جنگ خلاف ڊپلوميسي: اسلام آباد ۾ اڄ 4 ملڪي ويهڪ: وزيراعظم جو ايراني صدر سان رابطو: امن بابت هڪ ڪلاڪ ڳالهيون

جنگ خلاف ڊپلوميسي: اسلام آباد ۾ اڄ 4 ملڪي ويهڪ: وزيراعظم جو ايراني صدر سان رابطو: امن بابت هڪ ڪلاڪ ڳالهيون

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) جنگ جي خاتمي لاءِ جاري سفارتي ڪوشش ۾ اهم اڳڀرائي، اسلام آباد ۾ اڄ 4 ملڪي ويهڪ ٿيندي. سعودي عرب، ترڪيه، مصر ۽ پاڪستان جا پرڏيهي وزير  ٻن ڏينهن جي اهم دوري تي اڄ  اسلام آباد پهچندا. تفصيل موجب خطي ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ ۽ امن جي قيام لاءِ اهم سفارتي اڳڀرائي طورسعودي عرب، ترڪيه ۽ مصر جا پرڏيهي وزير ٻن ڏينهن جي دوري تي اڄ اسلام آباد پهچندا، وزيراعظم شهباز شريف ۽ ٻين سان ملاقاتون ڪندا، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار جي صدارت هيٺ 4 ملڪي گڏجاڻي ٿيندي. جنهن ۾ سعودي پرڏيهي وزير فيصل بن فرحان السعود، ترڪي جو  پرڏيهي وزير حڪان فيدان ۽ مصر جو پرڏيهي وزير بدر عبدالعاطي شرڪت ڪندا. گڏجاڻي ۾ وچ اوڀر صورتحال بابت ڳالهيون ٿينديون، اسحاق ڊار  آمريڪا ايران ڳالهين لاءِ سفارتي ڪوشش ۾ ٿيل اڳڀرائي بابت بريفنگ ڏيندو، جڏهن ته  آئنده جي حڪمت عملي به طئي ڪئي ويندي. ٻئي طرف پرڏيهي وزير اسحاق ڊار تصديق ڪندي چيو آهي ته 4 ملڪي اجلاس ترڪي ۾ ٿيڻ وارو هو پر مصروفيتن سبب ڀائر ملڪن کي اسلام آباد ۾ ملڻ جي دعوت ڏني وئي. هن چيو ته پاڪستان ايمانداري ۽ نيڪ نيتي سان تڪرار ختم ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آهي، دوست ملڪ به مڪمل سهڪار ڪري رهيا آهن، ايران ۽ آمريڪا سان به ڳالهه ٻولهه جاري آهي. پرڏيهي وزارت موجب پرڏيهي وزيرن جو دورو نائب وزيراعظم اسحاق ڊار جي دعوت ٿي رهيو آهي، دوري دوران خطي جي صورتحال ۽ ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي سوڌو اهم معاملن تي صلاح مشورا ڪيا ويندا.
 

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف ۽ ايراني صدر مسعود پزشڪيان ۾ هڪ ڪلاڪ تائين ڊگهي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي. تفصيل موجب وزيراعظم شهباز شريف ۽ ايراني صدر مسعود پزشڪيان وچ ۾ هڪ هفتي دوران ٻيو ڀيرو ٽيليفونڪ رابطو ٿيو، جنهن ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ تفصيلي گفتگو ڪئي وئي.وزيراعظم هائوس طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته وزيراعظم ۽ ايراني صدر ۾ گفتگو هڪ ڪلاڪ کان وڌيڪ وقت تائين جاري رهي، ٻنهي اڳواڻن خطي ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ ۽ امن جي ڪوششن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم ايران تي حملن جي سخت مذمت ڪئي ۽ ڏکئي وقت ۾ ايراني عوام سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪيو. شهباز شريف پاڪستان طرفان امن جي قدمن جي ڀرپور حمايت جو ذڪر ڪندي وزيراعظم چيو اُميد ته اجتماعي ڪوششن سان ڇڪتاڻ ختم ڪرڻ جو ڪو اثرائتو دڳ نڪرندو، پاڪستان خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ پنهنجو تعميري ڪردار جاري رکندو . وزيراعظم پاڪستان جي سفارتي ڪوششن بابت آگاهي ڏيندي چيو ته پرڏيهي وزير اسحاق ڊار ۽ فيلڊ مارشل عاصم منير سميت آمريڪا، خليجي ۽ اسلامي ملڪن سان رابطا جاري آهن ته جيئن امن ڳالهين لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪيو وڃي. ايراني صدر وزيراعظم جي ڪوششن کي ساراهيندي اعتماد سازي ۽ ڳالهين ذريعي تڪرار جي حل تي زور ڏنو، ايراني صدر   پاڪستان جي مثبت ڪردار جي واکاڻ ڪندي ٽياڪڙي لاءِ اعتماد سازي جي ضرورت تي زور ڀريو. صدر مسعود پزشڪيان چيو ته اسين ڳالهين ذريعي تڪرار جو حل چاهيون ٿا. وزيراعظم شهباز شريف يقين ڏياريو ته پاڪستان خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ پنهنجو تعميري ڪردار جاري رکندو.