جنگ بعد ٽن ملڪن ۾ 41 لک ماڻهو بي گهر

جنگ بعد ٽن ملڪن ۾ 41 لک ماڻهو بي گهر

تھران (م ڊ) ايران تي آمريڪا-اسرائيل جي حملي جي شروعات کان وٺي ۽ لبنان ۾ حزب الله ۽ اسرائيل جي وچ ۾ ويڙهه کان پوءِ، سڄي علائقي ۾ ماڻھن جي لڏپلاڻ شروع ٿي وئي آھي. ماڻھو ايران ۾ تھران ۽ ٻين وڏن شھرن مان نڪري رھيا آھن ايران ۾ 3.2 ملين تائين ماڻهو عارضي طور تي بي گھر ٿيا آهن. انهن مان گهڻا تهران ۽ ملڪ جي اتر طرف ٻين وڏن شهري علائقن مان ڀڄي رهيا آهن، ۽ اهو انگ وڌڻ جو امڪان آهي. لبنان ۾ 822,000 کان وڌيڪ ماڻهو حڪومت جي آن لائن بي گھر ٿيڻ واري پليٽ فارم تي رجسٽرڊ ٿيا آهن. شام ۾ پڻ 78,000 کان وڌيڪ شامي لبنان کان آيا آهن 24,800 ماڻهو ايران کان افغانستان ۾ داخل ٿيا آهن.