”جنگ آسان ۽ امن مشڪل“ … اعجاز منگي

                 آمريڪا ۽ ايران ۾ رڪيل جنگ ۽ شروع ڪيل امن جي سرگرمي جي ڪيفيت کي سمجھڻ کان اڳ ۾ ھيٺين سٽ تي سوچڻ ضروري آھي، جيڪا چوي ٿي:

”جنگ جي ابتدا آسان ۽ پڄاڻي مشڪل ھوندي آھي.“

                 مون کي معلوم ناھي ته مٿيون قول ڪنھن جو آھي؟ پر اھو قول ھڪ اھڙي حقيقت آھي، جنھن جو جائزو جنگين جي تاريخ مان وٺي سگھجي ٿو. جيڪڏھن انساني اتھاس ۾ننڍين جنگين کي نظر انداز ڪري وڏين جنگين جو مطالعو ڪبو ته اھا سچائي سولائي سان پڌري ٿي سگھي ٿي.

قديم يونان جي طويل جنگ ھيلن نالي ان نار تان شروع ٿي ھئي، جيڪا ٽراءِ شھر جي شھزادي سان پنھنجو پاڻ ڀڄي نڪتي ھئي.

                 قديم ھندوستان جي ڏندڪٿا جھڙي وڏي جنگ ”مھاڀارت“ جوا جي داون ۾ دوکو ڪرڻ تان متي ھئي. ممڪن آھي ته مصر ۽ روم جي وچ ۾ ڇڪتاڻ جو سبب صرف قلوپطرہ جو نڪ نه ھجي! پر اھا حقيقت آھي ته انساني تاريخ ۾ ڪڏھن انا ته ڪڏھن مفادن انساني رت جا درياءَ وھايا آھن.

اياز ڇا خوب لکيو ھو:

”جيسين مائر ٻار ڄڻينديون

جيئڻ ڪارڻ جنگيون ٿينديون“

سو! جنگيون ٿيڻ ته سوليون آھن پر امن جو قيام ڏاڍو ڏکيو ۽ تمام مشڪل ھوندو آھي.

اھا ساڳي مشڪل جيڪا ھن وقت آمريڪا ۽ ايران جي وچ تي ڪراس نه ڪري سگھجندڙ کاھيءَ وانگر پيدا ٿي پئي آھي.

جڏھن ته ايران مٿان آمريڪا جي مڙھيل جنگ ڪنھن غلطيءَ يا ڪنھن غلط فھميءَ جي پيداوار نه ھئي. ايران مٿان آمريڪا جي مڙھيل جنگ ۾ ڪا جلدبازي به نظر نه ٿي اچي. ھيءَ ھڪ اھڙي جنگ آھي، جيڪا سالن کان وٺي سرجندي رھي. ھيءَ ھڪ اھڙي جنگ آھي، جنھن جي تياريءَ جي تاريخ طويل آھي. اصل حقيقت اھا آھي ته جڏھن کان وٺي شاھ ايران جو تختو اونڌو ٿيو ۽ جڏھن کان وٺي امام خميني پنھنجي طرز جو انقلاب برپا ڪيو، تڏھن کان وٺي ان جنگ جو بنياد به پئجي ويو. اسان کي اھو به نه وسارڻ گھرجي ته ايراني انقلاب کان ھڪ سال پوءِ يعني 1980 ۾ عراق ۽ ايران جي وچ ۾ لڳل ھڪ ڏھاڪي تائين ھلندڙ جنگ جي پويان به آمريڪا جا عزم، ارادا ۽ مفاد ھئا. ايران مٿان اڌ صديءَ جي لڳ ڀڳ واري پابندي به جنگ جو روپ ھئي. جنگ صرف بمن ۽ بارودن سان وڙھي نه ويندي آھي. آمريڪا ۽ سوويت يونين جي وچ ۾ تاريخ جي طويل ترين سرد جنگ جي دوران آسمانن ۾ جھاز نه اڏاميا ۽ سمونڊن ۾ ٻيڙا نه ٻڏا پر پوءِ به اھا جنگ ھئي ۽ تمام خطرناڪ جنگ ھئي.

ھن مھل جيتوڻيڪ آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ 40 ڏينھن جي بارودي باھ وسائڻ واري عمل کي سيزفائز جي نالي ۾ روڪيو ويو آھي ۽ ان کي اسان جي کٽل ڦٽل ٻوليءَ ۾ ”جنگ بندي“ ڪوٺيو پيو وڃي پر حقيقت اھا آھي ته دنيا ته ڇا پر ھي خطو به پاڻ کي امن جي آغوش ۾ آيل محسوس نه ٿو ڪري. سچ اھو آھي ته آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ گرم جنگ کان پوءِ ھڪ نرم جنگ جاري آھي ۽ ڪنھن کي ڪجھه به معلوم ناھي ته نرم جنگ جو اھو سلسلو ڪيستائين جاري رھندو؟ ڇو ته ”جنگ آسان ۽ امن مشڪل“ ھوندو آھي.

ھيءَ جنگ جيڪا بظاھر آمريڪا، اسرائيل ۽ ايران ۾ ٿي ۽ جنھن جو کاڄ نار وارا ملڪ بڻيا پر اھا جنگ نه صرف مشرق پر پوري مغرب کي پنھنجي مٺ ۾ سوگھو ڪري ويٺي آھي. ڇو ته ھي اھو دؤر آھي، جڏھن جنگين جو اھم حدف دشمن ملڪ جي عوام جي جان نه پر ان ملڪ جو مال آھي. جنگ جا ٽارگيٽ رت بدران روينيو وارا بڻجي ويا آھن. ھونءَ ته ھر دثور ۾ جنگ جا مفاد معاشي رھيا آھن پر ھن دوثر ۾ جنگ جو ميدان به معاشي بڻجي ويو آھي. اھوئي سبب آھي ته ھن جنگ سبب پوري دنيا جي اقتصاديات جو ڍينگو ڍيري ٿي رھيو آھي.

ڪاش! جنگ ڪرڻ کان پھريان آمريڪا کي ان سچائيءَ جي تر جيتري پروڙ به ھجي ھا ته ھوند ھو باھ جي سمنڊ ۾ ڪڏندي ڪجھ سوچي ھا!!

ھن جنگ جو اصل ۽ حقيقي انت ڪڏھن ايندو؟ ان سوال جو جواب ته جنگ ۾ ملوث ملڪ به ڏئي نه ٿا سگھن پر ان حقيقت کان خود آمريڪا به انڪار نه ڪندو ته ھن ايران مٿان جنگ مڙھي ڄڻ پاڻ مٿان خودڪش حملو ڪيو آھي. ڇو ته ھن جنگ سبب ايران کي نقصان گھٽ ۽ فائدو تمام گھڻو پيو آھي. جڏھن ته آمريڪا جنگ سبب مجموعي طور تي نقصان جي ور چڙھي ويو آھي. ھيءَ جنگ آمريڪا پاران ھٿ وڍي آھي. ھيءَ جنگ آمريڪا پنھنجو پاڻ مٿان مڙھي آھي. ڇو ته ھن جنگ سبب جيڪي به نقصان ٿيا آھن، اھي سمورا آمريڪا جي حصي ۾ آھن.

آمريڪا پاران مڙھيل جنگ جا ھونءَ ته اڪيچار نقصان آھن پر آمريڪا کي ھن جنگ سبب ٽي اھم نقصان پلئه پيا آھن. ھڪ ته ھن جنگ سبب آمريڪا جي جنگي ۽ عسڪري دھشت مٽيءَ ۾ ملي وئي آھي. بيلا روس جي صدر بلڪل صحيح چيو آھي ته جيڪڏھن آمريڪا ايران سان جنگ نه ٿو وڙھي سگھي ته ھو چين سان جنگ ڪيئن ڪري سگھندو؟ آمريڪا جي جنگي طاقت جي دھشت ايران مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏي آھي. ٻيو ته ان جنگ سبب آمريڪا جا نار وارن ملڪن ۾ خفيا فوجي اڏا مڪمل طور تي پڌرا ٿي پيا آھن. ۽ ايراني حملن دوران آمريڪا پاران پنھنجن فوجي اڏن ۽ ميزبان ملڪن جو تحفظ نه ڪرڻ سبب آمريڪي اڏن جو مستقبل خطري ۾ پئجي ويو آھي. ۽ ٽيون ته ان جنگ سبب ايران کي جيڪو فائدو پيو آھي، آمريڪا ڪڏھن سوچيو به نه ھو ته جنھن ملڪ کي ھو ھميشه خطرناڪ نتيجن جون ڌمڪيون ڏيندو ھو، ان ملڪ کان آمريڪا امن جي خيرات گھرندو. ۽ اھو پاڪستان جنھن جي سربراھن سان ملڻ لاءِ آمريڪا جي صدرن وٽ عام طور تي وقت نه ھوندو ھو. اھو آمريڪا پاڪستان سان ھر وقت ڳالھائڻ لاءِ آتو آھي. اھو ائين ناھي، جيئن لطيف لکيو آھي:

”ڪڏھن تاڪيون ڏين، ڪڏھن کلن در دوست جا

ڪڏھن اچان اچڻ نه لھان، ڪڏھن مون کي ڪوٺيو پيا نين

ڪڏھن سڪان سڏ کي، ڪڏھن ڳجھاندر ڳالھائين

اھڙا ئي آھين، صاحب منھنجا سپرين“

آمريڪا جو صدر ٽرمپ دنيا جي نظر ۾ ڀلي چنچل ۽ چلبلو ھجي پر ھو اصل ۾ اھڙو ناھي. ۽ آمريڪا جي اسٽيبلشمينٽ ته اھڙي بنھہ ناھي. جيڪڏھن ھو جنگ جي ڪوڙڪيءَ ۾ نه ڦاسن ھا ته نه ائين ڦٿڪن ھا ۽ نه پاڪستان جون اھڙيون ڪاڻون ڪڍن ھا.

ايران مٿان حملو ڪري آمريڪا پاڻ کي ته خوار ۽ خراب ڪيو پر ھن ايران کي ايترو ته مضبوط بڻائي ڇڏيو آھي، جو ھاڻي عالمي دانشور ايران جي نئين جنم جون دعوائون، اڳڪٿيون ڪري رھيا آھن.

اھو ايران جيڪو جنگ کان اڳ ۾ ھڪ عالمي پابندين سبب ھڪ جيل بڻجي ويو ھو. ھڪ اھڙو جيل جنھن جا قيدي جيئن تيئن ڪري جيئڻ جا ڍنگ سکي ويا ھئا. جھڙي طرح جيل جا قيدي مجبور ۽ منتشر ھوندا آھن، ايران جي عوام جو به لڳ ڀڳ اھڙو حال ھو. تيل جي اٿاھ دولت ھجڻ جي باوجود به زندگيءَ جي بنيادي ضرورتن کان محروم قوم مجبور قيديءَ وانگر زندگي گذاري رھي ھئي ۽ اوھان تصور ڪري سگھو ٿا ته جڏھن جيل ۾ بند قيدين کي اھو اطلاع ملي ته جيل مٿان حملا به ٿيڻ وارا آھن ته جيل اندر قيدين جي افراتفريءَ جو ڪھڙو عالم ھوندو؟ ايران ۾ ايراني عوام جي مجموعي حالت اھڙي ھئي پر ڪنھن کي معلوم نه ھو، نه جيلر کي، نه قيدين کي ته جيل مٿان حملا آزادين جا عظيم سبب بڻجي پوندا. آزاديون نه صرف قيدين جون پر انھن جيلرن جون به، جيڪي جيل جي ڪنھن به وقت ٽٽڻ جي خوف جو شڪار ھئا.

آمريڪي حملن کان پوءِ ايران جو منتشر عوام ھڪ متحد قوم بڻجي ويو ۽ اھي حجابي پابنديون جيڪي تنگ نظر حڪمرانن ايران جي عورتن مٿان مڙھيون ھيون، اھي ته ائين اڏامي ويون، جيئن ڇوھي ۾ سڪل پن اڏامي ويندا آھن.

آمريڪا جي حملن سبب ايران آزاد ٿي ويو. آمريڪي حملن سبب ايران جو پوري دنيا سان لڳ لاڳاپو قائم ٿي ويو. آمريڪي حملن سبب ايران جو وزن ۽ وقار وڌي ويو. آمريڪي حملن سبب ايران جي اڪيلائيءَ جو انت اچي ويو. آمريڪي حملن سبب ايران کي اھو آبناءِ ھرمز ھٿ اچي ويو، جيڪو ايٽم بم کان وڌيڪ خطرناڪ ۽ سون جي کاڻ کان وڏو خزانو آھي. ڇو ته سون جي کاڻ ته کٽي سگھي ٿي پر آبناءِ ھرمز تيستائين قائم دائم رھندو، جيستائين سمنڊ نه ٿو سڪي ۽ سمنڊ سڪڻ جو ته سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي.

ايران وٽ آبناءِ ھرمز اڳ به ھو پر آمريڪا جي جنگ ايران کي مجبور ڪيو ته ھو پنھنجي ملڪيت جي وارثي ڪري. دنيا ۽ خاص طور تي عرب ملڪ آمريڪا جو اھو ڏوھ ڪڏھن به معاف نه ڪندا ته ھن ايران جي ھٿ ۾ آبناءِ ھرمز ڏئي ڇڏيو. ھاڻي جڏھن به ۽ جيڪو به ملڪ ايران سان اڻبڻت ۾ ايندو ته ايران ھن جي تيل ۽ ٻي مال جي ترسيل آبناءِ ھرمز مان بند ڪري ڇڏيندو ۽ کيس اجازت ڏئي ڇڏيندو ته ڀلي سندس ٻيڙا ستن سمنڊن جو سفر ڪندا رھن.

ايراني آبناءِ ھرمز واري ھٿيار ھٿ اچڻ کان پوءِ پنھنجي رت، پونءِ، پگھر ۽ خون سان رچيل يورينيم آمريڪا کي پليٽ ۾ رکي ڏيندا!!؟ اھو ته ممڪن ئي ناھي. ايران جيڪو شرط جنگ کان اڳ تسليم ڪرڻ لاءِ تيار نه ھو، اھو جنگ کان پوءِ ڪيئن مڃيندو؟ جڏھن ته جنگ کان اڳ ۾ ايران اڪيلو ۽ تمام گھڻو ڪمزور ھو. جنگ کان پوءِ ته ايران ھر طرح سان مضبوط ملڪ بڻجي ويو آھي. جنھن يورينيم لاءِ ايران پنھنجي ملڪ کي، عوام کي پابنديءَ سبب بکون ڪاٽرايون ۽ جنھن يورينيم لاءِ اسرائيلي جاسوسن ھٿان ايران جا محب وطن سائنسدان قربان ٿيا، ان يورينيم تان ايران ڪنھن صورت ۾ ھٿ نه کڻندو ۽ جيڪڏھن ھن کنيو ته ھو اھڙي غلطي ڪندو، جھڙي غلطي آمريڪا ايران سان جنگ ڪرڻ واري ڪئي آھي.