جنگ لڳي ته چين آمريڪا کي هارائي ڇڏيندو: پينٽاگون جي ڳجهي رپورٽ

جنگ لڳي ته چين آمريڪا کي هارائي ڇڏيندو: پينٽاگون جي ڳجهي رپورٽ

واشنگٽن: آمريڪا جي هڪ لڪيل رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته جيڪڏهن چين ۽ آمريڪا ۾ جنگ ٿئي ته چين هٿان آمريڪا جي شڪست جو امڪان وڌيڪ آهي. پينٽاگون جنگي مشقن ۾ فرضي منظرناما جوڙيا آهن جن ۾ ڏٺو ويو ته چين آمريڪا جي جنگي جهازن، وڏن جنگي ٻيڙن ۽ سيٽلائٽ نيٽ ورڪ کي مقرري کان اڳ ئي مفلوج بڻائي سگهي ٿو. رپورٽ موجب آمريڪا جا مهانگا ۽ جديد هٿيار چين جي سستن هٿيارن کان ڪمزور آهن. چين وٽ اهڙي صلاحيت آهي جيڪا ڪنهن به جنگ جي صورت ۾ آمريڪا جي اهم فوجي اثاثن کي ناڪاره بڻائي سگهي ٿي.