جنگ فائدي ۾ ناهي، آمريڪا ۽ ايران ڳالهيون ڪن: اسلام آباد ۾ اهم ويهڪ: پاڪ، سعودي، ترڪيه ۽ مصر جو سفارتي ڪوششن تي اتفاق

جنگ فائدي ۾ ناهي، آمريڪا ۽ ايران ڳالهيون ڪن: اسلام آباد ۾ اهم ويهڪ: پاڪ، سعودي، ترڪيه ۽ مصر جو سفارتي ڪوششن تي اتفاق

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان، سعودي عرب. ترڪيه ۽ مصر آمريڪا ايران جنگ جي خاتمي لاءِ  سفارتي ڪوشش جاري رکڻ تي اتفاق ڪندي چيو آهي ته جنگ ڪنهنجي به فائدي ۾ ناهي، آمريڪا ۽ ايران ڳالهين جي عمل کي اڳتي وڌائين جڏهن ته اسحاق ڊار چيو آهي ته پاڪستان ڳالهين جي ميزباني لاءِ تيار آهي.سمورا ملڪ هڪ ٻئي جي خودمختياري جو احترام ڪن، موجودا صورتحال ۾ اسلامي ملڪن جو اتحاد اڻٽر آهي. تفصيل موجب نائب وزيراعظم اسحاق ڊار جي صدارت هيٺ اسلام آباد ۾ اهم گڏجاڻي ٿي جنهن ۾ سعودي پرڏيهي وزير  فيصل بن فرحان، ترڪيه جو پرڏيهي وزير حڪان فيدان ۽ مصر جو پرڏيهي وزير  بدر عبدالعاطي شريڪ ٿيا، گڏجاڻي ۾ خطي ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال ۽ جنگبندي بابت معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون، اسحاق ڊار آمريڪا ۽ ايران سان ٿيل ڳالهين ۽ جنگ بندي لاءِ ڪيل سفارتي اڳڀرائي بابت بريفنگ ڏني. پرڏيهي وزيرن آمريڪا ۽ ايران کي سمورا تڪرار ڳالهين ذريعي نبيرڻ تي زور ڀريو ، جڏهن ته جنگ جي خاتمي لاءِ سفارتي ڪوششون جاري رکڻ  ۽ اڳڀرائي لاءِ  وري اجلاس گهرائڻ تي اتفاق ڪيو ويو . 4 ملڪي پرڏيهي وزيرن جي اهم ويهڪ کان اڳ نائب وزيراعظم اسحاق ڊار ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي سان فون تي رابطو ڪري جنگ روڪڻ لاءِ سفارتي ڪوششن تي اعتماد ۾ ورتو. اجلاس بعد پريس بريفنگ ڏيندي نائب وزيراعظم  ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته ٽنهي پرڏيهي وزيرن کي آمريڪا سان ڳالهين جي امڪانن تي بريفنگ ڏني،  ڳالهيون ۽ سفارتڪاري ئي سمورن مسئلن جو حل آهي،  خوشي آهي ته ايران ۽ آمريڪا ٻنهي پاڪستان تي اعتماد ڪيو آهي، چين جي پرڏيهي وزير وانگ يي سان به ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ٿي، مسلمان امت جو اتحاد موجوده صورتحال ۾ وڌيڪ اهميت اختيار ڪري چڪو آهي