| جنگ جي ڪري عالمي اسٽاڪ مارڪيٽ ڪريش |
ڪراچي (م ڊ) ايران ۽ آمريڪا جي جنگ عالمي اسٽاڪ مارڪيٽ کي ڪريش ڪري ڇڏيو. چين ۽ هانگ ڪانگ ۾ اسٽاڪ ايڪسچينج سال جي بدترين شروعات ڪئي. هانگ ڪانگ جو هينگ سينگ انڊيڪس 3.3 سيڪڙو گهٽجي 24,435.74 ٿيو. جڏهن ته شنگھائي ڪمپوزٽ 2.3 سيڪڙو گهٽجي 3,867.51 تي آيو. سنگاپور جو اسٽريٽ ٽائمز انڊيڪس پڻ سومر تي 2.1 سيڪڙو گھٽجي 4,884.710 تي رھيو. فلپائن اسٽاڪ ايڪسچينج پڻ 3.17 سيڪڙو گهٽجي وئي جڏهن ته ٿائيلينڊ جي اسٽاڪ ايڪسچينج 2.15 سيڪڙو گهٽي. ٽوڪيو جو نڪي انڊيڪس 3.4 کان 3.5 سيڪڙو گهٽجي 51,582.23 تي آيو. جڏهن ته ڏکڻ ڪوريا جي ڪرنسي ڊالر جي ڀيٽ ۾ 17 سالن جي سڀ کان گهٽ سطح تي اچي وئي. ڏکڻ ڪوريا ۾ هڪ ڊالر 1510 وون جو ٿي ويو، ڊالر جي ڀيٽ ۾ ڏکڻ ڪورين ڪرنسي 2009 کانپوءِ سڀ کان گهٽ سطح تي اچي وئي.