| جنگ جي ڪري سڄي دنيا ۾ خوراڪ بحران جو خطرو |
دوحا (م ڊ) دنيا جي سڀ کان وڏي ڀاڻ ڪمپنين مان هڪ جي سربراهه جو چوڻ آهي ته ايران ۾ جنگ ڀاڻ ۽ ان جي اهم جزن جي فراهمي ۾ خلل وجهي رهي آهي. نتيجو عالمي سطح تي خوراڪ جي کوٽ ٿي سگهي ٿو يارا جي چيف ايگزيڪيوٽو سوين ٽوري هولسٽر بي بي سي کي ٻڌايو ته خليج جي علائقي ۾ جاري ويڙهه عالمي خوراڪ جي پيداوارلاءِ خطرو آهي. هن خبردار ڪيو ته ڀاڻ جي استعمال ۾ گهٽتائي فصلن جي پيداوار ۾ گهٽتائي جو سبب بڻجي سگهي ٿي، جنهن جي نتيجي ۾ ملڪن جي وچ ۾ کاڌي جي جنگ شروع ٿي سگهي ٿي. هن چيو ته غريب ترين ملڪ سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندا. سوين ٽوري هولسٽر يورپي ملڪن تي زور ڏنو ته قيمت جي جنگ جي اثر تي سنجيدگي سان غور ڪن ڇاڪاڻ ته اهو ٻين ملڪن جي سڀ کان وڌيڪ ڪمزور شعبن تي بار وجهي سگهي ٿو.