جنگ جا ڌماڪا يا ڌرتيءَ جو موت؟ … جديد هٿيارن سان انسانيت ۽ ماحول تي آيل خاموش قيامت … ڊاڪٽر ڪامران اعواڻ

                 دنيا جي سياست جو سڀ کان خطرناڪ اسٽيج هاڻي وچ اوڀر بڻجي چڪو آهي، جتي ايران ۽ اسرائيل وچ ۾ ٿيندڙ سڌا ۽ اڻ سڌا حملا صرف علائقائي ڇڪتاڻ نه، پر عالمي طاقت جي راند جو حصو آهن۔ دنيا جڏهن جديد ٽيڪنالاجي ۽ ترقيءَ جا گيت ڳائي رهي آهي، تڏهن ساڳي دنيا جي ڪنهن ڪنڊ ۾ جنگ جا ڌماڪا ڌرتيءَ جي ساهه کي بند ڪري رهيا آهن. ميزائل، ڊرون ۽ ڪيميڪل هٿيارن سان ٿيندڙ حملن کي رڳو فوجي ڪاميابي سمجهيو وڃي ٿو، پر حقيقت ۾ اهي ڌماڪا انسانيت، ماحول ۽ مستقبل لاءِ هڪ خاموش تباهي جو پيغام آهن. جديد جنگي هٿيارن جي استعمال سان فضا ۾ زهريليون گيسون شامل ٿي رهيون آهن، جيڪي نه رڳو مقامي سطح تي پر عالمي سطح تي موسمي تبديليءَ کي وڌائي رهيون آهن. پاڻي جا ذريعا زهر بڻجي رهيا آهن، زمين زرخيزي وڃائي رهي آهي ۽ جهنگلي جيوت جو وجود خطري ۾ آهي. ان کان به وڌيڪ خطرناڪ حقيقت اها آهي ته ڪجهه هٿيارن ۾ استعمال ٿيندڙ مواد جهڙوڪ Depleted Uranium انساني صحت لاءِ ڊگهي مدي تائين زهر بڻجي وڃي ٿو. ڪينسر، پيدائشي بيماريون ۽ نفسياتي دٻاءُ جنگ کان پوءِ به نسلن تائين جاري رهن ٿا.

جڏهن دنيا جي وڏين طاقتن طرفان ميزائلن ۽ ڊرونن جي برسات کي “سيڪيورٽي” جو نالو ڏنو وڃي ٿو، تڏهن حقيقت ۾ اها ڌرتيءَ جي ساهه، انسان جي صحت ۽ ايندڙ نسلن جي مستقبل تي هڪ منظم حملو آهي. جديد جنگيون هاڻي صرف فوجي مقابلا ناهن رهيون، پر اهي ماحولياتي تباهي، بيمارين ۽ عالمي موسمي بحران جو وڏو ذريعو بڻجي چڪيون آهن. گڏيل قومن موجب جنگيون رڳو ماڻهن کي نه ٿيون مارين، پر اهي ماحولياتي نظام کي برباد ڪري نسلن تائين نقصان پهچائين ٿيون. عالمي اخبارن دي گارڊيئن، وال اسٽريٽ جرنل تازي ايران سان ٿيل جنگ جي حوالي سان رپورٽ ۾ ٻڌايو آهي ته رڳو 14 ڏينهن جي هڪ جديد جنگ ۾ 5 ملين ٽن CO₂ گيس خارج ٿي، اها مقدار دنيا جي 80 کان وڌيڪ ملڪن جي سالياني اخراج کان وڌيڪ آهي. هڪ ٻي تحقيق مطابق، هڪ جنگ جو ڪل اخراج 31 ملين ٽن CO₂ تائين پهچي سگهي ٿو. ماهرن جو چوڻ آهي ته “هر ميزائل حملو زمين کي وڌيڪ گرم ڪري رهيو آهي”. پاڻي، زمين ۽ خوراڪ جو بحران وڌي ويو آهي. گڏيل قومن موجب جنگ سبب پاڻي زهريلو ٿي ويو آهي، زمين زرخيزي وڃائي رهي آهي. خوراڪ خراب ٿي وئي آهي. يوڪرين ۾ ته زرعي نظام مڪمل طور تي تباهه ٿي ويو آهي. ماڻهن وٽ کاڌي پيتي جو صحت مند نظام ئي ختم ٿي ويو آهي. تيل جا ذخيرا، فيڪٽريون ۽ ڪيميڪل پلانٽ تباهه ٿين ٿا، خطرناڪ مادا هوا ۽ پاڻي ۾ شامل ٿين ٿا. ماهرن مطابق اهي زهريلا عنصر ڏهاڪن تائين رهندا آهن.

صرف 2025 ۾ يوڪرين جنگ ۾ 2,514 ماڻهو مارجي ويا، 12,142 زخمي ٿيا. رائيٽرز موجب عالمي سطح تي 45,000 کان وڌيڪَ شهري ڌماڪن جو شڪار ٿيا. اهي انگ اکر ڏيکارين ٿا ته ميزائل ۽ ڊرون جنگيون سڌو سنئون عام ماڻهن کي نشانو بڻائين ٿيون. لکين ماڻهو بي گهر ٿي ويا آهن ۽ پورو سماجي ڍانچو تباهه برباد ٿي ويو آهي. ماحولياتي نقصان 20 کان 30 سالن تائين جاري رهي سگهي ٿو. ڪجهه علائقن ۾ زمين ۽ پاڻي ڪڏهن به مڪمل بحال نٿا ٿين. موسمي تبديليون وڌيڪ بيمارين کي جنم ڏئي رهيون آهن. تازي ايران – آمريڪا – اسرائيل جنگ ۾ ٿيندڙ بمباري ۾ استعمال ٿيندڙ ڪيميڪل سان درياهي وهڪرا به سخت متاثر ٿيندا. پاڻي وڌڻ بجاءِ سڪڻ شروع ٿي ويندو. ان سان پوري دنيا ۾ پاڻي جي کوٽ هڪ نئون بحران پيدا ڪندي. موسمي تباهي هاڻ کان ئي ظاهر ٿيڻ شروع ٿي وئي آهي. عالمي ماهرن جو چوڻ آهي ته عرب ملڪن ۽ ان جي ڀرپاسي وارن ملڪن ۾ ٿيندڙ برسات کان جيترو ٿي سگهي بچڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي، خاص طور تي ٻارن کي ان مينهن واغي پاڻي کان پري رکيو وڃي، ڇو جو ان ۾ هوا ۾ موجود خطرناڪ گيسون ان برساتي پاڻيءَ ۾ شامل ٿي رهيون آهن، جنهن سان جسماني بيماريون منهن ڪڍي رهيون آهن، جيڪا انتهائي خطرناڪ صورتحال آهي. جنگ سبب هزارين شهري ميزائل حملن جو شڪار ٿين ٿا. زخمين جو انگ هميشه مارجي ويلن کان گهڻو وڌيڪ هوندو آهي. اسپتالن ۽ صحت جي نظام تي شديد دٻاءُ پوي ٿو. ان جنگ م سڀ کان وڏو نقصان فوجين کي نه پر عام ماڻهن کي ٿي رهيو آهي. ماهرن جو چوڻ آهي ته، “جنگ ختم ٿيڻ کان پوءِ به ان جا نفسياتي اثر نسلن تائين رهندا آهن. موجوده جنگين ۾ استعمال ٿيندڙ هٿيار، خاص ڪري ميزائل، بم، ڊرون ۽ ڪيميڪل مواد، رڳو انساني جاني نقصان تائين محدود ناهن پر انهن جا گهرا ماحولياتي ۽ طبي اثر به ٿين ٿا. هي اثر ڊگهي عرصي تائين رهندا آهن ۽ نسلن تائين اثرانداز ٿين ٿا. موجوده جنگ جي حوالي سان صحت جي عالمي ماهرن جو  چوڻ آهي ته ميزائل ۽ بم ڌماڪن سان وڏي مقدار ۾ زهريليون گيسون خارج ٿين ٿيون، جهڙوڪ، ڪاربان مونو آڪسائيڊ، نائيٽروجن آڪسائيڊ، سلفر ڊاءِ آڪسائيڊ به شامل آهن، جيڪي هوا کي خراب ڪري تيزابي مينهن جو سبب بڻجن ٿيون. هنن جو چوڻ آهي ته ڌماڪن سان زمين جي زرخيزي ختم ٿي وڃي ٿي، خطرناڪ ڌاتو (شيھو، پارو) مٽي ۾ ملي وڃن ٿا، جنهن سان زرعي پيداوار متاثر ٿئي ٿي. تيل جا پلانٽ يا فيڪٽريون تباهه ٿيڻ سان زهريلو مواد دريائن ۽ زميني پاڻي ۾ شامل ٿي وڃي ٿو، جنهن سان پيئڻ جو پاڻي خراب ٿي وڃي ٿو. جهنگلي جيوت مارجي يا ٻين ھنڌن تي منتقل ٿي وڃي ٿي، ٻوٽا سڙي ختم ٿي وڃن ٿا ۽ پورو ماحولياتي توازن بگڙي وڃي ٿو. ڌماڪن سان ماڻهن جي زخمي ٿيڻ، انهن جا هٿ پير ختم ٿي وڃڻ يا جسم سڙي وڃڻ جون خبرون عام جام ملي رهيون آهن. ماڻهن جا ڦڦڙ ختم ٿي وڃن ٿا، جنهن سان ساهه ۽ ڪينسر جون بيماريون جنم وٺي رهيون آهن.

ڪجهه هٿيارن ۾ استعمال ٿيندڙ مواد جهڙوڪر يورينيم وارا ڪلسٽر بم انتهائي خطرناڪ آهن، جنهن سان ٻارن جي پيدائش ڏکي ٿي ويندي آهي ۽ ان جي ڊي اين اي ۾ تبديليون ٿي رهيو  آهن. جڏهن ته ڊپ ۽ خوف واريون نفسياتي بيماريون به وڌي رهيون آهن. فصل سڪي ويا آهن. زرعي زمين تباهه ٿي وئي آهي، ماحول جي بحالي ۾ ڏهاڪا لڳي سگهن ٿا. هن وقت عالمي صحت مرڪز صرف اها رپورٽ غزه لاءِ تيار ڪئي پر هاڻ چون ٿا ته اسرائيل لبنان، شام، ۽ ايران تي جيڪي حملا ڪيا آهن، انهن ۾ اهي زهريلا ڌاتو استعمال ٿين ٿا ۽ انهن ٽنهي ملڪن ۾ اهڙين بيمارين تيزي سان منهن ڪڍڻ شروع ڪيو آهي. معاشي ۽ سماجي نظام ڪمزور ٿي وڃي ٿو.

تازي ايران سان شروع ڪيل جنگ جيڪا هاڻ دنيا جي ٻين ملڪن تائين پهچي رهي آهي، ان ۾ صرف اسرائيل ۽ آمريڪا ئي نه پر روس ۽ چين به قدرتي وسيلن تي قبضي جي حوالي سان ان ئي جنگ جي ڪري پنهنجي حڪمت عملي کي تبديل ڪيو آهي. جيتوڻيڪ انهن ماحولي تحفظ جي حوالي سان ڪي خاص قدم ناهن کنيا پر ان ڪري صورتحال انتهائي خراب ٿيندي پئي وڃي، عالمي توانائي ۽ عالمي صحت وارن ادارن جو به چوڻ آهي ته دنيا جون سپر طاقتون چاهين ته ان جنگ ۾ انسان جي وجود کي بچائي سگهن ٿيون پر في الحال هو پنهنجا فوجي ۽ هٿيار بچائي رهيا آهن.اڄ جي جنگ رڳو سرحدن تائين محدود ناهي رهي، پر ان جا اثر فضا، پاڻي، زمين ۽ انساني جسم تائين پهچي رهيا آهن. هر هڪ ميزائل جو ڌماڪو صرف هڪ عمارت کي نه، پر ماحولياتي توازن، انساني صحت ۽ ايندڙ نسلن جي قسمت کي به تباهه ڪري ٿو. جنگي هٿيارن جو استعمال صرف هڪ وقتي فوجي حڪمت عملي ناهي، پر اهو انسانيت، ماحول ۽ مستقبل لاءِ هڪ وڏو خطرو آهي. ان جا اثر فوري کان وڌيڪ ڊگهي عرصي تائين رهندا. جنگي حڪمت عملين ۾ ماحول ۽ انساني صحت کي مڪمل طور نظرانداز ڪيو وڃي ٿو، جنهن جو نتيجو اهو نڪري ٿو ته فتح ڪنهن جي به هجي، نقصان انسانيت جو ئي ٿيندو آهي. جنگ جا نتيجا هاڻي رڳو ميدان تائين محدود ناهن رهيا، پر اهي ڌرتيءَ جي ساهه، انسان جي وجود ۽ ايندڙ نسلن جي مستقبل تائين پهچي چڪا آهن. هي جنگ صرف ميزائلن، ڊرونن ۽ بمباري تائين محدود ناهي، پر ان جي پويان وڏن طاقتور ملڪن جون حڪمت عمليون، معاشي مفاد ۽ جيوپوليٽيڪل مقصد لڪل آهن۔ نتيجي طور، هن جنگ جو سڀ کان وڏو نقصان عام انسان، ماحول ۽ عالمي امن کي ٿي رهيو آهي۔