جنگ جو ارب پتين کي به نقصان، دولت ۾ گهٽتائي

جنگ جو ارب پتين کي به نقصان، دولت ۾ گهٽتائي

واشنگٽن (م ڊ) ايران جنگ جي سبب عالمي معيشت تي ناڪاري  ظاهر ٿيا آهن ۽ مارچ 2026 ارب پتين لاءِ نقصان وارو مهينو ثابت ٿيو. آمريڪي رسالي فوربز موجب  وڏيون اسٽاڪ مارڪيٽون ايس اينڊ پي S&P 500 ۽ نسدق لڳ ڀڳ 5 سيڪڙو گهٽجي ويون، جنهن سبب دنيا جي امير ترين ماڻهن جي دولت ۾ گهٽتائي آئي. رپورٽ موجب دنيا جي 10 امير ترين ماڻهن مان 9 جي دولت ۾ گهٽتائي آئي. مجموعي طور تي انهن جي دولت 100 ارب ڊالر کان وڌيڪ گهٽجي 2.5 ٽريلين ڊالر رهجي وئي. درجه بندي ۾ به وڏيون تبديليون ڏسڻ ۾ آيون ٽاپ 10 ۾ شامل ماڻهن مان صرف 4 پنهنجي پوزيشن برقرار رکي سگهيا، جن ۾ ايلون مسڪ بدستور پهرئين ۽ سرگئي برن ٻئي نمبر تي موجود آهن. مسڪ ۽ ليري پيج سميت 5 وڏن ارب پتين جي دولت ۾ گهٽ ۾ گهٽ 20 ارب ڊالر جي گهٽتائي ٿي. ايلن مسڪ جي دولت 22 ارب ڊالر گهٽجي 817 ارب ڊالر ٿي وئي، جڏهن ته ليري پيج جي دولت 20 ارب ڊالر گهٽتائي بعد 237 ارب ڊالر تائين اچي وئي. سڀ کان وڌيڪ نقصان فرانس جي برنارڊ آرنو کي ٿيو، جيڪو ستين نمبر کان ڏهين نمبر تي اچي ويو. سندس دولت 28 ارب ڊالر گهٽجي وئي. اهڙي طرح اسپين جي امانسيو اورٽيگا به 20 ارب ڊالر جي گهٽتائي سان پنهنجو نمبر وڃائي ويٺو. وارن بفيٽ به ٽاپ 10 مان ٻاهر ٿي ويو ۽ نائين کان يارهين نمبر تي اچي ويو. ٻئي پاسي وال مارٽ جي وارث راب والٽن معمولي نقصان باوجود ٽن سالن بعد ٻيهر ٽاپ 10 ۾ شامل ٿي ويو. هن فهرست ۾ واحد واڌ مائيڪل ڪليڊل جي دولت ۾ ڏسڻ ۾ آئي، جيڪو 13هين نمبر کان اٺين نمبر تي اچي ويو جڏهن جيف بيزوس به ٽئين نمبر تي اچي ويو، جيتوڻيڪ سندس دولت ۾ معمولي گهٽتائي ٿي. فوربز موجب مارچ 2026 ۾ سڄي دنيا ۾ 3,428 ارب پتي موجود هئا.