جنگ جا فيصلا آمريڪا نه پر اسرائيل ڪري رهيو آهي: ايراني سفير

جنگ جا فيصلا آمريڪا نه پر اسرائيل ڪري رهيو آهي: ايراني سفير

ھيلسنڪي (م ڊ) فنلينڊ ۾ ايران جي سفارتخاني اڳوڻي آمريڪي عملدار جيڪ سليوان جي ايران جي ايٽمي پروگرام بابت آڇ تي تبصرو ڪندي چيو آھي تھ آمريڪا ايران جي آڇ سمجھي ويو ھو پر حملي جي واڳ آمريڪا جي ھٿ ۾ نھ سرائيل جي ھٿ ۾ ھئي ايڪس تي هڪ پوسٽ ۾ ايراني سفارتخاني چيو تھ آمريڪي ٽيم گهڻو ڪري ايران جي آڇ کي سمجهي وئي هئي. مسئلو سمجهه  جو نه هو مسئلو اھو هو ته فيصلو واشنگٽن نه ڪيو اڃا بھ واشنگٽن فيصلا نھ پيو ڪري اسرائيلي حڪومت ايپسٽين ۽ ٻين فائلن ذريعي واشنگٽن کي ڪنٽرول ڪري رھي آھي جيڪا ڪنھن بھ صورت ۾ سفارتي حل ڪڍڻ جي ڪوشش ڪامياب ٿيڻ نھ ڏيندي. اسرائيل خطي اندر ۽ ان کان ٻاهر امن ۽ استحڪام جو سڀ کان وڏو دشمن آھي جيڪو لامحدود جنگين کي هلائي رهيو آهي. اڄ بھ گوليون اسرائيل ئي ھلائي پيو.