ايندڙ زماني جا ليکڪ 2026ع جي بهار کي گلن جي موسم طور ياد نه ڪندا. ان جي برعڪس هو ان کي ان گھڙيءَ طور ياد ڪندا، جڏهن واشنگٽن ۽ تل ابيب جي سامراجي خواهشن جو ٽڪراءُ اربين ماڻهن جي نازڪ معاشي بقا سان ٿيو، جن جو هن جنگ بابت فيصلو ڪرڻ ۾ ڪو به ڪردار نه هو. 28 فيبروري 2026ع تي آمريڪا ۽ اسرائيل گڏيل هوائي حملا ڪري ايران جي صدارتي مرڪز، ايٽمي ٺڪاڻن ۽ ميزائل ڍانچي کي نشانو بڻايو، جنهن ۾ ايراني سپريم ليڊر علي خامنه اي ۽ ڪيترائي سينيئر عملدار مارجي ويا. پينٽاگون هن ڪارروائي کي “آپريشن ايپڪ فيوري” جو ڪوڊ نالو ڏنو. حالانڪه دنيا هن جنگ جو نہ مطالبو ڪيو ھو ۽ نه وري ايران جي پاڙيسري ملڪن مان ڪنهن هي جنگ چاهي ٿي، ڇو ته سڀ ڄاڻن پيا ته اها جنگ سندن لاءِ تباهي آڻيندي ۽ هنن جو خدشو صحيح هو. پر هاڻي صورتحال اها آهي ته ڪراچيءَ کان قاهره تائين، ڍاڪا کان منيلا تائين، عام ماڻهو پيٽرول جي قطارن، خالي سيڌي سامان جي شيلفن ۽ تباهه ٿيل گهريلو بجيٽن جي صورت ۾ ان جنگ جي قيمت ڀري رهيا آهن، جڏهن ته هن تباهيءَ جا معمار واشنگٽن ۽ يروشلم ۾ آرام سان ويهي هٿيارن جي ٺيڪن جا حساب ڪتاب ڪري رهيا آهن.
هن جنگ عالمي معيشتن کي ڌوڏي ڇڏيو آهي. ايران طرفان هرمز واري سامونڊي لنگهه جي بندش سبب روزانو 2 ڪروڙ بيرل تيل ۽ عالمي پاڻيٺ قدرتي گئس جو 20 سيڪڙو مارڪيٽ مان غائب ٿي ويو، جنهن جي نتيجي ۾ صرف 96 ڪلاڪن اندر عالمي اسٽاڪ مارڪيٽن کي کربين ڊالرن جو نقصان ٿيو. هيءُ ڪا عام رواجي خيالي ڳالهه ناهي. هي حقيقي پئسو، حقيقي روزگار ۽ حقيقي مستقبل ھئا، جيڪي هڪ اهڙي جنگ سبب تباهه ٿيا، جيڪا اقتدار جي راهدارين ۾ بغير ڪنهن جمهوري، بين الاقوامي قانوني اختيار ۽ بغير ڪنهن اخلاقي جواز جي شروع ڪئي وئي. قانوني ۽ بين الاقوامي لاڳاپن جي ماهرن آمريڪي حملن کي آمريڪي قانون موجب غيرقانوني، سامراجيت جو عمل، ۽ بين الاقوامي قانون تحت ايران جي خودمختياري جي ڀڃڪڙي قرار ڏنو آھي. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل پڻ انهن حملن جي مذمت ڪئي ھئي. پر ھينئر تائين ڪنهن کي به ذميوار نه بڻايو ويو آهي. نه ڪنهن عدالت ۾ پيش ڪيو ويو آهي ۽ نه ئي ڪو ٽربيونل قائم ٿيو آهي. ڇوته طاقتور هميشه وانگر انهن قانونن کان مٿانهان آهن، جيڪي هو ٻين تي لاڳو ڪندا آهن.
هن سامراجي مهم مان ڦهلجندڙ معاشي نتيجا پنهنجي وسعت ۽ بي رحميءَ ۾ حيران ڪندڙ آهن. هن تڪرار تيل ۽ قدرتي گئس ٻنهي مارڪيٽن کي هڪ ئي وقت ڌڪ ڏنو آهي. ايران روزانو 30 لک بيرل کان وڌيڪ تيل پيدا ڪري ٿو ۽ لڳ ڀڳ 15 لک بيرل برآمد ڪري ٿو. جڏهن ان جي فراهمي متاثر ٿي، ته ايشيائي خريدارن کي وڌيڪ مهانگي متبادل ذريعن ڏانهن وڃڻو پيو. مارچ مھيني ۾ تيل جون قيمتون 2022ع کان پوءِ پهريون ڀيرو 100 ڊالر في بيرل کان مٿي نڪري ويون، ۽ مارڪيٽ صرف جيوپوليٽيڪل خطري جو اندازو لڳائڻ بدران هاڻي حقيقي آپريشنل رڪاوٽن سان منهن ڏيڻ لڳي، جيئن ريفائنرين جي بندش ۽ برآمدي پابندين سبب ڪچي تيل جي پروسيسنگ ۽ علائقائي فراهمي متاثر ٿيڻ لڳي. انٽرنيشنل انرجي ايجنسي جي سربراهه هن صورتحال کي انتھائي ڳنڀير قرار ڏنو. هي ڪو احتجاجي نعرو نه هو، پر دنيا جي اهم توانائي ادارن مان هڪ جي رسمي تشخيص هئي. تنهن هوندي به، هن بحران جا ذميوار اڃا تائين احتساب کان آزاد آهن.
عالمي اتر جي امير ملڪن لاءِ هي جنگ هڪ اهڙي “قابلِ برداشت تڪليف” آهي، جنهن کي بحران جو نالو ڏنو ويو آهي. يورپ کي خاص طور تي قطري ايل اين جي جي معطلي ۽ ھرمز واري سامونڊي رستي جي بندش سبب ٻئي توانائي بحران کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. هي تڪرار ان وقت شروع ٿيو جڏهن 2025-2026ع جي سخت سياري کان پوءِ يورپي گئس اسٽوريج تاريخي طور تمام گهٽ گنجائش تي هئي، جنهن جي نتيجي ۾ ڊچ ٽي ٽي ايف گئس جا اگهه مارچ جي وچ تائين تقريباً ٻيڻا ٿي ويا. جرمني ۽ اٽلي کي امڪاني معاشي بحران کي منهن ڏيڻو پئجي سگهي ٿو. يورپي ملڪن ۾ يوٽيلٽي بل وڌي رهيا آهن. اهي حقيقي تڪليفون آهن ۽ انهن کي تسليم ڪرڻ گهرجي. پر يورپي حڪومتن وٽ مالي طاقت، سماجي تحفظ جا نظام، مرڪزي بئنڪن جا اوزار ۽ سياسي صلاحيت موجود آهي ته هو هن طوفان مان نڪري سگهن. مطلب هو تڪليف ۾ هوندا، پر تباهه نه ٿيندا. يورپي مرڪزي بئنڪ خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن جنگ ڊگهي ٿي ته “اسٽيگ فليشن” پيدا ٿيندي ۽ جرمني ۽ اٽلي جهڙيون توانائي تي ڀاڙيندڙ معيشتون 2026ع جي آخر تائين ٽيڪنيڪل بحران ۾ داخل ٿي سگهن ٿيون. اها تمام ڳڻتي جوڳي ڳالهه آهي. پر يورپي خاندان ان تناسب سان بک جو شڪار نه ٿيندا، نه ئي اسپتالن جا جنريٽر پيٽرول جي کوٽ سبب بند ٿيندا، ۽ نه ئي ٻن سالن جي سموري معاشي ترقي هڪ رات ۾ ختم ٿي ويندي. امير دنيا هن جنگ مان تڪليف ڀوڳي ٿي. غريب دنيا جو رت وهي رهيو آهي.
۽ جيتري تائين خود آمريڪا جو تعلق آهي جيڪو هن جنگ جو بنيادي جارح آهي ۽ جنهن هن جنگ جي چونڊ ڪئي اهو هاڻي وڏي پئماني تي توانائي درآمد ڪندڙ ملڪ مان هڪ محدود برآمد ڪندڙ ملڪ بڻجي چڪو آهي، ۽ عالمي توانائي بحرانن کان ٻين ڪيترن ئي ملڪن جي ڀيٽ ۾ گهٽ متاثر ٿئي ٿو. جيتوڻيڪ آمريڪي خاندانن کي به پيٽرول جون وڌيل قيمتون ڀوڳڻيون پئجي رهيون آهن، پر توانائي پيدا ڪندڙ ڪمپنيون ۽ انهن جا سيڙپڪار فائدو حاصل ڪري رهيا آهن. ايران واري جنگ آمريڪا ۾ پيٽرول جي اگهن مهانگائيءَ ۾ اضافو آندو آهي. ٽرمپ ته عوامي دٻاءُ گهٽائڻ لاءِ وفاقي پيٽرول ٽيڪس معطل ڪرڻ جي ڳالهه به ڪئي آهي. ٻين لفظن ۾، آمريڪا اهڙي جنگ ترتيب ڏني، جنهن مان نڪرڻ لاءِ ان جي پنهنجي معيشت ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ مضبوط بنيادن تي بيٺل آهي. هي اتفاق نه آهي. هي سامراج جي ڍانچي جو حصو آهي.
مختلف تجزيه نگارن ۽ ليکڪن مارچ کان وٺي مسلسل اهو دليل ڏنو آهي ته هن جنگ کي هڪ اهڙي خيالي تصور طور پرچار ڪئي وئي ته گڏيل آمريڪي-اسرائيلي بمباري ايران جي قيادت، ايٽمي پروگرام ۽ آئي آر جي سي، جي اعليٰ قيادت کي ايترو ڪمزور ڪري ڇڏيندي جو نظام وينزويلا جي طرز تي ٽٽي پوندو. پر ائين نه ٿيو. ايران نه ٽٽو. حڪومت قائم رهي. ۽ هاڻي سڄي دنيا ٽرمپ جي ناسمجهي ۽ نيتن ياهو جي خواهشن جي قيمت ڀري رهي آهي.
ترقي پذير ملڪن جي صورتحال اها آهي، جتي طاقتور ملڪن جا ڏوهه سڀ کان وڌيڪ اگهاڙا نظر اچن ٿا. جيئن ئي آمريڪا ۽ اسرائيل جي ايران سان جنگ عالمي معيشت ۾ لوڏا پيدا ڪيا، تيئن گلوبل ڏکڻ جا غريب ترين ملڪ ان جا سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ بڻجي ويا. پاڪستان کان بنگلاديش ۽ سري لنڪا تائين، پوءِ اردن، مصر ۽ ايٿوپيا تائين، پاليسي سازن کي هڪ ئي وقت ٻن وڏن مسئلن کي منهن ڏيڻو پيو، هڪ طرف هو درآمد ٿيل توانائي تي گهڻو ڀاڙيندڙ هئا، ۽ ٻي طرف انهن وٽ وڌندڙ قيمتن جي ڌڪ کي برداشت ڪرڻ لاءِ محدود مالي صلاحيت موجود هئي. جڏهن ته برازيل ۽ وينزويلا جهڙا وڏا تيل برآمد ڪندڙ ملڪ عالمي قيمتن ۾ واڌ سبب وڌيڪ آمدني حاصل ڪري رهيا آهن، تيل درآمد ڪندڙ ملڪن ۽ عام خريدارن کي شديد مهانگائي، ٽرانسپورٽ ۾ رڪاوٽن ۽ سماجي بيچيني کي منهن ڏيڻو پيو آهي. هن جنگ جي سڀ کان بدنما ستم ظريفي اها آهي ته جن هڪ به ميزائل نه هلايو، اهي سڀ کان ڳرو معاشي بار کڻي رهيا آهن، جڏهن ته جن جنگ شروع ڪئي، اهي ڪيئي حالتن ۾ ان مان منافعو ڪمائي رهيا آهن.
پاڪستان جي صورتحال خاص ڌيان جي لائق آهي، ڇاڪاڻ تہ اها ان ڳالهه جو چٽو مثال آهي ته طاقتور ملڪن جون جنگيون هزارين ميل پري رهندڙ ماڻهن جي زندگين کي ڪيئن تباهه ڪن ٿيون. پاڪستان جو تيل درآمد ڪرڻ وارو بل جنگ کان اڳ جي ڀيٽ ۾ ٻيڻي کان وڌيڪَ ٿي ويو آهي، جنهن پاڪستان جي گذريل ٻن سالن جي سموري معاشي ترقي ختم ڪري ڇڏي آهي. ٿورو سوچي ڏسو ته ان جو مطلب ڇا آهي. ٻن سالن جا ڏکيا معاشي سڌارا، سخت بچت پاليسيون، جيڪي عام پاڪستانين تي بار بڻيون، آئي ايم ايف جون اهي شرطون جن سبسڊيون ختم ڪيون ۽ قيمتون وڌايون، اهي سڀ ڪجهه صرف ڪجهه هفتن اندر هڪ اهڙي جنگ سبب ختم ٿي ويو، جيڪا نه پاڪستان شروع ڪئي، نه پاڪستان چونڊي، ۽ نه ئي پاڪستان ان کي روڪي سگهيو. پاڪستان ۾ پيٽرول جون قيمتون فيبروري جي آخر کان مئي 2026ع جي شروعات تائين تقريبن ٻيڻيون ٿي ويون آهن، جيڪو علائقي جي سڀ کان شديد تيل جي بحرانن مان هڪ آهي. توانائي جي بحران پاڪستان جي تاريخ ۾ پيٽرول جي قيمتن ۾ سڀ کان وڏي واڌ آندي آهي، جتي پيٽرول 1.15 ڊالر في لٽر ۽ ڊيزل 1.20 ڊالر في لٽر تائين پهچي ويو آهي. پاڪستاني حڪومت کي سخت بچتي قدم لاڳو ڪرڻا پيا آهن، سرڪاري آفيسن لاءِ هفتي ۾ چار ڏينهن ڪم ڪرڻ جو اعلان ڪرڻو پيو.
انهن انگن اکرن جي انساني قيمت ڪا خيالي ڳالهه ناهي. ڇوته وڌندڙ تيل قيمتون ٽرانسپورٽ جي خرچن ۾ اضافو ڪن ٿيون، روزمره استعمال جي شين ۽ خوراڪ جون قيمتون وڌائين ٿيون، زندگي گذارڻ جو مجموعي خرچ وڌائين ٿيون، خريداري سگهه گهٽائين ٿيون، غربت ۽ بيروزگاري ۾ اضافو ڪن ٿيون، معاشي سرگرميون سست ڪن ٿيون، ۽ آخرڪار ماڻهن ۾ بيچيني پيدا ڪن ٿيون نتيجي ۾ زندگيءَ جو معيار خراب ٿيندو وڃي ٿو. غريب مزدورن لاءِ انهن حڪومتي قدمن جو ڪو مطلب ناهي ھوندو، سندن اصل مسئلو پيٽرول قيمتون آهن، ڇاڪاڻ تہ ان سبب هر ننڍي شيءِ مهانگي ٿي وڃي ٿي. جيوپوليٽيڪل خطري ۽ سپلائي چين ۾ رڪاوٽن سبب هڪ عام مزدور عيدن تي پنهنجي ٻارن لاءِ خريداري سگهه وڃائي ويٺو آهي. سندن ڀاتين کي کاڌو گهٽ ملندو. ٻار بنيادي ضرورتن کان محروم رهندا. ۽ واشنگٽن ۽ يروشلم ۾ ويٺل اهي ماڻهو، جن اهو فيصلو ڪيو، انهن کي ڪڏهن به انهن مزدورن جي اکين ۾ ڳوڙها نظر نه ايندا.
آڪسفورڊ اڪنامڪس جو اندازو آهي ته پاڪستان جا پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا 2026ع جي آخر تائين گھڻا گهٽجي ويندا، جڏهن ته جنگ کان اڳ اهي 20.8 بلين ڊالر هئا، جنهن سان ملڪ جو 7 بلين ڊالرن وارو آئي ايم ايف پروگرام مڪمل طور خطري ۾ پئجي سگهي ٿو. پاڪستان، جنهن ٽن ڏکوئيندڙ سالن دوران عالمي سطح تي پنهنجي ساک بحال ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن پنهنجن قرض ڏيندڙن جون تقريباً سڀ سخت شرطون مڃيون، هاڻي ٻيهر معاشي تباهي جي خطري کي منهن ڏئي رهيو آهي، اھو پنهنجي ناڪامين سبب نه، پر ان ڪري جو ڊونلڊ ٽرمپ بينجمن نيتن ياهو جي ڳالهه مڃي ۽ اهڙي جنگ شروع ڪئي، جنهن خلاف آمريڪا جي پنهنجي انٽيليجنس ۽ فوجي ماهرن به خبردار ڪيو هو. ٽرمپ انهن جي نه ٻڌي. هن آمريڪا کي اهڙي جنگ ۾ گهليو، جنهن جي پڄاڻي تي هن جو ڪو ضابطو ناهي، ۽ جنهن جنگ کي تقريباً ڪو به پسند نٿو ڪري.
مارچ کان وٺي دنيا جا ليکڪ ۽ دانشور وڌندڙ شدت سان هڪ سوال پڇي رهيا آهن، جنهن کان طاقت هميشه ڀڄندي رهي آهي: آخر ذميوار ڪير قرار ڏنو ويندو؟ مئي جي شروعات تائين آمريڪي فوج لاءِ جنگ جي قيمت 26 بلين ڊالر تائين پهچي چڪي آهي، ۽ پينٽاگون وڌيڪ 200 بلين ڊالرن جي گهر ڪئي آھي. صرف ٻن مھينن اندر عرب ملڪن لاءِ جنگ جي قيمت 120 بلين ڊالرن کان وڌي وئي. ايراني حڪومت کي پنهنجي معيشت کي ٿيل نقصان جو اندازو گهٽ ۾ گهٽ 300 بلين ڊالر ۽ شايد ٽريلين ڊالر تائين ھجي. اهي ڪنهن غلطيءَ جا خرچ ناهن. اهي هڪ شعوري ۽ اڳواٽ تيار ڪيل فيصلي جا خرچ آهن، جيڪو مار-اي-لاگو ۾ ويٺل چند ماڻهن ڪيو، بغير ڪنهن باقاعده بين الادارتي عمل جي ڪيو. نه ڪنهن پارليامينٽ ووٽ ڏنو. نه ڪنهن بين الاقوامي اداري ان جي منظوري ڏني. نه ڪنهن پاڪستاني شهري، نه ڪنهن مصري خاندان، ۽ نه ئي ڪنهن ويٽنامي ورڪر کان اهو پڇيو ويو ته ڇا هو هن فيصلي جي معاشي ڌڪن کي برداشت ڪرڻ لاءِ تيار آهن. انهن کي صرف اهو سڀ ڪجهه سهڻو پيو.
هاڻي جڏهن جنگ پنهنجي ٽئين مهيني ۾ داخل ٿي چڪي آهي ۽ ان جي خاتمي جا ڪي واضح آثار نظر نٿا اچن، جنگبندي جون ڳالهيون ناڪام ٿي رهيون آهن، سامونڊي ناڪابندي برقرار آهي، ۽ ايران ايتري سگهه رکي ٿو جو آمريڪا تي اهڙا خرچ لاڳو ڪري سگهي ٿو، جيڪي دنيا کي برداشت نه ڪرڻ گهرجن، ته پاڪستان ۽ گلوبل سائوٿ جي ماڻهن کي پاڻ کان هڪ وڌيڪ ڏکيو سوال پڇڻو پوندو: صرف اهو نه ته جنگ شروع ڪندڙن جو احتساب ڪير ڪندو، پر اهو به ته ڇا اهڙو عالمي نظام، جيڪو اهڙي بدمست طاقت کي اجازت ڏئي ٿو، ڪڏهن غريبن کي حقيقي تحفظ ڏئي سگهي ٿو؟ جواب، لکڻ وارو هر ايماندار ڪالم نگار ڄاڻي ٿو، “نه” آهي. موجوده بين الاقوامي نظام جو ڍانچو مٿئين طبقن جي طاقت جي حفاظت لاءِ ٺاهيو ويو آهي، نه ڪي هيٺئين طبقن جي بقا لاءِ. جيستائين اهو تبديل نٿو ٿئي، جيستائين ماڻهن جي رضامندي کان سواءِ شروع ڪيل جنگين جا ذميوار حقيقي قانوني نتيجا نٿا ڀوڳين، ۽ جيستائين بيگناهه قومن تي مسلط ڪيل معاشي تباهي کي هڪ ڏوهه طور تسليم نٿو ڪيو وڃي، تيستائين اهي خاندان جيڪي پنھنجي خريداري جي فهرست گهٽائي رهيا آهن، انهن فيصلن جي قيمت ڀريندا رهندا، جيڪي انهن ڪڏهن ڪيا ئي نه هئا. اها جيوپوليٽڪس ناهي. اها ناانصافي آهي. ۽ ناانصافي، ڀلي ان کي سلامتي ۽ تهذيب جي زبان ۾ ڪيترا ڀيرا ڇو نه پيش ڪيو وڃي، آخرڪار ناانصافي ئي رهندي آهي.