جنگ جو 16هون ڏينهن، ايران جو اسرائيلي وزيراعظم تي حملي جو اعلان، رونشي خاطر خارگ ٻيٽ تي وڌيڪ حملا ڪري سگهون ٿا: ٽرمپ

جنگ جو 16هون ڏينهن، ايران جو اسرائيلي وزيراعظم تي حملي جو اعلان، رونشي خاطر خارگ ٻيٽ تي وڌيڪ حملا ڪري سگهون ٿا: ٽرمپ

تهران/تل ابيب/بيروت/دوحا (م ڊ) ايران، آمريڪا ۽ اسرائيل وچ ۾ جنگ جاري آهي، حملن ۾ ايران ۽ لبنان جا وڌيڪ ڪيترائي شهري شهيد ٿي ويا، ايران جي خلائي تحقيقي مرڪز کي تباهه ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي. ايران جي پاسداران انقلاب فوج اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو کي قتل ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. ايران جي حملي ۾ اسرائيل ۾ وڏي تباهي آئي آهي ۽ ڪيترائي گهر تباهه ٿي ويا آهن 100 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿيا آهن. مليل اطلاعن موجب ايران ۽ آمريڪا ۽ اسرائيل جي جنگ ڪالهه 16هين ڏينهن به جاري رهي جنهن ۾ حملا ڪيا ويا ۽ ميزائل وسايا ويا. ايران تي حملن ۾ ڪيترائي ماڻهو شهيد ٿي ويا آهن. ايران جي فارس صوبي جي گاديءَ واري شهر شيراز ۾ رهائشي علائقن تي آمريڪي-اسرائيلي حملا ڪيا ويا جنھن ۾ نشانو بڻيل گھر مڪمل طور تباھ ٿي ويا. الجزيرھ جي رپورٽ موجب اصفھان شھر ۾ بھ فوجي، صنعتي ادارن ۽ عام شھرين جي گھرن تي حملا ڪيا ويا آھن جن ۾ ڊزنين ماڻھو شھيد ٿي ويا آھي. اولهه تهران ۾ ايراني خلائي تحقيق مرڪز کي اسرائيلي-آمريڪي حملي ۾ وڏو نقصان پهتو. آمريڪا-اسرائيل جي حملي ۾ ايران ۾ گهٽ ۾ گهٽ 153 صحت سهولتن کي نقصان پهتو آهي. جن مان 56 وڏا صحت سروس سينٽر هئا. ڪرمانشاه يونيورسٽي کي سڀ کان وڌيڪ نقصان پهتو جتي 42 يونٽ تباھھ ٿيا اصفهان 19 يونٽ کي نقصان پھتو انهن واقعن ۾ 10 ماڻهو پنهنجون زندگيون وڃائي چڪا آهن ۽ 248 ماڻهن جو علاج ڪيو ويو. اسرائيلي فوج جو چوڻ آهي ته هوائي فوجايراني فوجي انفراسٽرڪچر کي نشانو بڻايو پاسداران انقلاب ۽ باسيج يونٽ جي ڪيترن ئي مرڪزي ڪمانڊ سينٽرن کي نشانو بڻايو. جڏهن ته ايران جا حملا به جاري رهيا. اطالوي فوج مطابق ڪويت ۾ آمريڪا سان گڏجي استعمال ٿيندڙ هڪ اطالوي فوجي اڏي تي ڊرون حملو ڪيو ويو آهي. ڪو به جاني نقصان نه ٿيو آهي. ايران جي پاسداران انقلاب ڪور اعلان ڪيو آهي ته اسرائيل جي وزيراعظم نيتن ياهو کي نشانو بڻايو ويندو. پڌرائي موجب جيڪڏهن هي ٻارن کي مارڻ وارو مجرم زنده آهي، ته اسان ان جو تعاقب ۽ پوري طاقت سان قتل جي ڪوشش جاري رکنداسين. اسرائيل جي حولون شھر ۾ ايراني ميزائل حملي ۾ عمارت کي باھھ لڳي وئي. ايران جي فوج ملڪ جي ميڊيا ادارن پاران جاري ڪيل هڪ بيان ۾ چيو آهي ته ان جي فوجن اسرائيل جي “لاهو 433” اسپيشل پوليس يونٽ هيڊ ڪوارٽر ۽ گيلات ڊفينس سيٽلائيٽ ڪميونيڪيشن سينٽر کي نشانو بڻائي “طاقتور ڊرون حملا” ڪيا. ايران تل ابيب تي ميزائلن سان حملو ڪيو جنھن جي نتيجي ۾ ڇِپَ ڪرڻ سان گهٽ ۾ گهٽ 3 ماڻهو زخمي ٿيا. وچ اسرائيل ۾ ڪيترين ئي جاين تان بھ  نقصان جي رپورٽ ملي آهي. اسرائيل جي صحت واري وزارت جو چوڻ آهي ته ايران سان تڪرار ۾ گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 108 زخمي ماڻهن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو 28 فيبروري کان اڄ صبح تائين، 3,195 ماڻهن کي اسپتالن ۾ داخل ڪيو ويو جن مان 81 هن وقت اسپتال ۾ داخل آهن. سعودي عرب جي دفاع واري وزارت جو چوڻ آهي ته رياض ميٽروپوليٽن علائقي ۾ چار ڊرون سميت ڪل 10 ڊرون روڪي تباهه ڪيا ويا آهن. ايران متحده عرب امارات جي الظفره ايئر بيس تي آمريڪي فوجن تي 10 ميزائل ۽ اڻڄاتل تعداد ۾ ڊرون فائر ڪيا. بحرين جو چوڻ آهي ته ايران جي 125 ميزائل ۽ 211 ڊرون کي روڪيو ويو آهي. اسرائيل جا لبنان تي حملا جاري آهن ڏکڻ لبنان ۾ اسرائيلي حملن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 14 ماڻهو مارجي ويا آهن. اسرائيلي فوج دعويٰ ڪئي آهي ته بيروت ۾ حزب الله جي رضوان فورسز جي “ڪمانڊ سينٽرن” کي تباهه ڪري ڇڏيو. ڏکڻ لبنان ۾ “القطراني علائقي ۾ حزب الله جي ڪيترن ئي لانچ سائيٽن تي بھ حملا ڪيا ويا. ڏکڻ لبنان جي شهر صيدا جي شهرابيل علائقي ۾ هڪ رهائشي عمارت تي اسرائيلي حملي ۾ ھڪ ڄڻو شھيد ٿيڻ جا اطلاع آھن. جڏهن ته حماس اڳواڻ وسام طٰحهٰ جي شهيد ٿيڻ جي حماس تصديق ڪئي آهي. نباطيه تي اسرائيلي حملي ۾ هڪ شهري شهيد ٿي ويو. لبنان جي صحت واري وزارت جو چوڻ آهي ته اسرائيل جي حملن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 850 ماڻهو مارجي ويا آهن ۽ 2,105 زخمي ٿيا آهن. حزب اللھ جو چوڻ آهي ته هن ڪفار يوول آبادي جي اتر ۾ ڪيلف هِل سائيٽ تي اسرائيلي فوجين تي راڪيٽ فائر ڪيا ۽ لبنان جي سرحدي شهر ميس الجبل جي سامهون جبيا پوائنٽ تي سپاهين تي توپخاني سان فائر ڪيا. جڏهن ته شهر طيب جي ويجهو هڪ اسرائيلي مرڪوا ٽينڪ کي نشانو بڻايو ويو.
 

واشنگٽن (م ڊ) صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته ايران جي تيل جي اهم انفراسٽرڪچر خارگ ٻيٽ آمريڪي بمباري سان “مڪمل طور تي تباهه” ٿي ويو آهي، ايران جنگ بندي تي ڳالهيون ڪرڻ چاهي ٿو. اين بي سي نيوز سان ڳالھائيندي ٽرمپ چيو تھ آمريڪي فوج ٻيٽ کي مڪمل طور تي تباهه” ڪري ڇڏيو آھي پر اسان رڳو رونشي خاطر ڪجھھ وڌيڪ ميزائل ھڻي سگھون ٿا. هڪ بيان ۾ هن چيو ته ٻڌو آهي ته ايراني سپريم ليڊر مجتبيٰ خامنه اي هاڻي جيئرو ناهي پر اها خبر افواهه ٿي سگهي ٿي. آمريڪا ايران کي فوجي ۽ معاشي طور تي مڪمل طور تي شڪست ڏئي ڇڏي آهي، خارگ ٻيٽ جو گهڻو حصو مڪمل طور تي تباهه ڪري ڇڏيو آهي، ۽ شايد صرف رونشي خاطر خارگ ٻيٽ تي وڌيڪ حملا ڪيا وڃن اهو اڃا تائين واضح ناهي ته ايران هرمز کاڙي ۾ بارودي سرنگون وڇايون آهن يا نه. آمريڪي صدر اهو به چيو ته هرمز مان تيل وٺندڙ ملڪن کي پاڻ هن رستي جي حفاظت کي يقيني بڻائڻ گهرجي، آمريڪا انهن ملڪن سان سمنڊ جي گذرگاهه جي حفاظت لاءِ تعاون ڪندو، هميشه ٽيم ورڪ هجڻ گهرجي، هاڻي دنيا امن ۽ استحڪام ڏانهن وڌندي. ايران تڪرار کي ختم ڪرڻ لاءِ هڪ معاهدو ڪرڻ چاهي ٿو پر ايران پاران پيش ڪيل شرط اڃا تائين سٺا نه آهن.
 

تهران (م ڊ) ايران جي پرڏيهي وزير عباس عراقچي چيو آهي ته ايران جو رچايل يورينيم تباهه ڪيل ايٽمي ٺڪاڻن جي ملبي هيٺان دٻيل آهي جنهن کي ايجنسي جي نگراني ۾ حاصل ڪري سگهجي ٿو هن وقت اسان وٽ ڪو به ايٽمي پروگرام ناهي. اسان ملبي هيٺان ڪڍي نه ٿا سگهون آمريڪي ٽي وي سان ڳالهائيندي هن وڌيڪ چيو ته ايران اڳ ۾ آمريڪا سان ڳالهين ۾ پنهنجي 60 سيڪڙو رچايل يورينيم کي گهٽائڻ جي آڇ ڪئي هئي، پر في الحال اها آڇ موجود نه آهي. هن چيو ته ايران ۾ قيد آمريڪي صحافي رضا وليزاده ۽ ڪامران حڪمتي تيستائين محفوظ آهن جيستائين آمريڪا يا اسرائيل اسان جي جيلن تي حملو نه ٿا ڪن. هن تسليم ڪيو ته ايرانين کي عام طور تي انٽرنيٽ تائين رسائي نه آهي پر مون وٽ انٽرنيٽ تائين رسائي آهي. اسان جي آواز کي بين الاقوامي برادري ٻڌي رهي آهي. پر انٽرنيٽ سيڪيورٽي سببن جي ڪري بند آهي، ڇاڪاڻ ته اسان تي حملو ٿي رهيو آهي، اسان تي جارحيت ٿي رهي آهي ۽ اسان کي پنهنجي ماڻهن جي حفاظت لاءِ سڀ ڪجهه ڪرڻو پوندو.هن پاڙيسري ملڪن ميزائل ۽ ڊرون حملن جي حمايت ڪندي چيو ته هي اهي ملڪ آهن جن پنهنجي زمين آمريڪي فوجن کي اسان تي حملو ڪرڻ لاءِ ڏني آهي پوءِ اسان ڇا ڪريون ؟ اسان صرف ويٺا رهون ۽ ڏسندا رهون ته آمريڪي فوجون هنن جي سرزمين تان اسان تي حملو ڪري رهيون آهن؟اسان صرف آمريڪي اثاثن، آمريڪي تنصيبات ۽ آمريڪي فوجي اڏن کي نشانو بڻائي رهيا آهيون. هن چيو ته چيو ته ايراني فوجن ٻين قومن جي جهازن لاءِ هرمز کان محفوظ رستو فراهم ڪيو آهي هرمز مڪمل طور تي بند نه آهي پر آمريڪي جارحيت عدم تحفظ پيدا ڪيو آهي. جهاز پاڻ نه پيا اچن هن چيو ته تهران جنگ بندي جي درخواست نه ڪئي آهي ۽ نه ئي واشنگٽن سان ڳالهين جي ڪوشش ڪئي آهي پرپنهنجو دفاع جاري رکنداسين. اسان اهو ڪندا رهنداسين جيستائين صدر ٽرمپ ان نقطي تي نه اچي ته هي هڪ غير قانوني جنگ آهي جنهن ۾ ڪا فتح ناهي. ماڻهو صرف ان ڪري ماريا پيا وڃن جو صدر ٽرمپ مزو وٺڻ چاهي ٿو. اها ڳالهه هن ئي چئي آهي. هن ان خيال کي به رد ڪري ڇڏيو ته ايران بقا جي جنگ وڙهي رهيو آهي هن چيو ته حڪومت مستحڪم ۽ ڪافي مضبوط آهي ڳالهين کان سواءِ پنهنجي ماڻهن جو دفاع ڪري سگهي.