جنگ صرف علائقائي نه، پر عالمي بحران بڻجي وئي آهي … جاويد ڀٽي

                 اڄ جڏهن وچ اوڀر جي آسمان تي بارود ۽ جنگ جا ڪڪر لٿا نہ آهن، سمنڊن ۾ جنگي ٻيڙا لنگر انداز آهن ۽ تيل جون پائيپ لائينون جنگ جي خوف سبب بند آهن، تڏهن دنيا جو هر سوچيندڙ ذهن هڪ ئي سوال پڇي رهيو آهي ته هي راند ڪيستائين هلندي ۽ ان جي پڄاڻي ڪھڙي ٿيندي؟

                 هيءَ جنگ هاڻ صرف ٻن ملڪن يا ٻن فوجن جي وچ ۾ نہ آھي. هيءَ هڪ اهڙي باھه آهي، جنهن جا شعلا يمن جي پهاڙن کان لبنان جي گهٽين تائين، خليج جي سمنڊن کان ”باب المندب“ جي تنگ رستن تائين، ۽ واشنگٽن جي اقتدار جي ڀتين کان پاڪستان، اومان، ترڪي، مصر، بيجنگ ۽ ماسڪو جي سفارتي ٽيبلن تائين پکڙجي چڪا آهن. هڪ طرف آمريڪا ۽ اسرائيل آهن، ٻئي طرف ايران ۽ سندس اتحادي آهن، ۽ وچ ۾ عرب دنيا آهي، جيڪا سياسي طرح ورهايل آهي. سوال اهو ناهي تہ جنگ وري شروع ٿيندي يا نہ، سوال اهو آهي تہ جڏهن دنيا جون وڏيون طاقتون هڪ ئي شطرنج جي بساط تي آمھون سامھون بيٺيون آهن تہ ڇا ڪو به غلط حل پوري دنيا کي ڪنهن اهڙي تباهيءَ ڏانهن ڌڪي سگهي ٿو، جتان واپسي ناممڪن هجي؟

فوجي ۽ سياسي حڪمت عملي ٻه ڌار ڌار شيون آهن. دنيا جا جنگي حڪمت عملي جا ماهر هن جنگ تي سخت پريشان آهن. انهن جو چوڻ آهي ته هي پهريون آمريڪي صدر آهي، جيڪو پاڻ ئي ڪنهن معاملي تي ڪليئر ناهي، هڪ پاسي سندس خاندان ۽ ڪمپني وارا پئسن واري سياست پيا ڪرائينس ته ٻئي پاسي ريپبلڪن پارٽي سندس بيان بازيءَ تي ايتري پريشان آهي جو واپسيءَ جو رستو به نه پيو ملين. مڊٽرم چونڊون ٿيڻ واريون آهن، پارٽي ڀڃ ڊاهه جو شڪار ٿي وئي آهي. ڊيموڪريٽس اڳيان وڌي رهيا آهن، جنگي ۽ ٽيرف پاليسين سبب وڏيون وڏيون ڪمپنيون ڪاروبار جي لاهن چاڙهن ڪري ٻڏتر جو شڪار آهن. ايران سان ڳالهين واري ضد تي يهودي سيڙپڪارن هٿ بند ڪرڻ شروع ڪيو آهي. جنگ تي کربين ڊالر خرچ ٿيڻ ڪري پينٽاگون به پريشان ٿي وئي آهي. دشمنن سان گڏ هاڻ دوست به اعتبار ڪرڻ لاءِ تيار ناهن.

دفاعي ماهرن جو چوڻ آهي ته اصل ۾ آمريڪا ماضيءَ کي ڏسندي ايران سان ڪنهن به وڏي جنگ کان ڊڄي پيو، ۽ هاڻ هو ان جو اثر به وڃائڻ نه ٿو چاهي. جنگ ۾ هاڻ صرف هڪ ملڪ ناهي، لبنان جي حزب الله، يمن جا حوثي ۽ عراق جي مليشيا به ويڙهه ۾ شامل ٿي وئي آهي. هرمز وارو سامونڊي لنگهه بند آهي، آمريڪا ۾ مهانگائي وڌي وئي آهي. عالمي واپار تباهه ٿي ويو آهي. انگريزن کان ويٽنام، عراق ۽ افغانستان وسريا ناهن. دفاعي ماهرن جو چوڻ آهي ته آمريڪا جو وچ اوڀر ڇڏڻ جو مطلب روس ۽ چين لاءِ جاء خالي ڪرڻ آهي ۽ واشنگٽن ائين ڪڏهن نه چاهيندو. ڪيترن ڏهاڪن کان واشنگٽن عرب ملڪن جي معيشت کي ڪنٽرول ڪندو رهيو آهي، جيڪو هاڻ ختم ٿي رهيو آهي. ان ڪري آمريڪا نه مڪمل جنگ، نه ئي مڪمل امن چاهي ٿو، آمريڪا هن وقت اهڙي دنگ تي بيٺو آهي، جتان ان لاءِ ٻاهر نڪرڻ مشڪل ٿي ويو آهي. طاقت جو توازن بگڙجي ويو آهي. فوجي ۽ سفارتي محاذ ڪمزور ٿي ويا اٿس. اصل ۾ هو غير ڪنٽرول ٿيل جنگ کان ڊڄي ٿو ۽ هو پنهنجي اثر کي وڃائڻ به نٿو چاهي، ڇاڪاڻ ته اهو سندس عالمي طاقت جو بنياد آهي. آمريڪا جو اصل مقصد جنگ کٽڻ نه، پر راند کي پنهنجي ڪنٽرول ۾ رکڻ آهي.

ايراني جنگي حڪمت عملي عرب ملڪن کي آمريڪا کان ڌار ٿيڻ تي مجبور ڪري ورتو آهي. نوان اتحاد ٺهڻ شروع ٿي ويا آهن. اسرائيل اڪيلائي جو شڪار ٿيندو پيو وڃي. هرمز واري سامونڊي لنگهه کانپوءِ ”باب المندب“ ريڊ سي کان سوئز ڪئنال جي بندش جا چؤٻول هلي رهيا آهن. 115 ڪلوميٽر ڊگهو ۽ 36 ڪلوميٽر ويڪرو آبنائي باب المندب 1869ع تي سوئيز ڪئنال جي تعمير بعد عالمي واپار جي ڪرنگهي جي هڏي بڻجي ويو آهي. جيڪو يورپ ۽ ايشيا تائين وڃي ٿو. باب المندب کي عربي ۾ ” ڳوڙهن وارو در“ چيو ويندو آهي. جتان سعودي عرب سميت سمورن عرب ملڪن جو تيل، گيس، ڀاڻ ۽ کاڄرو سامان دنيا ۾ سپلاءِ ٿيندو آهي. ڳاڙھي سمنڊ کان جبوتي ۽ ايريٽيريا جي آفريڪي ڪناري تائين هزارين مال ڍوئيندڙ ٽينڪر خوف کان رستي ۾ بيٺل آهن. انڊونيشيا به پنهنجي ملائڪا سامونڊي لنگهه تي ٽيڪس هڻڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو آهي.

تاريخ ان سبق کي ياد ڪري ٿي ته جڏهن به ڪو وطن اهو سمجهندو آهي ته هو پنهنجي ”بقا جي جنگ“ وڙهي رهيو آهي ته هو جهڪندو ناهي. 1918ع کان 2003 تائين سمورن عرب ملڪن سان نيٽو ۽ آمريڪا ڪهڙا قهر ڪيا، اها سڀني کي خبر آهي. جبر اڪثر ان وقت ناڪام ٿيندو آهي، جڏهن آمريڪي مطالبا هڪ ڪمزور رياست جي بقا لاءِ خطرو بڻجي وڃن. دفاعي ماهرن جو چوڻ آهي ته هي جنگ اصل ۾ پيٽرول حاصل ڪرڻ لاءِ آهي. باقي ايٽمي معاملا انهن لاءِ ڪا اهميت نه ٿا رکن.

موجوده جنگ مسلم دنيا لاءِ هڪ وڏو سياسي امتحان بڻجي چڪي آهي. هن وقت مسلم دنيا مختلف مفادن، حڪمت عملين ۽ خوفن ۾ ورهايل آهي. گهڻا عرب ملڪ سڌي جنگ ۾ شامل ٿيڻ کان لنوائي رهيا آهن. تازي ايراني بمباري بعد ڪيترن ملڪن آمريڪا کي اڏا ڏيڻ بند ڪري ڇڏيا آهن، ڇو جو جنگ سندن معيشت کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي. تيل ۽ گيس جا ڪارخانا بند ٿي ويا آهن. عالمي سيڙپڪار ۽ شهري عرب ملڪن مان ڀڄي ويا آهن. آھي جنگ کان وڌيڪ معيشت ۽ استحڪام کي ترجيح ڏين ٿا. گڏيل حڪمت عملي جي کوٽ سبب هر ڪو پنهنجي مفادن ۾ فيصلا ڪري رهيو آهي. سمورن عرب ۽ مسلم ملڪن جو عوام ايران جي حمايت ۾ اٿي بيٺو آهي. لبنان ۾ گهرو تڪرار وڌي رهيو، ان ڪري هيءَ جنگ ڊگهي ٿي سگهي ٿي. مسلم دنيا هن وقت جذباتي طور متحد پر سياسي طور ورهايل آهي. ان ڪري ڪو به گڏيل مسلم اتحاد نه پيو جڙي سگهي.

وچ اوڀر جي جنگ هڪ وڏي جيوپوليٽيڪل حڪمت عملي جو حصو آهي، جنهن ۾ اسرائيل آمريڪي مدد سان پوري وچ اوڀر کي پنهنجي هٿ وس رکڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، عرب ملڪن کانسواءِ کيس اصل خطرو ايران مان آهي. پر هو ايران کي مڪمل طور تي ختم نه پر ان کي ڪمزور ڪرڻ جي پاليسيءَ تي هلي رهيو آهي، جيئن ان سان عرب ملڪن کي پنهنجي ڪنٽرول ۾ رکي سگهجي. غزه تي هو مڪمل فوجي ڪنٽرول حاصل ڪري چڪو آهي، شام هن جي لت هيٺ آهي، ڏکڻ لبنان کي ضم ڪري چڪو آهي. پاڻ کي فوجي طور سڀ کان مضبوط طاقت رکڻ ۾ ڪامياب ويو آهي. اها جنگ اسرائيلي سياست ۾ وڏو عنصر بڻجي وئي آهي. ڪجهه ماهرن جو خيال آهي ته اها جنگ سياسي بقا لاءِ به استعمال ٿي رهي آهي. ايران جي ڪري اسرائيل جو ڪنهن کي به فتح ڪرڻ هاڻ ڏکيو بڻجي ويو آهي. ان مان ثابت ٿيو آهي ته طاقتور ملڪ به غير متوازن جنگين ۾ ڦاسي سگهن ٿا. هيءَ جنگ صرف زمين لاءِ نه، پر اثر، طاقت ۽ مستقبل جي حڪمراني لاءِ آهي.

جنگي ماهرن جو چوڻ آهي ته ايران صرف جنگي ردعمل نه پر هڪ ڊگهي جيوپوليٽيڪل حڪمت عملي تحت طاقت، اثر، ۽ بقا جي مقصد سان وڙهي رهيو آهي هاڻ سوال اهو آهي ته ڇا ايران صرف دفاع ڪري رهيو آهي، يا هڪ وڏي علائقائي راند کي اڳتي وڌائي رهيو آهي؟ هو پنهنجي سياسي ۽ مذهبي نظام کي بچائڻ، آمريڪا ۽ اسرائيل کي روڪڻ لاءِ مقابلي بدران متبادل حڪمت عملي اختيار ڪري ٿو. ان ڪري بقا ايران جي سڀني پاليسين جو مرڪز آهي. هو دشمنن کي ڪيترن ئي محاذن تي مصروف رکيو ويٺو آهي. هو کليل جنگ کان بچي پنهنجي ايٽمي طاقت حاصل ڪرڻ چاهي ٿو. ايران خطري ۽ موقعن جي وچ ۾ توازن رکڻ جي ڪوشش ڪري ٿو ۽ هو جنگ کٽڻ کان وڌيڪ راند کي ڪنٽرول ڪرڻ چاهي ٿو. هو سڌي جنگ کان پاسو ڪري علائقي ۾ پنهنجو اثر وڌائي رهيو آهي. ايراني حڪمت عملي شطرنج وانگر آهي، جتي هر مھرو سڌي فتح لاءِ نه پر مستقبل جي طاقت لاءِ کيڏيو وڃي ٿو. پر وچ اوڀر ۾ آمريڪا هڪ اهڙو رانديگر آهي، جيڪو هر وقت راند کي ختم ڪرڻ بدران ان کي پنهنجي حق ۾ هلائيندو رهي ٿو.

دنيا هوريان هوريان يوڪرين، تائيوان ۽ وچ اوڀر جي حوالي سان آمريڪا، روس، چين ۽ ايران جي هڪ نئين ڪولڊ وار ڏانهن وڌي رهي آهي. اهي چارئي ملڪ سڌو وڙهيا ته ان کي ٽئين عالمي جنگ سڏيو ويندو. ڇو جو سڀ وڏا ملڪ ايٽمي طاقت رکن ٿا، ان ڪري هڪ غلطي وڏي تباهي آڻي سگهي ٿي. هن وقت وڏيون طاقتون سڌي جنگ بدران ٻين ذريعن سان مقابلو ڪن ٿيون. هن وقت چارئي ڌريون ٽيڪنالاجي وار ۾ هلي رهيون آهن. سائبر حملن، اي آء ۽ سوشل ميڊيا جي غير روايتي جنگ جاري آهي. ان ڪري دنيا هن وقت نه مڪمل امن ۾ ، نه مڪمل جنگ ۾ پر هڪ اهڙي دؤر ۾ آهي، جتي وڏيون طاقتون سڌي ٽڪراءَ کان بچندي به هڪ ٻئي سان مقابلو ڪري رهيون آهن. هي شايد ٽين عالمي جنگ نه هجي، پر اهو يقينن هڪ اهڙو دؤر آهي، جتي دنيا خاموش مقابلي ۾ داخل ٿي چڪي آهي، جيڪو ڪنهن به وقت کليل جنگ ۾ تبديل ٿي سگهي ٿو.