| جنگ جو معاشي فائدو: گوادر ۾ ٻيو جهاز لنگرانداز |
گوادر (م ڊ) عرب خطي ۾ جنگ جي صورتحال ۽ هرمز کاڙي جي بندش سبب پاڪستان جي گهري پاڻي جي بندر گاهه گوادر پورٽ جي اهميت ۾ وڌيڪ اضافو ٿي ويو آهي. گوادر ۾ هڪ ٻيو ڪارگو جهاز ڪاميابي سان لنگر انداز ٿي ويو. ايم وي يوان هانگ ويئي گوادر پورٽ تي لنگر انداز ٿيو جيڪو 34 هزار ٽن سامان کڻي پهتو. بحري جهاز تي 20 هزار کان وڌيڪ ڪارگو ايٽمز موجود آهن. ابو ظهبي ۽ ڪويت جي لاءِ ڪارگو گوادر ۾ لاٿو ويندو. حڪومت جو چوڻ آهي ته عالمي شپنگ ڪمپنين جو گوادر تي اعتماد وڌڻ لڳو آهي. گوادر پورٽ علاقائي واپار جو اهم مرڪز بڻجندو پيو وڃي. گوادر ۾ جديد سهولتون ۽ انفرااسٽرڪچر جي بهتري جاري آهي.