جنگ جي ڪري زراعت کي به نقصان جو خدشو

جنگ جي ڪري زراعت کي به نقصان جو خدشو

دوحا (م ڊ) ڏکڻ ايشيا جي ملڪن کان ھزارين ڪلوميٽر پري پکڙيل ايران سان آمريڪا ۽ اسرائيل جي جنگ خطي جي هارين کي بھ متاثر ڪري رھي آھي ۽ ھاڻ انھن جي گذر سفر جي وسيلن تي اثر ڇڏي رھي آھي. هرمز کاڙي جي بندش جي ڪري خطي ۾ نائٽروجن جي فراھمي بھ رڪجي وئي آھي جيڪا نائٽروجن تي ٻڌل ڀاڻ ٺاهڻ لاءِ ضروري آهي. ڀاڻ جي فراهمي ۾ رڪاوٽن سان  فصلن جي پيداوار گهٽجي سگهي ٿي، قيمتون وڌي سگهن ٿيون ۽ کاڌي جي قيمتن ۾ اضافو ٿي سگھي ٿو. پاڪستان جي ڪڻڪ جي هاري منير احمد الجزيره کي ٻڌايو تھ جيڪڏهن ڀاڻ مهانگو ٿي وڃي ٿو ته ان سان اسان جي ملڪ ۾ ھر ڪو متاثر ٿيندو.