جنگ سبب ايراني معيشت تباهه، قيمتن ۾ اضافو

جنگ سبب ايراني معيشت تباهه، قيمتن ۾ اضافو

تهران (م ڊ) ايران تي آمريڪا ۽ اسرائيل جي حملن جا تازا انگ اکر جاري ڪيا ويا آهن جنهن ۾ ظاهر ٿيو آهي ته ستن هفتن جي جنگ ايران جي انفراسٽرڪچر ۽ معيشت کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي، 3,300 کان وڌيڪ ماڻهو مارجي ويا آهن ۽ 125,000 کان وڌيڪ عمارتن کي نقصان پهتو آهي.الجزيره جي رپورٽ موجب ملڪ جون اهم صنعتون، جن ۾ اسٽيل ۽ پيٽروڪيميڪل شامل آهن، تباهه ٿي ويون آهن، جنهن جي ڪري شين جون قيمتون وڌي ويون آهن ۽ لکين ماڻهو بيروزگار ٿي ويا آهن. هڪ نازڪ جنگ بندي جي باوجود روزاني زندگي ۽ معيشت تي دٻاءُ وڌي رهيو آهي.