جنگ بعد ايران ۽ سعودي عرب ۾ سفارتي تڪرار: ايراني سفارتڪارن کي نيڪالي

جنگ بعد ايران ۽ سعودي عرب ۾ سفارتي تڪرار: ايراني سفارتڪارن کي نيڪالي

رياض (م ڊ) سعودي عرب ايران جي سفارتي عملي کي ملڪ ڇڏڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. سعودي پرڏيهي وزارت موجب ايراني فوجي اتاشي ۽ اسسٽنٽ فوجي اتاشي سميت سفارتخاني جي ٻئي عملي کي 24 ڪلاڪن اندر ملڪ ڇڏڻ جي هدايت جاري ڪئي وئي آهي. سعودي حڪومت انهن کي ناپسنديده شخصيت قرار ڏنو آهي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته اهو فيصلو ملڪي سلامتي ۽ خود مختياري جي تحفظ لاءِ ڪيو ويو آهي ۽ هر ممڪن قدم کڻڻ جو حق محفوظ رکون ٿا. سعودي اختيارين ايران تي الزام هڻندي چيو ته ايراني قدم خطي جي امن لاءِ سنگين خطرو آهن ۽ ان جا نتيجا به سنگين هوندا.