| جنگ وري شروع؟ هرمز ۾ ايران جا آمريڪي ۽ اماراتي بحري جهازن تي حملا، 7 ٻيڙيون ختم ڪيون، تهران کي تباهه ڪنداسين: ٽرمپ |
تهران/واشنگٽن/ابوظهبي (م ڊ) ايران ۽ آمريڪا ۾ هڪ ڀيرو وري جنگ شروع ٿيڻ جو خطرو پيدا ٿي ويو، آمريڪا هرمز کاڙي کولڻ لاءِ آپريشن آزادي جو اعلان ڪري ڇڏيو، 2 بحري جهازن جي کاڙي پار ڪرڻ جي به دعويٰ ڪئي وئي آهي، ايران جوابي ڪارروائي ڪندي آمريڪي بحري جهازن تي حملن جو اعلان ڪيو آهي ۽ هڪ جهاز کي خبردار ڪرڻ لاءِ ميزائل فائر به ڪيا ويا، عرب امارات جي ٻن جهازن کي به نشانو بڻايو ويو. آمريڪي فوج بحري جهازن تي ميزائل حملن جي دعويٰ رد ڪري ڇڏي آهي. آمريڪي فوج ايران جون 6 ٻيڙيون تباهه ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي جنهن کي ايران رد ڪري ڇڏيو. مليل اطلاعن موجب آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ جنگ اڻ اعلانيل نموني هڪ ڀيرو وري شروع ٿي وئي آهي، هرمز جي کاڙي هڪ ڀيرو وري جنگ جو ميدان بڻجي وئي آهي. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ اعلان ڪيو ته آمريڪا هرمز ۾ ڦاٿل واپاري جهازن کي ڪڍڻ جي لاءِ عملي قدم کڻڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن انهي عمل کي پروجيڪٽ فريڊم جو نالو ڏنو ويو آهي ناڪابندي ۾ نرمي اصل ۾ هڪ انساني همدردي جو عمل آهي. هرمز ۾ موجود ڪيترن ئي جهازن تي خوراڪ ۽ ضروري شين جي کوٽ پيدا ٿي چڪي آهي جنهن سبب عملي جي صحت ۽ حفاطت کي سنگين خطرا آهن. هن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن انهي مشن ۾ ڪنهن به قسم جي رڪاوٽ وڌي وئي ته آمريڪا سخت رد عمل ڏيندو. صدر ٽرمپ موجب هن پنهنجن نمائندن کي هدايت ڏني آهي ته ايراني اختيارين کي واضح طور تي آگاهه ڪيو وڃي ته آمريڪا نيوٽرل ملڪن جي جهازن ۽ عملي کي حفاظت سان ڪڍڻ جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻندو. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايران کي خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن پراجيڪٽ فريڊم تحت جهازن تي حملو ڪندو ته هو دنيا جي نقشي تان ختم ٿي ويندو. هڪ انٽرويو ۾ صدر ٽرمپ چيو ته ايران ڳالهين ۾ تمام گهڻي لچڪ ڏيکاري آهي. هن وڌيڪ چيو ته خطي ۾ آمريڪي فوجي تياريون جاري آهن، اسان وٽ اعليٰ معيار جا هٿيار، گولا بارود ۽ سامان آهي، اسان جا دنيا جي چوڌاري بيس آهن، اهي سڀ سامان سان ليس آهن، اسان اهو سڀ سامان استعمال ڪري سگهون ٿا ۽ جيڪڏهن ضروري هجي ته ضرور ڪنداسين. ٻئي طرف ايران خبردار ڪيو ته جيڪڏهن آمريڪي فوج هرمز کاڙي ۾ داخل ٿي يا اتي آپريشن ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته انهن کي نشانو بنايو ويندو. هن آبي گذرگاهه جي سيڪيورٽي مڪمل طور تي ايران جي فوج وٽ آهي ۽ هتان گذرندڙ هر قسم جي بحري آمد رفت کي ايراني فوج سان مڪمل هم آهنگي سان انجام ڏيڻو پوندو. بيان ۾ واپاري جهازن ۽ تيل سان ڀريل ٽينڪرز کي هدايت ڪئي وئي آهي ته اهي بنا اجازت يا رابطي جي هرمز مان گذرڻ جي ڪوشش نه ڪن، ڇو ته انهي سان انهن جي سيڪيورٽي کي خطرو پيش اچي سگهي ٿو. ڪنهن به پرڏيهي فوجي طاقت، خاص طور تي آمريڪا جي فوج، جيڪڏهن آبنائي هرمز جي ڀرسان اچڻ يا داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪندي ته فوري طور تي ڪارروائي ڪئي ويندي. ان جي ڪجهه ڪلاڪن بعد ايراني فوج دعويٰ ڪئي ته هرمز کاڙي ۾ آمريڪي موجودگي جي خبر پوڻ کان پوءِ انهن جي ويجهو ڊيڄارڻ لاءِ ميزائل فائر ڪيا. آمريڪي بحري جنگي جهازن ڪجهه ڪلاڪ اڳ عمان سمنڊ ۾ پنهنجا ريڊار بند ڪري ڇڏيا هئا ۽ هرمز ۾ داخل ٿيڻ جو ارادو ڪري رهيا هئا. جيئن ئي جهاز پنهنجا ريڊار آن ڪيا، انهن کي فوري طور تي سڃاڻي ريڊيو وارننگ موڪلي آمريڪي جهازن جي جواب نه ڏيڻ کان پوءِ هڪ ٻي وارننگ جاري ڪئي وئي، جنهن ۾ چيو ويو ته هرمز ۾ داخل ٿيڻ کي جنگ بندي جي خلاف ورزي سمجهيو ويندو. آمريڪي جهازن انهن وارننگز کي نظرانداز ڪيو، جنهن کان پوءِ ايراني بحريه انهن جي چوڌاري ڪروز ميزائل، راڪيٽ ۽ جنگي ڊرون فائر ڪيا. آمريڪا اهڙن خطرناڪ ڪاررواين جي نتيجن جو ذميوار هوندو. ايراني فوج پاران جاري ڪيل هڪ اڳوڻي بيان ۾ چيو ويو هو ته ان جي بحريه آمريڪي تباهي ڪندڙن کي آبنائي هرمز ۾ داخل ٿيڻ کان روڪيو آهي. ايران هرمز ۾ يُو اَي اِي جي آئل ٽئنڪر تي ڊرون فائر ڪيا، ڪو به جاني نقصان نه ٿيو، يو اي اي پرڏيهي وزارت چيو آهي ته ايراني پاسداران انقلاب فورس واپاري جهاز راني کي نشانو بڻائڻ ۽ هرمز کي اقتصادي جبر يا بليڪ ميلنگ طور استعمال ڪرڻ سامونڊي ڌاڙو آهي، ايراني ڊرون حملي جي مذمت ڪندي هرمز کي مڪمل طور کولڻ ضروري قرار ڏنو. ٻئي طرف امارات ميزائل حملن جي تصديق ڪندي چيو ته هوائي دفاعي نظام ميزائل حملي جو جواب ڏئي رهيو آهي. فجيره جي ميڊيا آفيس جو چوڻ آهي ته ايران جي ڊرون حملي کان پوءِ امارات ۾ پيٽروليم صنعتي سائيٽ تي وڏي باهه لڳي وئي. ان حملي جو جواب ڏيڻ جو حق محفوظ رکون ٿا. آمريڪي فوج جي سينٽرل ڪمانڊ (سينٽ ڪام) دعويٰ ڪئي آهي ته ٻه آمريڪي جھنڊي وارا واپاري جهاز ڪاميابي سان هرمز مان گذري ويا آهن. سينٽ ڪام پاران جاري ڪيل بيان ۾ جهازن جا نالا نه ڏنا ويا آهن. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته آمريڪي بحري جهاز هرمز مان گذرڻ کان پوءِ خليج ۾ گائيڊڊ ميزائل ڊسٽرائر طور ڪم ڪري رهي آهي. سينٽ ڪام وڌيڪ چيو ته آمريڪي فوجون ڪمرشل شپنگ لين بحال ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيون آهن. جڏهن ته ايران جي 6 حمله آور ٻيڙين کي تباهه ڪرڻ جي به دعويٰ ڪئي وئي آهي. جڏهن ته ايران جي انقلابي گارڊز چيو آهي ته گذريل ڪجهه ڪلاڪن ۾ ڪو به ڪمرشل جهاز يا آئل ٽينڪر هرمز مان نه گذريو آهي ۽ آمريڪي عملدارن پاران ڪيل دعوائون بي بنياد ۽ مڪمل طور تي غلط آهن. جڏهن ايران جي فوج بحري ٻيڙيون تباهه ڪرڻ واري دعويٰ کي به ڪوڙو قرار ڏنو.
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پرڏيهي وزارت جي ترجمان چيو آهي ته ايران آمريڪا ڳالهين ۾ وڏو بريڪ ٿرو. پاڪستان هڪ ڀيرو ٻيهر خطي ۾ امن لاءِ ذميوار رياست هجڻ جو ثبوت ڏنو. پاڪستان ۾ ايراني عملي جي منتقلي جي به تصديق ڪندي چيو ويو آهي ته آمريڪا جي اعتماد سازي قدمن تحت ايراني جهاز جا 22 اهلڪار پاڪستان منتقل ڪيا ويا آهن. ايراني عملو گذريل رات خصوصي اڏام ذريعي پاڪستان پهچايو ويو. سماجي رابطن واري ويبسائيٽ ايڪس تي ڪيل ٽوئيٽ ۾ اسحاق ڊار وڌيڪ چيو آهي ته هي قدم ايراني ۽ آمريڪي اختيارين ٻنهي جي حمايت سان هم آهنگ آهن ۽ اعتماد سازي جو هڪ اهم قدم آهن. پاڪستان علائقائي امن ۽ سلامتي لاءِ ڳالهين، سفارتڪاري ۽ ثالثي ۾ سهولت فراهم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي. ٻئي طرف پاڪستان منتقل ڪيل ايراني جهاز توسڪا جي عملي ۾ شامل 15 ميمبر ايران حوالي ڪيا ويا آهن، ايراني خبر ايجنسي موجب عملي جا ميمبر سومر تي سيستان ۽ بلوچستان جي بارڊر ٽرمينل وسيلي ايران جي حدن ۾ داخل ٿيا