| جنگ بعد حالتون تبديل، آمريڪا واپاري حقيقتون مڃي: قاليباف |
تهران (م ڊ) ايران جي پارليامينٽ جي اسپيڪر محمد باقر قاليباف ازبڪستان جي پارليامينٽ جي اسپيڪر سان ملاقات دوران چيو آهي ته آمريڪا کي واپار جي معاملي ۾ موجوده حقيقتن کي تسليم ڪرڻو پوندو. ايراني ميڊيا موجب، محمد باقر قاليباف چيو ته اسرائيل ۽ آمريڪا جي ايران خلاف جنگ کانپوءِ حقيقتون بدلجي چڪيون آهن. حالتون ماضيءَ جي ڀيٽ ۾ بهتر ٿيون آهن ۽ جنگ کانپوءِ جي اڳڀرائي آمريڪين کي موجوده حقيقتون قبول ڪرڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته اهڙي ماحول ۾ واپاري لاڳاپن کي وڌيڪ وسعت ڏئي سگهجي ٿي ۽ اسان کي اها اميد آهي ته پابنديون هٽائڻ جو بنياد پڻ تيار ٿي ويندو. اسپيڪر محمد باقر قاليباف وڌيڪ چيو ته خليج فارس ۽ آبنائي هرمز ۾ ايران ۽ عمان جي گڏيل انتظام ۽ خطي ۾ آمريڪي شرارتن ۾ گهٽتائي سان، ٽرانزٽ سهڪار جي ترقيءَ لاءِ بهتر موقعا پيدا ٿيندا.