واشنگٽن (م ڊ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته ايران خلاف جاري جنگ جلد ختم ٿيڻ واري آهي ۽ حالتون تيزي سان ڪنهن معاهدي ڏانهن وڌي رهيون آهن. هڪ انٽرويو ۾ ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته منهنجي خيال ۾ جنگ ختم ٿيڻ جي ويجهو آهي، مان ان کي تقريبن ختم سمجهان ٿو، ايندڙ ڏينهن ۾ صورتحال وڌيڪ واضح ٿي ويندي. هن هڪ ڀيرو ٻيهر دعويٰ ڪئي ته جيڪڏهن آمريڪا جنگ نه ڪري ها ته ايران هن مهل تائين ايٽمي هٿيار حاصل ڪري چڪو هجي ها، آمريڪي ڪارروائين ايران جي ايٽمي هٿيارن جي ارادن کي روڪڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. سندس وڌيڪ چوڻ هو ته ايران جي حملن تي نار ملڪن کي وڏو جهٽڪو لڳو، انهن کي اميد نه هئي ته ايران مٿن حملا ڪندو. هڪ ٻئي انٽرويو ۾ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته هرمز کاڙي ٻيهر کلي رهي آهي ۽ جهاز ان مان گذرڻ شروع ٿي ويا آهن. پنهنجي سوشل ميڊيا پليٽ فارم ‘ٽروٿ سوشل’ تي هڪ بيان ۾ ٽرمپ چيو ته چين ايران کي هٿيار نه موڪلڻ تي رضامند ٿي ويو آهي واشنگٽن ڊي سي ۾ وائيٽ هائوس جي اوول آفيس ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي، ٽرمپ چيو ته هن چيني صدر شي جن پنگ کي خط لکيو آهي جنهن ۾ هن معاملي جي درخواست ڪئي وئي آهي. چين تمام گهڻو خوش آهي ته آئون هرمز کاڙي کي مستقل طور تي کولي رهيو آهيان. آئون اهو انهن لاءِ ۽ سڄي دنيا لاءِ ڪري رهيو آهيان. اها صورتحال ٻيهر ڪڏهن به نه ٿيندي. انهن اتفاق ڪيو آهي ته اهي ايران کي هٿيار نه موڪليندا. پنهنجي بيان ۾ ٽرمپ اهو به چيو ته آمريڪا ۽ چين گڏجي هن معاملي تي دانشمندانه ۽ تمام سٺي نموني ڪم ڪري رهيا آهن، آمريڪا وٽ ضرورت پوڻ تي جنگ ڪرڻ جي مڪمل صلاحيت پڻ آهي. ٻئي طرف آمريڪي نائب صدر جي ڊي وينس چيو آهي ته صدر ٽرمپ ايران سان ننڍڙو معاهدو نه پر هڪ تمام وڏو معاهدو ڪرڻ چاهي ٿو. هڪ مذاڪري ۾ ڳالهائيندي آمريڪي نائب صدر چيو ته ايران سان ڪو به مفيد معاهدو نه ٿي سگهيو ڇاڪاڻ ته ٽرمپ هڪ اهڙو معاهدو چاهي ٿو جنهن تحت ايران وٽ ايٽمي هٿيار نه هجن ۽ رياستي سطح تي دهشتگردي جي سرپرستي نه ڪري. جيڪڏهن ايران واعدو ڪري ٿو ته هو ايٽمي هٿيار نه ٺاهيندو ته اسان يقيني بڻائينداسين ته ايران معاشي طور تي خوشحال هجي. هي اها آڇ آهي جيڪا آمريڪي صدر (ايران کي) ڏئي رهيو آهي ۽ اسان ان کي ممڪن بڻائڻ لاءِ ڳالهيون جاري رکنداسين. جي ڊي وينس مطابق آمريڪي صدر ٽرمپ کيس پاڪستان وڃڻ ۽ نيڪ نيتي سان ايران سان ڳالهيون ڪرڻ لاءِ چيو هو. بهرحال آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ تمام گهڻي بي اعتمادي آهي جنهن کي راتو رات ختم نٿو ڪري سگهجي. سٺي ڳالهه اها آهي ته جنگ بندي جاري آهي ۽ اسان کي سٺو محسوس ٿئي ٿو ته اسان ڪٿي آهيون.