جنگ بندي يا طاقت جي نئين شطرنج جي شروعات؟! … جاويد ڀٽي

                  تازي جنگ بندي واري پيش ڪيل  تجويز رڳو هڪ سفارتي دستاويز ناهي، پر اها هڪ وڏي جيوپوليٽيڪل شطرنج جي راند آهي، جنهن کي عالمي ماهر ”وقت خريد ڪرڻ“ جي حڪمت عملي قرار ڏئي رهيا آهن. هڪ پاسي ايران آبناء هرمز تي پنهنجي پڪي گرفت ۽ ”امن پسند ڌر“ واري روپ ذريعي عالمي برادريءَ جي همدردي حاصل ڪرڻ گهري ٿو، ته ٻئي پاسي اسرائيل پنهنجي ”مڪمل فتح“ واري مقصد ۾ ناڪاميءَ بعد اندروني ۽ ٻاهرئين دٻاءُ جو شڪار آهي. ڊونالڊ ٽرمپ جي ”بزنس ڊيل“ واري سوچ ۽ خطي جي بدليل صورتحال هن تڪرار کي هڪ اهڙي ”پاور ريڪيليبريشن“ ڏانهن وٺي وئي آهي، جنهن جا اثر نه صرف عرب ملڪن پر پوري عالمي نظام تي پوندا. اها صورتحال ڪنهن ”خطرناڪ راند“ کان گهٽ ناهي.

                 ايران ڪامياب جنگي حڪمت عملي سان علائقائي ويڙهاڪ ڌرين کي وري هٿياربند ڪرڻ، علائقي تي مڪمل هڪ هٽي قائم ڪرڻ، اسرائيل کي وچ اوڀر ۾ اڪيلو ڪرڻ، پنهنجي تباهه ٿيل اقتصادي صورتحال کي بهتر ڪرڻ سان گڏ جنگ ۾ هوائي ۽ سامونڊي هٿيارن سميت هٿيارن جا ذخيرا ٻيهر هٿ ڪرڻ لاءِ وقت حاصل ڪري رهيو آهي. ايران چاهي ٿو ته مٿس لاڳو عالمي پابنديون ختم ٿين. اسرائيل تي دٻاءُ وڌي، عرب ملڪ آمريڪا ۽ اسرائيل بجاءِ سندس مالي ڀائيوار ٿين ۽ فلسطين جو مسئلو مرڪزي حيثيت اختيار ڪري. عالمي سطح تي هو همدردي حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو آهي، جيئن خطي ۾ ”طاقت جو نئون توازن“ قائم ٿي سگهي. ايران مارڪيٽن، تيل ۽ توانائي واري عالمي سيٽ اپ کي پنهنجي ڪنٽرول ۾ رکڻ چاهي ٿو. جنهن تي عالمي ماهرن جو چوڻ آهي ته اها جنگ بندي اصل ۾ “ريگروپنگ” آهي، جيڪو اسرائيل لاءِ به هڪ وڏو خطرو آهي. ايران جيئن جنگ کي ڊيگهه ڏئي آمريڪا ۽ ٻين سپر طاقتن کي حيران ۽ پريشان ڪري ڇڏيو، اهڙي نموني ”خاموش ڊپلوميسي“ ذريعي به ڊگهي راند کيڏي رهيو آهي. جنگ بندي اصل ۾ “پاور ريڪيليبريشن” آهي، ان سان ايران عالمي نظام ۾ پنهنجي جاءِ ٻيهر ٺاهي رهيو آهي. ايران چاهي ٿو ته آمريڪا سان سڌو ٽڪراءُ گهٽجي، علائقائي اثر وڌي ۽ نيوڪليئر ڊيل سندس مرضيءَ مطابق ٻيهر زنده ٿئي. اهڙي نموني ايران سفارتڪاري کي به ڪاميابي هٿيار بڻائي ان کي صحيح وقت تي استعمال ڪري رهيو آهي. سندس ان ئي حڪمت عملي سان دنيا واقعي ٻن حصن ۾ ورهائجي وئي آهي.

برطانوي اخبارن جو خيال آهي ته ايران هن سيز فائر کي استعمال ڪري پنهنجي تباهه ٿيل معيشت کي ٻيهر پيرن تي بيهاريندو. ايران هٿيار ڦٽا ناهن ڪيا، پر هن ”وقت خريد ڪيو آهي“. هي ٻه هفتا ايران کي موقعو ڏيندا ته هو پنهنجي پراڪسين (حزب الله ۽ حوثين) کي نوان هٿيار پهچائي سگهي. جڏهن ته ايران چاهي ٿو ته سموري علائقي ۾ آمريڪي ۽ اسرائيلي فوجي دٻاءُ ختم ٿئي.

هي جنگ بندي اڃا ڪمزور آهي. اسرائيلي اخبار Haaretz لکيو آهي ته، جيڪڏهن نيتن ياهو هن ڊيل کي قبول ڪري ٿو ته اهو سندس سياسي موت هوندو، ۽ جيڪڏهن نٿو ڪري، ته هو آمريڪا کان ڪٽجي ويندو. ماهرن جو چوڻ آهي ته هي سيز فائر ثابت ڪري ٿو ته اسرائيل پنهنجي ”مڪمل فتح“ واري مقصد ۾ ناڪام ويو آهي. اسرائيل کي اها ڪؤڙي گوري کائڻي پوندي، ڇو جو هو حماس کي مڪمل ختم به ناهي ڪري سگهيو. عالمي ميڊيا (جهڙوڪ الجزيره، دي گارڊين، ۽ رنڊ ڪارپوريشن) جي تجزيه نگارن جو چوڻ آهي ته اسرائيل هاڻي صرف فوجي فتح نه پر ڪجهه خاص مقصد حاصل ڪرڻ چاهي ٿو، جنهن ۾ غزه ۽ لبنان جي سرحدن سان هڪ اهڙو علائقو چاهي ٿو، جتي اسرائيلي فوج جو ڪنٽرول هجي. حماس، حزب الله ۽ حوثي باغين جو مڪمل خاتمو هجي، پر ٽرمپ جي ان ڊيل جي ڪري اسرائيل هن وقت هڪ مشڪل صورتحال ۾ اچي ويو آهي. عالمي ماهرن جو چوڻ آهي ته غزه جي ڪري اسرائيل پهرين ئي عالمي سطح تي اڪيلو ٿي ويو هو. هن جنگ جي ڪري سندس شهر تباهه ٿي ويا آهن، معيشت کي ڪاپاري ڌڪ رسيو آهي. بندرگاهه ايران تباهه ڪري ڇڏيا اٿس، اسرائيل اندر جنگ مخالف احتجاجن نيتن ياهو کي تمام گهڻو دٻاءُ ۾ آڻي ڇڏيو آهي، ماڻهو ذهني مريض ٿي ويا آهن. 8 لکن کان وڌيڪ يهودي ملڪ ڇڏي يورپ ڏانهن هليا ويا آهن. بينڪن مان پيسا ختم ٿي ويا آهن، عالمي قرض بند ٿي ويا اٿس، هٿيارن جا ذخيرا ختم ٿي ويا آهن، يورپي ملڪن کيس وڌيڪ هٿيار ڏيڻ کان انڪاري ٿيو بيٺا آهن. شهرن جا شهر تباهه ٿي ويا آهن، انهن جي ٻيهر بحالي لاءِ به کين اربين ڊالر گهرجن. ان صورتحال وڌيڪ اندروني تباهي آندي آهي. الجزيره جو تجزيو آهي ته اسرائيل هڪ “فار ايور وار” (Forever War) يعني ڪڏهن نه ختم ٿيندڙ جنگ ۾ ڦاسي چڪو آهي. اسرائيل فوجي طور تي کٽي ته سگهي ٿو، پر سياسي طور تي غزه جو حل ڪڍڻ ۾ ناڪام رهيو آهي. لبنان ۾ “بفر زون” ٺاهڻ جي ڪوشش اسرائيل کي هڪ ٻئي ڌٻڻ ۾ ڦاسائي ڇڏيو آهي. اسرائيل هن وقت هڪ اهڙي موڙ تي آهي، جتي هو فوجي برتري برقرار رکڻ چاهي ٿو پر عالمي حمايت تيزيءَ سان وڃائي رهيو آهي. ماهرن مطابق، اسرائيل جو هاڻوڪو رخ “سڪيورٽي” کان وڌيڪ “علائقائي قبضي ۽ دٻاءُ” ڏانهن وڌي رهيو آهي، جيڪو عالمي برادري لاءِ ڳڻتيءَ جو سبب آهي.

پاڪستان جي ٽياڪڙيء ۾ ٿيل جنگ بنديءَ ۾ اصل حمايت سعودي عرب ۽ عرب امارات جي هئي، جيڪي ”بيڪ ڊور ڊپلوميسي“ ذريعي چين، ترڪي ۽ مصر ذريعي ايران کي انهن ڳالهين کي مڃڻ لاءِ زور وجهندا رهيا، اصل ۾ انهن عرب ملڪن کي آمريڪا ۽ اسرائيل جيترو ئي مالي نقصان ٿيو آهي، سندن تيل جو ڪاروبار تباهه ٿي ويو ۽ سندن محفوظ ملڪن واري عالمي حيثيت به ختم ٿي وئي. ڪيترن ئي ملڪن پنهنجو سرمايو عرب ملڪن مان ٻاهر ڪڍيو، لکين ماڻهو نوڪريون ڇڏي واپس هليا ويا. ان ڪري هو چاهين ٿا ته ايران سان پر امن طريقي سان هو پنهنجي ساک کي ٻيهر بحال ڪن.

عالمي ماهرن جو چوڻ آهي ته ٽرمپ جو ايران سان هي معاهدو ڪنهن اخلاقي همدرديءَ تي نه، پر ”آمريڪا جي واپاري مفادن“ تي ٻڌل آهي. ٽرمپ وچ اوڀر کي هڪ ”ريئل اسٽيٽ پروجيڪٽ“ وانگر ڏسي رهيو آهي. هو چاهي ٿو ته جنگ بند ٿئي ته جيئن غزه جي ساحل تي عالمي هوٽلون ۽ ڪاروباري مرڪز بڻجي سگهن. هي امن ناهي، پر هڪ ”بزنس ڊيل“ آهي. هو چاهي ٿو ته ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان آبناء هرمز جي پيٽرول سپلاءِ تي سندس ڪنٽرول هجي، ايراني تيل تي سندس خانداني ڪمپنين جي هڪ هٽي هجي، جيئن هن وينزويلا ۾ ڪيو آهي. هو چاهي ٿو ته ايران کي ڪنٽرول ڪري هو ٻين عرب ملڪن ۾ پنهنجي مستقبل جي ڪاروبار کي مڪمل طور نفعي وارو بڻائي. ٽرمپ چاهي ٿو ته هو دنيا کي ڏيکاري ته هو ”ڊيل ميڪر“ آهي، پر زميني حقيقتون اڃا تائين رت سان رڱيل آهن ۽ اها صورتحال ڪنهن ”خطرناڪ راند“ کان گهٽ ناهي. نيو يارڪ ٽائمز، واشنگٽن پوسٽ، الجزيره، اڪنامسٽ، وال اسٽريٽ جرنل ۽ روسي اخبارن سميت اسرائيلي اخبارن ۾ عالمي ماهرن جي راءِ اها آهي ته ٽرمپ جو ايران سان هي معاهدو ڪنهن اخلاقي همدرديءَ تي نه، پر ”آمريڪا جي واپاري مفادن“ تي ٻڌل آهي. ڊونالڊ ٽرمپ جي انتظاميا جي اچڻ سان اسرائيل کي ڪجهه معاملن ۾ آزادي ملي، پر آمريڪا جو وڏو فوڪس هاڻي “امن ڊيلز” ۽ علائقائي استحڪام تي آهي، جيڪو اسرائيل جي ڊگهي جنگي منصوبن سان ٽڪراءُ ۾ اچي سگهي ٿو.

ٽرمپ جو فلسفو اهو آهي ته روايتي سفارتڪاري (Diplomacy) رڳو ناڪامي ڏني آهي. هن جي نظر ۾ جنگ بندي ڪرائڻ جو ”نئون طريقو“ ميدانِ جنگ جي بجاءِ اقتصادي دٻاءُ ۽ ذاتي لاڳاپا آهن. جيڪڏهن هو ڪنهن معاهدي ۾ ناڪام ٿئي ٿو، ته هو ان کي شڪست نه پر ”بهتر ڊيل لاءِ ميدان تيار ڪرڻ“ چوندو. هو جنگ بنديءَ کي انساني همدرديءَ جي بجاءِ هڪ بزنس ڊيل طور ڏسندو آهي. ٽرمپ جو مشهور نعرو آهي ته هن جي دؤر ۾ ڪا به نئين جنگ شروع نه ٿي. هن جو ”نه هارائڻ“ جو مطلب اهو آهي ته هو آمريڪي فوجي مداخلت کي نقصان سمجهندو آهي. ٽرمپ هن جملي کي پنهنجي حامي ووٽرن لاءِ استعمال ڪندو آهي. جيڪڏهن ڪو معاهدو سندس مرضيءَ مطابق نه به ٿيو، ته هو ان کي اهڙي نموني پيش ڪندو جو لڳندو ته ”اسان هارايو ناهي، پر اسان دشمن کي بي نقاب ڪري ڇڏيو آهي” يا “وري نئين ڊيل لاءِ رستو هموار ڪيو آهي.“. ”پرسنل ڊيپلوميسي“ ڪڏهن ڪڏهن اهڙيون ڳالهيون ڪرائي سگهي ٿي، جيڪي روايتي طريقن سان ناممڪن هونديون آهن. ٽرمپ اقتصادي پابندين کي هٿيار طور استعمال ڪرڻ جو حامي آهي. هو جنگ جي خرچن کان به ڊڄندو آهي. اهو ئي سبب آهي جو وائيٽ هائوس سميت سندس ڪابينا ان جنگ جي سخت مخالفت ڪئي پر نيتن ياهو جي مڪمل مالي مدد جي ڏٽن کيس ان جنگ ۾ گهلي آڻي بيهاريو، جتان هن ٻاهر نڪرڻ جا موقعا پئي تلاش ڪيا. هن وقت ٽرمپ به تمام منجهيل صورتحال ۾ آهي، يورپي ملڪ ۽ نيٽو وارا هن کان مڪمل طور تي ڌار ٿي بيٺا آهن. روس ۽ چين سان سندس جنگ به جاري آهي ۽ هو وري ٻين ڪمزور ملڪن جي تيل ۽ معدني وسيلن تي قبضي واري لالچ مان به ٻاهر ئي نه ٿو نڪري.

هي سيز فائر رڳو ”طوفان کان اڳ واري خاموشي“ آهي. جيڪڏهن انهن ٻن هفتن ۾ قيدين جي مٽاسٽا مڪمل نه ٿي، ته اڳتي جيڪا جنگ لڳندي، اها رڳو ايران ۽ غزه تائين محدود نه هوندي، پر ان ۾ آمريڪا ۽ ايران سڌي ريت جنگ شروع ڪري ڇڏيندا، ”هي امن جو معاهدو ناهي، پر جنگ جو هڪ نئون روپ آهي.“ ناڪامي رڳو هڪ نتيجو ناهي، پر سکڻ جو هڪ عمل آهي. جڏهن اسان ڪنهن ڪم ۾ ناڪام ٿيون ٿا، ته اسان کي اها خبر پئجي وڃي ٿي ته اهو طريقو درست ناهي، جيڪو اسان کي درست رستي جي ويجهو وٺي وڃي ٿو. طاقت جي زور تي امن ”جنگ جو نه هجڻ“ ته ٿي سگهي ٿو، پر اهو ”امن جو هجڻ“ ناهي. حقيقي ۽ دائمي امن رڳو تڏهن ممڪن آهي، جڏهن تڪرار جي بنيادي سببن کي انصاف سان حل ڪيو وڃي. طاقت رڳو ”دروازي تي پهرو“ ڏئي سگهي ٿي، پر ”گهر جي اندر جو سڪون“ انصاف ۽ ڀروسي سان ايندو آهي. ٽرمپ جنگ کي آمريڪي معيشت لاءِ ”نقصان وارو سودو“ سمجهي ٿو. هو هڪ اهڙي ”گرينڊ بارگين“ (Grand Bargain) چاهي ٿو، جنهن ۾ ايران کي اقتصادي ترقيءَ جي لالچ ڏئي کيس علائقائي مداخلت تان هٽايو وڃي. ايران تي لڳل معاشي پابندين ۽ اندروني سياسي دٻاءُ کيس اهڙي موڙ تي وٺي آيو آهي، جتي هو وڌيڪ جنگ جي سگهه نٿو رکي. ايران کي پنهنجي تيل جي وڪري لاءِ هڪ مستحڪم علائقي جي ضرورت آهي. هي ٻه هفتا اصل ۾ ”ٽيسٽنگ پيريڊ“ آهن. جيڪڏهن انهن ڏهن نڪتن تي عملدرآمد شروع ٿي ويو ۽ ايران پاران يورينيم جي رچاء کي روڪيو ويو، ته اسان هڪ نئين عالمي معاهدي ڏانهن وڌي سگهون ٿا.