جنگ ايران شروع ناهي ڪئي، تمام گهڻو مالي نقصان ٿيو: عمان

جنگ ايران شروع ناهي ڪئي، تمام گهڻو مالي نقصان ٿيو: عمان

مسقط (م ڊ) عمان جي پرڏيهي وزير بدر البوسيدي چيو آهي ته ايران سان تڪرار اسان جو پيدا ڪيل ناهي ۽ اڳ ۾ ئي وڏي پيماني تي معاشي نقصان ڪري رهيو آهي. ايڪس تي هڪ پوسٽ ۾ البوسيدي چيو ته جيڪڏهن جنگ جاري رهي ته صورتحال تمام گهڻي خراب ٿي سگهي ٿي عمان هرمز کاڙي ذريعي محفوظ رستو ڏيڻ کي يقيني بڻائڻ لاءِ شدت سان ڪم ڪري رهيو آهي. ھن چيو تھ ايران بابت توهان جو ڪهڙو به خيال هجي، هي جنگ انهن جي پيدا ڪيل ناهي.