جنگ جو بدلجندڙ تصور … ڊاڪٽر علي رضا قاضي

                 جنگ هميشه کان انساني تاريخ جو هڪ مستقل ۽ پيچيده حصو رهي آهي، جيڪا وقت سان گڏ پنهنجي صورت ۽ نوعيت تبديل ڪندي رهي ٿي. قديم دؤر ۾ جنگيون تلوارن، گھوڙن ۽ سپاهين جي سڌي مقابلي تائين محدود هيون، جڏهن ته جديد دؤر ۾ جنگ ٽيڪنالاجي، سائنس ۽ معلوماتي نظامن جي ذريعي لَڙي وڃي ٿي. هن تبديليءَ کي سمجهڻ لاءِ جڳ مشهور تاريخ نويس، علم الانسان جي ماهر يوول نوح هراري جو ڪتاب The Ultimate Experience: Battlefield Revelations and the Making of  Modern War Culture, 1450–2000  هڪ اهم نظرياتي فريم ورڪ مهيا ڪري ٿو.

                 هاڻي جڏهن، ڄڻ ته گذريل هڪ سال کان ايران – اسرائيل ۽ آمريڪا جي وچ ۾ جنگ جاري آهي، تڏهن هن ڪتاب جي نظرئي کي جديد حالتن سان ڳنڍڻ سان جنگ جي بدلجندڙ حقيقتن کي بهتر نموني سمجهي سگهجي ٿو.

                 هراري، جنگ جي روايتي تصور جي باري ۾ لکي ٿو ته  تاريخ ۾ جنگ کي اڪثر بادشاهن، سلطنتن ۽ قومن جي طاقت جي مقابلي طور پيش ڪيو ويندو آهي؛ جيڪو ڪتابن ۾ جنگ کي ڪاميابي يا شڪست جي تناظر ۾ بيان ڪري، سپاهين جي ذاتي تجربن کي گهڻو نظرانداز ڪيو وڃي ٿو. ان لاءِ هراري هن روايت کي چئلينج ڪندي جنگ کي هڪUltimate Experience  طور پيش ڪري ٿو، مطلب ته هڪ اهڙو انتهائي شديد انساني تجربو- جيڪو فرد جي نفسيات، سوچ ۽ شعور کي بدلائي ڇڏي. سندس مطابق جنگ صرف سياسي يا فوجي عمل نه آهي، پر هڪ گَهِري انساني حالت آهي، جتي خوف، بهادري، روحانيت، ۽ بيخودي گڏ ٿي وڃن ٿا.

’الٽيميٽ ايڪسپيرينس‘ ڇا آهي؟ يا ان تصور جي ڪهڙي حيثيت آهي؟ هن کي ڳالهه کي آسان ڪري هن طرح سمجهون ٿا ته هراري جي ڪتاب جو مرڪزي تصور اهو آهي ته جنگ سپاهين لاءِ هڪ اهڙو تجربو هئي، جنهن ۾ هو پنهنجي زندگيءَ جي سڀ کان شديد لمحن مان گذرندا هئا. هن تجربي جي خاصيتن ۾ هيٺ ڏنل نُڪتا سرفهرست آهن:

• شدت ۽ خطرو: هر لمحو زندگيءَ ۽ موت جي وچ ۾ هوندو آهي.

• وقت جو احساس بدلجڻ: ڪجهه لمحا انتهائي ڊگها يا مختصر محسوس ٿين ٿا.

• خوديءَ جو خاتمو: سپاهي پاڻ کي فرد نه پر ڪنهن وڏي عمل جو حصو سمجهن ٿا.

• روحاني يا وجودي احساس: ڪيترائي سپاهي جنگ کي زندگيءَ جي معنيٰ سان ڳنڍين ٿا.

پر جديد جنگ ۾ خاص طور جاري آمريڪا – اسرائيل ۽ ايران جهڙن تڪرارن ۾، هي تجربو آهستي آهستي گهٽجي پيو، ڇو ته جنگ هاڻي سڌي انساني ٽڪر بدران ٽيڪنالاجي ۽ فاصلي تي ٻڌل آهي. جديد جنگ ۾ ٽيڪنالاجي مرڪزي ڪردار ادا ڪري ٿي. ڊرونز، ميزائل سسٽم، سيٽلائيٽ نگراني ۽ سائبر حملا جنگ کي مڪمل طور تبديل ڪري رهيا آهن. مثال طور: هن جنگ ۾ اسرائيل ۽ آمريڪا جهڙا ملڪ جديد ٽيڪنالاجي ۾ اڳڀرا آهن، جڏهن ته ايران، ميزائل ٽيڪنالاجيءَ ۾ جدت آڻي حملي ڪرڻ جي صلاحيتن کي وڌائي ڇڏيو آهي. هراري جي نظر ۾ جڏهن جنگ ۾ مشينون انسانن جي جاءِ وٺن ٿيون ته جنگ جو انساني ۽ نفسياتي پهلو ڪمزور ٿي وڃي ٿو. سپاهي جو سڌو تجربو گهٽجي وڃي ٿو ۽ فيصلا وڌيڪ مشيني ۽ حساب ڪتاب تي ٻڌل ٿي وڃن ٿا. ائين چئجي ته هاڻي جنگ صرف هٿيارن تائين محدود نه پر اها هڪ ’بيانيي جي جنگ‘ به آهي، جتي هر ملڪ پنهنجي موقف کي صحيح ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. جهڙي ريت، ايران پاڻ کي مزاحمت ۽ خودمختياري جي علامت طور پيش ڪري ٿو. اتي اسرائيل ان کي سلامتي ۽ بقا جو بنيادي مسئلو بڻائي ٿو. اتي وري آمريڪا عالمي امن، سيڪيورٽي ۽ طاقت جي توازن تي زور ڏئي ٿو. هي بيان انهن ملڪن توڻي سڄي دنيا جي عوامي راءِ کي متاثر ڪن ٿا ۽ جنگ لاءِ سياسي ۽ سماجي جواز فراهم ٿيو پوي. هراري موجب، هاڻي جنگ اصل حربي ميدان ۾ نه پر ذهنن ۾ وڙهي ويندي آهي. هراري موجب ماضيءَ ۾ جنگ جو اثر گهڻو ڪري سپاهين تائين محدود هوندو هو، پر اڄ ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا جي ڪري جنگ جا اثر عام ماڻهن تائين پهچي چڪا آهن. جئين؛ خوف ۽ غيريقيني صورتحال وڌي ٿي – پروپيگئنڊا ۽ غلط معلومات تيزي سان پکڙجن ٿيون – سماج ۾ نفسياتي دٻاءُ پيدا ٿئي ٿو. جهڙي طرح هن وقت جاري جنگ ۾ ايران ۽ اسرائيل جا عام شهري به سڌي ريت جنگ جي اثر هيٺ آهن. انهن سان گڏ وچ اوڀر جي عرب رياستن جا ماڻهو به خوف جي زندگي گذارين پيا. نتيجي ۾ جنگ جو دائرو وسيع ٿي وڃي ٿو. هراري جي مطابق، هي هڪ نئون رجحان آهي جتي جنگ جو تجربو صرف سپاهين جو نه رهيو آهي، پر سڄي سماج جو تجربو بڻجي ويو آهي.

اچو ته وري ان معاملي کي هن طرح ڏسون، جديد دؤر ۾ جنگ جا اخلاقي سوال وڌيڪ پيچيده ٿي ويا آهن. هر ڌر پنهنجي عمل کي صحيح ۽ ضروري قرار ڏئي ٿي، جڏهن ته مخالف ڌر کي خطرو يا جارح قرار ڏنو وڃي ٿو. جهڙي طرح آمريڪا – اسرائيل ۽ ايران تڪرار ۾ نظر اچي پيو. اهو هن ريت جو هر ملڪ پنهنجي قومي مفاد ۽ سيڪيورٽي کي اوليت ڏئي ٿو پر ان جا اثر عام ماڻهن تي پون ٿا ۽ پوءِ جنگ جو اخلاقي جواز عالمي سطح تي بحث جو موضوع بڻجي ٿو. هراري هن صورتحال کي هڪ اخلاقي بحران طور ڏسي ٿو، جتي سچ ۽ جواز جي حد واضح ناهي رهي.

هراري جي نظر ۾ مستقبل ۾ جنگ جا ٻه امڪان آهن: هڪ؛  جنگ جو گهٽجڻ، جنهن مان مراد آهي، جيڪڏهن انسان جنگ کي هڪ غير ضروري ۽ نقصانڪار عمل طور ڏسڻ شروع ڪري ٿو ته جنگ جو رجحان گهٽجي سگهي ٿو. ٻيو؛ جنگ جو وڌندڙ خطرو، جيڪڏهن جنگ مڪمل طور ٽيڪنالاجيءَ تي منتقل ٿي وڃي، ته تباهي وڌيڪ وڏي ۽ ضابطي کان ٻاهر ٿي سگهي ٿي. آمريڪا – اسرائيل ۽ ايران لڙائيءَ جي موجوده صورتحال ۾ اهي ٻئي امڪان گڏ موجود آهن، جتي هڪ طرف تڪرار وڌي رهيو آهي ته ٻي طرف مڪمل جنگ کان بچڻ جي ڪوشش پڻ جاري آهي.

هن سڄي لقاءَ ۾ ملڪن کي ڪهڙو سبق وٺڻ گهرجي؟ هڪ اهم سوال آهي. جهڙي ريت هن صورتحال مان اهم سبق حاصل ڪري سگهجن ٿا:

جنگ کان بچڻ لاءِ سفارتڪاري ۽ ڳالهه ٻولهه کي فروغ ڏيڻ، ٽيڪنالاجي ۾ ترقي سان گڏ امن ۽ استحڪام کي ترجيح ڏيڻ. عوام ۾ شعور پيدا ڪرڻ ته جيئن هو جنگي بيانن ۽ پروپيگنڊا کان متاثر نه ٿين.

آخر ۾ چئي سگهجي ٿو ته  The Ultimate Experience: Battlefield Revelations and the Making of Modern War Culture, 1450–2000  جديد جنگ کي سمجهڻ لاءِ هڪ اهم فڪري لکت آهي. هن ۾ يوول نوح هراري جي سوچ، خيال يا نظريو واضح ڪري ٿو ته جنگ صرف هٿيارن جو مقابلو نه آهي، پر اهو نفسياتي، ثقافتي ۽ ٽيڪنالاجي سطح تي هڪ گهرو عمل آهي. آمريڪا – اسرائيل ۽ ايران جي وچ ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ هن تبديليءَ جو عملي مثال آهي، جتي جنگ جو روايتي تصور تبديل ٿي رهيو آهي. انسان آهستي آهستي جنگ جي مرڪز مان هٽي رهيو آهي ۽ مشينون ۽ نظام ان جي جاءِ وٺي رهيا آهن. سڀ ڪجهه هوندي به  سڀ کان اهم سوال اڃا به برقرار آهي ته ڇا انسان جنگ کي ڪنٽرول ڪري سگهندو، يا جنگ انسان جي مستقبل کي طئي ڪندي؟