي ڀاڻيجيء ۽ ڏوھٽيء جا گرين ڪارڊ رد ڪري کين تحويل ۾ وٺڻ ۽ آمريڪا مان نيڪالي ڏيڻ لاءِ قانوني ڪارروائي جي جيڪا پڌرائي جاري ڪئي ھئي، تنهن جي قاسم سليماني جي ڌيءُ زينب سليماني ترديد ڪندي چيو ته آمريڪا ۾ گرفتار عورتن جو سندس والد جي خاندان سان ڪو تعلق ناهي۔ پر 4 اپريل جي منجهند کان پوءِ جيئن ئي اها آمريڪي پڌرائي سامهون آئي، ان جي سچ ۽ ڪوڙ بابت هڪ بحث شروع ٿي ويو۔ ٻنهي پاسن جي دليل ڏيندڙن وٽ پنهنجي پنهنجن دليلن جا انبار آهن، پر هن ليکڪ جي خيال ۾ زينب سليماني جي ترديد بظاهر لوھ تي ليڪو ۽ تسلي بخش آهي، تنهنڪري آمريڪا جي انساني حقن ۽ مختلف سوچن تي ٻڌل سماج يا قانونن جي ٻٽي پاليسيءَ تي بحث ڪرڻ “فضول خرچي” ٿيندي۔ البته شهيد علي لاريجاني جي ڌيءُ، جيڪا پنهنجي مڙس سان گڏ آمريڪا ۾ رهندي هئي ۽ هڪ يونيورسٽي ۾ پروفيسر هئي، نوڪري ۽ آمريڪي شهريت ختم ٿيڻ کان پوءِ ان بابت خبرون آهن ته هوءَ پنهنجي مڙس سان گڏ ڪينيڊا منتقل ٿي وئي آهي، ۽ آمريڪا ان جي داخلا تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي۔ ان دوران ڪجهه بندش پيل ۽ سرگرم فرقيوار تنظيمون سوشل ميڊيا اڪائونٽن تان ايران خلاف نئين فرقيوار مهم شروع ڪري چڪيون آهن، جنهن ۾ مختلف گروپ شامل آهن۔

ٻئي پاسي ايران تي آمريڪا ۽ اسرائيل جي مڙهيل جارحيت 35هين ڏينهن ۾ داخل ٿي چڪي آهي، ۽ جڏهن توهان هي سٽون پڙهندا ته جنگ جو 36هون ڏينهن (ھڪ ڏينھن اڳ لکيل) هوندو۔ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجي تازي بيان ۾ چيو آهي ته:

“ايران کي ڏنل 10 ڏينهن جي مهلت مان هاڻي 48 ڪلاڪ باقي آهن، هو ڊيل ڪري وٺي، نه ته قيامت اچي ويندي.”

ھمزاد فقير راحمون جيڪو اڄڪلهه آمريڪي صدر ٽرمپ کي “عالمي امن جو ابو” چوندو ۽ لکندو آهي، تنھن ٽرمپ جي ان بيان تي پڇيو:

“شاھ صاحب، گذريل 35 ڏينهن کان آمريڪا ۽ اسرائيل ايران تي ڇا گلاب جو عرق وسائي رهيا هئا، جو هاڻي قيامت ايندي؟”

آمريڪي صدر ايندڙ ڏينهن ۾ زميني ڪارروائي جو به اشارو ڏنو آهي۔ جواب ۾ ايراني چئي رهيا آهن ته جيڪڏهن زميني ڪارروائي ٿي ته آمريڪا ۾ تابوت ئي کٽي ويندا۔

گذريل ڏينهن آمريڪا ۽ اسرائيل ايران جي بوشهر ايٽمي پلانٽ ۽ ڪيميڪل فيڪٽرين تي حملا ڪيا۔ انهن حملن کان پوءِ ايراني اختيارين گڏيل قومن ۽ عالمي ايٽمي توانائي ايجنسي ڏانهن خط لکي خبردار ڪيو آهي ته بوشهر تي حملي سبب تابڪاري اثرن جي پکڙجڻ جو شديد خطرو آهي۔ 4 اپريل تي ئي ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي پنهنجي سوشل ميڊيا اڪائونٽ تي لکيو:

“ايران ڳالهين لاءِ اسلام آباد وڃڻ کان انڪار ناهي ڪيو، آمريڪي ميڊيا ايراني موقف کي غلط نموني پيش ڪري رهي آهي۔ اسان جنگ جو مڪمل خاتمو چاهيون ٿا ۽ پاڪستان جي ٽياڪڙيء وارين ڪوششن کي ڀليڪار ڪريون ٿا.”

ايران پاران ڳالهين لاءِ اسلام آباد نه وڃڻ جي خبر آمريڪا ۽ فرانس جي ميڊيا ذريعن ڏني هئي. هڪ اخبار ۽ ٻن نيوز ويب سائيٽن جي هن خبر کي پاڪستاني ڊالر خور يوٽيوبرز جي انصافي مجاهدين تمام گهڻو ڦھلايو ۽ پنهنجي ئي ملڪ جي منھن تي ڪارنھن ملڻ ۾ ڪا به ڪسر نه ڇڏي. ڊالر خور ماڻهن جي هن رويي تي عمران خان جي ڀيڻويئي حفيظ خان جي هڪ پراڻي ڳالهه ياد اچي وئي، جيڪا هن هڪ ٽي وي پروگرام ۾ ڪئي هئي. سندس چوڻ هو ته:

“اڄ جيڪڏهن، خدا نه ڪري، پاڪستان تي ايٽمي حملو ٿئي ته عمران جو پهريون سوال اهو هوندو ته ان ۾ منهنجو حصو ڪيترو آهي؟”

بوشهر جي ايٽمي پلانٽ ۽ ڪيميائي ڪارخانن تي گذريل ڏينهن ٿيل اسرائيلي- آمريڪي حملن کان پوءِ ايٽمي ماهرن ۽ ايراني عملدارن جو چوڻ آهي ته، ايران جي ايٽمي تنصيبات تي حملن سبب پيدا ٿيندڙ تابڪاري اثر رڳو ايران تائين محدود نه رهندا، پر سڄو علائقو متاثر ٿيندو. ان دوران اهي خبرون به سامهون اچي رهيون آهن ته آمريڪا گذريل اربع تي ايران ۾ ڪيرايل ٻن آمريڪي جهازن جي پائلٽن جي ڳولا لاءِ شروع ڪيل مشن کي، ٻن جديد هيليڪاپٽرن جي تباهي کان پوءِ، روڪي ڇڏيو. ان کان پوءِ آمريڪا پنهنجي پائلٽن جي ڳولا لاءِ عام مدد جي اپيل ڪئي (بعد ۾ اطلاع مليا ته آمريڪا پنهنجا پائلٽ ڳولھي ورتا آهن).

هن آمريڪي اپيل تي تبصرو ڪندي ايراني پارليامينٽ جي اسپيڪر چيو:

“رجيم چينج جي جنگ هاڻي ان حد تائين اچي وئي آهي جو ‘ڪو اسان جا پائلٽ ڳولي ڏي’ جهڙين اپيلن تائين پهچي وئي آهي.”

بوشهر ايٽمي پلانٽ ۽ ڪيميائي ڪارخانن تي حملن کان پوءِ ايران تل ابيب ۽ حيفا تي جوابي حملا ڪيا ۽ دعويٰ ڪئي ته تل ابيب ۾ اسرائيلي خفيه ايجنسي موساد جي مرڪزي آفيس ۽ حيفا ۾ آئل ريفائنري ۽ بجلي گهر کي تباهه ڪيو ويو آهي. ان ڳالهه ۾ ڪو شڪ ناهي ته جنگ جي ماحول ۾ دعوائون، ڌمڪيون، تباهي ۽ ڪوڙ سڀ کان وڌيڪ وڪامجن ٿا. اسان وٽ ته عام حالتن ۾ به ڪوڙ جي وڪري وارن جي ھٽن تي خريدارن جو رش هوندو آهي. ڀڳوڙن ۽ “حاضر سروس” ڊالر خور يوٽيوبرز ڪوڙ وڪڻڻ جا نوان طريقا متعارف ڪرايا آهن، ۽ يوٽيوب تي هڪ کان وڌيڪ هڪ مثال موجود آهي. مثال طور ڀڳوڙي قاسم سوري نالي نئين يوٽيوبر کي ئي ڏسو. اهو ساڍا ٽي سال ثاقب نثار ۽ عمر عطا بنديال جي عدالتن جي حڪم امتناعي تحت قومي اسيمبلي جو ميمبر ۽ ڊپٽي اسپيڪر رهيو. انهيءَ ئي عمران خان خلاف عدم اعتماد واري تحريڪ کي ملڪ سان غداري قرار ڏيندي فلور آف دي هائوس تي رد ڪري ڇڏيو. سندس رولنگ موجب، ان وقت جي اپوزيشن جا سڀ ميمبر آئين جي آرٽيڪل پنج ۽ ڇهه جي روشني ۾ غدار قرار ڏنا ويا. پنهنجي مرضيءَ موجب آئين جي تشريح ڪندڙ قاسم سوري هاڻي انهيءَ آمريڪا ۾ رهائش پذير آهي، جنهن تي سندس چوڻ مطابق عمران خان کي اقتدار کان هٽائڻ جي سازش جو الزام هو، ۽ ان وقت جي گڏيل اپوزيشن به ان سازش ۾ شريڪ ٿي آئين جي آرٽيڪل پنج جي دائري ۾ اچي وئي هئي.

قاسم سوري جو ذڪر ان ڪري آيو ته گذريل ڏينهن هن دعويٰ ڪئي ته:

“اسان جي دور جي آرمي چيف جنرل باجوه کي عمران خان جو شلوار قميص پائڻ ۽ اردو ڳالهائڻ سخت ناپسند هو.”

هاڻي اچو ته ملڪ ۾ قيامت برپا ڪندڙ مهانگائي بابت ڪجهه ڳالهيون ڪري وٺون ٿا. وزيراعظم پيٽرول ليوي (ياد رهي ته پيٽروليم ليوي مان صرف پيٽرول جي حوالي سان) ۾ 80 رپيا گهٽتائي جو اعلان ڪرڻ سان گڏ موٽر سائيڪل مالڪن کي هڪ مهيني لاءِ في ليٽر 100 رپيا سبسڊي ڏيڻ جو به اعلان ڪيو آهي. هي سبسڊي 20 ليٽر پيٽرول تائين محدود هوندي.

ساڳي طرح گڊز ۽ پبلڪ ٽرانسپورٽ لاءِ به سبسڊي جو اعلان ڪيو ويو آهي. پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ ٿيل تازي تباھي آڻيندڙ واڌ ۽ ڏنل سبسڊي جو حساب پنهنجي جاءِ تي، پر ھاڻوڪن ڏينهن ۾ مهانگائي جي شرح ۾ جيڪو خطرناڪ اضافو ٿيو آهي، ان نه رڳو هيٺين پر وچولي طبقي جي ماڻهن جون به دانھون ڪڍرائي ڇڏيون آهن. چارئي صوبائي حڪومتون، جيڪي اڳ ئي مهانگائي کي روڪڻ ۾ ناڪام رهيون آهن، هاڻي هن وڌندڙ مهانگائي تي ڪيئن ضابطو آڻينديون؟ اهو اهڙو سوال آهي جنهن جو ڪنهن وٽ به جواب ناهي. توهان بازار مان هڪ به شيءِ سرڪاري مقرر ڪيل اگهه تي نٿا خريد ڪري سگهو.

ٽي ڏينهن اڳ رات دير سان قوم کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته هاڻي قرباني اشرافيا ڏيندي. فقير راحمون وزيراعظم جي تقرير دوران برجستگي سان تبصرو ڪندي چيو:

“شاهه صاحب، بلڪل قرباني اشرافيا ڏيندي، پر قرباني جو جانور اڃا به عام ماڻهو ئي هوندو.”

ڪڙو سچ اهو آهي ته “تجربا ڪندڙ” ماڻهن نه صرف عوام کي مايوس ڪيو آهي، پر پنهنجن تجربن سان ڀرپور پاليسين ذريعي ماڻهن کي نپوڙي ڇڏيو آهي. آهون، دانھون ۽ سڏڪا آهن، پر انهن کي ٻڌڻ وارو ڪو به ناهي. ايستائين جو عوام دوست پيپلز پارٽي به خوردبين سان ڳولڻ باوجود نظر نٿي اچي. خير، جتي به هجي، پيپلز پارٽي پنهنجي مالڪن سميت خوش رهي- اسان دعاگو آهيون.

بهرحال، پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ کان پوءِ پبلڪ ٽرانسپورٽ جي ڀاڙن ۾ 25 کان 30 سيڪڙو تائين واڌ ٿي وئي آهي. هاڻي سوال اهو آهي ته جيڪڏهن ٽرانسپورٽر ڀاڙا گهٽ نٿا ڪن، ته پوءِ حڪومت انهن کي سبسڊي ڇو ڏئي رهي آهي؟ اصولي طور تي ڀاڙا گهٽ ٿيڻ گهرجن.

پڇاڙڪا اکر اھي آھن ته ايران تي مڙھيل آمريڪا ۽ ان جي تنبورڪش پالتو اسرائيل جي جارحيت سبب سڄي دنيا ۾ معاشي ٻڙڌڪ مچي ويو آهي. دنيا جي سرمائيدارن وانگر اسان جا ديسي سرمائيدار به پنهنجون تجوڙيون ڀري رهيا آهن. بدترين حالتن کي هر هنڌ عام ماڻهو منهن ڏئي رهيو آهي، پر اسان وٽ ته عام ماڻهو لاءِ ڄڻ قيامت برپا ٿي وئي آهي. جنگ ڪڏهن ختم ٿيندي، حالتون ڪڏهن بهتر ٿينديون – ان بابت ڪو به دعوا سان ڪجھه نٿو چئي سگهجي.

البته حڪمرانن کي اها ئي گذارش ڪري سگهجي ٿي ته جيترو ٿي سگهي، غير ترقياتي خرچن ۽ سرڪاري فضول خرچين ۾ گهٽتائي ڪئي وڃي. اشرافيا به پنهنجو کيسو ڍرو ڪري. سينيٽ ۽ قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جا ميمبر گهٽ ۾ گهٽ هڪ سال لاءِ پنهنجين پگهارن ۽ مراعات کان هٿ کڻي وڃن، ته جيئن سڌاري جي ڪا نه ڪا صورت پيدا ٿي سگهي.