جنگ سبب دنيا سڀ کان وڏي توانائي بحران جو شڪار

جنگ سبب دنيا سڀ کان وڏي توانائي بحران جو شڪار

ڪينبرا (م ڊ) بين الاقوامي توانائي ايجنسي جي سربراهه فتح بيرول خبردار ڪيو آهي ته دنيا 1970 جي تيل بحران ۽ يوڪرين جي جنگ جي نتيجي ۾ پيدا ٿيل بحران کان به بدتر توانائي بحران کي منهن ڏئي رهي آهي. ايران تي آمريڪا-اسرائيل جنگ جي ڪري پيدا ٿيل توانائي جي بحران 1973 ۽ 1979 جي تيل جي بحرانن ۽ گئس جي کوٽ کان وڌيڪ مسئلو پيدا ڪيو آهي. ھن چيو تھ هي بحران تيل بحران ۽ گئس جي کوٽ کي گڏ ڪري ويو آھي. بيرول چيو ته هرمز کاڙيءَ جي اثرائتي بندش ۽ توانائي جي سهولتن تي حملن عالمي تيل جي فراهمي کي تقريباً 11 ملين بيرل في ڏينهن تائين گهٽائي ڇڏيو آهي، جيڪو 1970 جي ڏهاڪي جي بحرانن جي گڏيل گھٽتائي کان ٻيڻو آهي.