جنگ نامنظور: آمريڪا سميت سڄي دنيا ايران حملن جي مخالفت ڪري ڇڏي، لکين ماڻهو رستن تي

جنگ نامنظور: آمريڪا سميت سڄي دنيا ايران حملن جي مخالفت ڪري ڇڏي، لکين ماڻهو رستن تي

واشنگٽن/تل ابيب/استنبول (م ڊ) آمريڪا ۾ صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي پاليسين ۽ ايران جنگ جي خلاف وڏي پيماني تي نو ڪنگز جي عنوان سان احتجاجي ريليون ڪڍيون ويون، جنهن ۾ ميڊيا رپورٽن موجب 80 لک کان وڌيڪ ماڻهن شرڪت ڪئي. مظاهرين جنگ جي خاتمي ۽ حڪومتي پاليسين جي خلاف سخت نعريبازي ڪئي، ملڪ جي 50 رياستن ۾ 3200 کان وڌيڪ هنڌن تي احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا. مظاهرين جو چوڻ هو ته ٽرمپ چونڊن ۾ واعدو ڪيو هو ته هو جنگن تي آمريڪي عوام جي ٽيڪس جو  پئسو ضايع نه ڪندو پر ان جي ابتڙ هن ايران خلاف جنگ شروع ڪري ڇڏي. رياست ميني سوٽا ۾ ٿيل وڏي ريلي کي خطاب ڪندي آمريڪي سينيٽر برني سينڊرز چيو ته آمريڪي عوام سان ايران جنگ جي حوالي سان ڪوڙ ڳالهايو پيو وڃي، جنگ کي فوري طور تي روڪڻو پوندو. سينيٽر برني سينڊرز وڌيڪ چيو ته ايران جنگ غيرآئيني آهي ڇو ته انهي جي لاءِ ڪانگريس کان اجازت به نه ورتي وئي آهي، جڏهن ته انهي تڪرار ۾ آمريڪي فوجين جي مارجي وڃڻ ۽ زخمي ٿيڻ جا واقعا به سامهون اچي رهيا آهن. هن چيو ته انهي جنگ جي نتيجي ۾ هزارين ايراني شهري به مارجي ويا آهن جڏهن ته سوين تعليمي ادارا متاثر ٿيا. سينيٽر اسرائيلي وزيراعظم بينجمن نيتن ياهو کي به تنقيد جو نشانو بنائيندي چيو ته آمريڪا ۽ اسرائيل گڏجي خطي ۾ جنگ کي هوا ڏني. هن جو چوڻ هو ته انهي تڪرار سبب لبنان، اولهندي ڪناري ۽ ٻين علائقن ۾ انساني بحران شدت اختيار ڪري يوو آهي. مظاهرن جي دوران هزارين ماڻهن اينڊ دي وار ۽ نو ڪنگز جا نعرا لڳايا، جڏهن ته ڪجهه هنڌن تي اسرائيلي حڪومت جي خلاف به سخت رد عمل ڏسڻ لاءِ مليو. نيويارڪ، واشنگٽن ڊي سي، لاس اينجلس، سان فرانسسڪو ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا. روسي ميڊيا موجب تل ابيب ۾ به احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا جنهن ۾ عورتن ۽ بزرگ ماڻهن شرڪت ڪئي ۽ ايران جنگ جي خلاف  آواز اٿاريو.  ٻئي طرف ايران، لبنان ۽ فلسطين ۾ جاري جنگين خلاف استنبول ۾ هڪ هزار کان وڌيڪ ماڻهن احتجاجي مظاهرو ڪيو. تيز برسات ۾ به احتجاج جاري رکيو ويو. هنن مزاحمت ڪريو، غزه غالب رهندو ۽ مسلمان ظلم جي اڳيان نه جهڪندا جا نعرا هنيا. هنن قاتل اسرائيل، قاتل آمريڪا جا به نعرا هنيا ۽ مسجد الاقصيٰ جي اسرائيلي بندش تي تنقيد ڪئي. اڳواڻن چيو ته اسان هتي دنيا جي سڀني مظلومن لاءِ گڏ ٿي آهيون جن ۾ لبنان، ايران، فلسطين شامل آهن ڪالهه وينزويلا هو سڀاڻي شايد ڪيوبا هوندو. اسان هتي انهن سڀني لاءِ آهيون. هنن چيو ته اسرائيلي ايراني ميزائلن جو ٻڌي ڪوئن وانگر پنهنجي ٻرن ۾ ڀڄندا آهن جڏهن ته ايران وارا وري رستن تي نڪري ايندا آهن هي ايمان جي ڳالهه آهي جيڪڏهن اسرائيلين ۾ ايمان هجي ها ته اهي موت کان نه ڊڄن ها. . رپورٽن موجب اٽلي، فرانس، اسپين، جرمني، نيدرلينڊز ۽ آسٽريليا ۾ به ٽرمپ انتظاميا خلاف احتجاج ڪندي جنگ روڪڻ جا مطالبا ڪيا ويا