| جنگ جي ڪري هڪ ارب بيرل تيل غائب ٿيڻ جو انڪشاف |
واشنگٽن (م ڊ) ايران سان آمريڪا ۽اسرائيل جي جنگ جي ڪري هڪ ارب بيرل کان وڌيڪ تيل غائب ٿي ويو آهي. آمريڪي ٽي وي سي اين اين پنهنجي هڪ رپورٽ ۾ چيو آهي ته سٺي خبر آهي ته هرمز ٻيهر کليل آهي، جڏهن ته ايران ۽ آمريڪا هن هفتي هڪ مفاهمت جي ياداشت تي صحيحون ڪيون آهن. خراب خبر آهي ته شايد تمام دير ٿي چڪي آهي. وچ اوڀر مان تيل تقريبن چئن مهينن کان ٻاهر نه اچي رهيو آهي. تجزياتي فرم ڪيپلر مطابق دنيا جنگ دوران 1.15 بلين بيرل تيل جي فراهمي وڃائي ڇڏي. ان تيل جي مارڪيٽ کي هڪ غير يقيني حالت ۾ ڇڏي ڏنو آهي ۽ اهو تيزي سان هڪ ٽٽندڙ نقطي تي پهچي رهيو آهي. انٽرنيشنل انرجي ايڊمنسٽريشن جا اسٽريٽجڪ پيٽروليم ذخيرا 1990 کان وٺي پنهنجي گهٽ ترين سطح تي آهن.