جنگ ٿي هلي: ايران جو فٽبال ورلڊڪپ لاءِ ٽيم نه اماڻڻ جو فيصلو

جنگ ٿي هلي: ايران جو فٽبال ورلڊڪپ لاءِ ٽيم نه اماڻڻ جو فيصلو

تهران (م ڊ) فيفا آمريڪا پاران فوجي ڪارروائي جي شروعات کان پوءِ ايران ۾ اڳڀرائين تي نظر رکندو جنھن سان ايران جي ورلڊڪپ تان ھٿ کڻڻ جو بھ امڪان آھي. ورلڊڪپ جون ايران جون ميچون آمريڪا ۾ ٿينديون. ايران ايشين فٽبال ڪنفيڊريشن (اي ايف سي) ذريعي ورلڊ ڪپ لاءِ ڪواليفاءِ ڪيو ۽  گروپ جي ۾ بيلجيم، نيوزي لينڊ ۽ مصر سان گڏ شامل آھي. آمريڪا جي حملن کانپوءِ فيفا سيڪريٽري جنرل ميٽياس گرافسٽرم چيو آھي ته صورتحال تي ڪرڙي نظر رکي ويندي. اسان جو هڪ اجلاس ٿيو ۽ تفصيل سان ڳالھايو ويو شرڪت بابت فيصلو وقت کان اڳ آهي، پر اسان دنيا جي سڀني مسئلن تي نظر رکنداسين. اسان جو ڌيان هڪ محفوظ ورلڊ ڪپ تي آهي جنهن ۾ سڀئي ٽيمون حصو وٺن. اسين ٽن ميزبان حڪومتن سان رابطو جاري رکنداسين. لاس اينجلس ٻن ايران جي ميچن جي ميزباني ڪندو، سيٽل ۾ 26 جون تي مصر ۽ ايران جو مقابلو ٿيندو.