جنگ خاتمي بابت خبرون، عالمي مارڪيٽ ۾ تيل اگهن ۾ لاها چاڙها

جنگ خاتمي بابت خبرون، عالمي مارڪيٽ ۾ تيل اگهن ۾ لاها چاڙها

واشنگٽن (م ڊ) برينٽ ڪچو تيل 118 ڊالر لاٿ کانپوءِ 106 ڊالر في بيرل تي اچي ويو آهي، جڏهن ته ڊبليو ٽي آءِ ڪچو تيل 103 ڊالر في بيرل تي مستحڪم آهي. ان کانسواءِ يو اي اي مربن ڪچو تيل 3 سيڪڙو واڌ بعد 121 ڊالر في بيرل تي وڪرو ٿي رهيو آهي.ٻئي پاسي آمريڪي اسٽاڪ مارڪيٽن ۾ تيزي ڏسڻ ۾ آئي آهي. ڊائو انڊيڪس ۾ اڍائي سيڪڙو، ايس اينڊ پي ۾ 2.91 ۽ نياسڊيڪ ۾ 3.83 سيڪڙو واڌ رڪارڊ ڪئي وئي.