| جنگ بعد ٽرمپ جي مقبوليت ۾ وڌيڪ 2 سيڪڙو گهٽتائي |
واشنگٽن (م ڊ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي حمايت وڌيڪ گهٽجي وئي آهي. اِپسوس سروي موجب صرف 34 سيڪڙو آمريڪي ووٽر ٽرمپ جي ڪارڪردگي مان مطمئن آهن، جڏهن ته 15 کان 20 اپريل تائين ڪيل سروي ۾ 36 سيڪڙو ماڻهو ٽرمپ جا حامي هئا. هي سروي ٽرمپ تي حملي کان اڳ جو آهي. 28 فيبروري تي آمريڪا ۽ اسرائيل جي ايران تي حملي ۽ ان کان پوءِ پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ جي ڪري ٽرمپ جي مقبوليت مسلسل گهٽجي رهي آهي مهانگائي جي معاملي تي 22 سيڪڙو آمريڪي شهري ٽرمپ مان مطمئن آهن. 78 سيڪڙو ريپبلڪن ووٽرن جو چوڻ آهي ته اهي اڃا تائين صدر ٽرمپ جي حمايت ڪن ٿا، جڏهن ته 34 سيڪڙو جيڪي ڪنهن به وڏي پارٽي سان واسطو نٿا رکن اهي ڊيموڪريٽڪ پارٽي جي حمايت ڪن ٿا ۽ 20 سيڪڙو ريپبلڪن پارٽي جي حمايت ڪن ٿا. آمريڪا ۾ صرف 34 سيڪڙو ووٽر ايران سان آمريڪي تڪرار جي حمايت ڪن ٿا، جيڪو اپريل جي وچ ۾ 36 سيڪڙو کان گهٽ آهي.