| جنگ کي اڌ مهينو مڪمل، 5 آمريڪي جهاز تباهه، ايران جي تيل واري ٻيٽ خارگ تي حملو، ٽرمپ جنگبندي ڳالهيون رد ڪري ڇڏيون |
تهران/واشنگٽن/تل ابيب (م ڊ) ايران ۽ آمريڪا ۽ اسرائيل جي جنگ کي اڌ مهينو مڪمل ٿي ويو، سعودي عرب ۾ آمريڪا جي اڏي تي حملي ۾ 5 جنگي جهازن کي فضا ۾ تيل پهچائيندڙ جهازن کي تباهه ڪيو ويو آهي، عراق ۾ آمريڪي سفارتخاني تي به حملو ڪيو ويو آهي. ايران جي تيل جي اڏي خارگ ٻيٽ تي حملو ڪيو ويو آهي، ايران اسرائيل ڏانهن ميزائلن جي نئين لهر فائر ڪري ڇڏي آهي، اسرائيلي فوج لبنان ۾ حزب الله جي هٿيارن جي ٿاڪن کي نشانو بڻائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي ايران به گڏيل عرب امارتن جي فجيرا بندرگاهه تي ڊرون حملا ڪيا آهن، عراق ۾ آمريڪي سفارتخاني تي ميزائل حملا ٿيا آهن سعودي عرب جي پرنس سلطان ايئر بيس تي 5 آمريڪي جهاز متاثر ٿيا آهن. اسرائيل لبنان تي حملن ۾ وڌيڪ ڪيترائي ماڻهو شهيد ڪري ڇڏيا. گڏيل قومن جي فوج جي اڏي تي به حملو ڪيو ويو. مليل اطلاعن موجب ايران تي حملا 15هين ڏينهن به جاري رهيا آمريڪا ايران جي تيل جي دولت سان مالامال ٻيٽ خارگ تي حملو ڪيو آھي آمريڪي صدر ايراني تيل جي ذخيرن کي نشانو نھ بڻائڻ جي دعويٰ ڪئي. ايران جي خام تيل جي واپار جو 90 سيڪڙو ھتان پيدا ٿيندو آھي. پاسدارانِ انقلاب جو چوڻ آهي ته آمريڪي حملي دوران 15 ڌماڪا ٿيا تيل جي تنصيبات کي ڪو به نقصان نه پھتو آھي. تيل جو وڪرو بھ ھن جاءِ تان جاري آھي. جڏھن تھ آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ دعويٰ ڪئي آھي تھ حملي ۾ بحري بارودي سرنگن جي گدامن، ميزائل اسٽوريج بنڪرن ۽ ڪيترن ئي ٻين فوجي جڳهن کي تباهه ڪيو ويو آھي آمريڪي فوجن 90 کان وڌيڪ ايراني فوجي هدفن کي نشانو بڻايو پر تيل جي بنيادي ڍانچي کي محفوظ رکيو ويو. اولهه ايران جي ايلام صوبي جي ايوان شهر ۾ هڪ رهائشي عمارت تي اسرائيلي-آمريڪي حملي ۾ هڪ ئي خاندان جا ڇهه ڀاتي مارجي ويا آهن، جن ۾ هڪ 6 مهينن جو ٻار به شامل آهي. جڏھن تھ ملبو ھٽائڻ جو ڪم جاري آھي. ايران جي تسنيم نيوز مطابق ايران جي ڪردستان صوبي تي آمريڪي-اسرائيلي حملن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 112 ماڻهو شھيد ٿيا آهن. حملن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 969 ماڻهو زخمي ٿيا آهن. 27 ماڻهو عام وارڊن ۾ جڏهن ته پنج انتهائي نگہداشت وارن يونٽن ۾ داخل آهن. اسرائيل نئين حملي ۾ ايراني فوج جي گڏيل ڪمانڊ تي حملو ڪري ٻن اهم انٽيليجنس عملدارن عبدالله جلالي نصب ۽ امير شريعت کي شهيد ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي ايراني حڪومت جو چوڻ آهي ته آمريڪا-اسرائيلي حملن ۾ تقريبن 43,000 شهري گھرن ۽ جاين کي نقصان پهتو آهي. ايراني حڪومت جي ترجمان فاطمه مهاجراني چيو تھ تقريبن 43,000 شهري يونٽن کي نقصان پهتو آهي، جن مان 36,500 رهائشي يونٽ هئا. صرف تهران ۾ تقريبن 10,000 يونٽن کي نقصان پهتو آهي. 43 ايمرجنسي يونٽ، 32 ايمبولينس ۽ 120 اسڪول متاثر ٿيا آهن. گهٽ ۾ گهٽ 223 عورتون شھيد ٿيون آهن. شھيد ٿيل شاگردن ۽ استادن جو انگ 206 ٿي ويو آهي. ٻئي طرف ايران به پنهنجا حملا جاري رکيا سعودي عرب جي دفاع واري وزارت موجب اوڀر واري علائقي ۾ هڪ ڊرون کي روڪيو ويو. آمريڪي اخبار جي رپورٽ موجب سعودي عرب جي پرنس سلطان ايئر بيس تي حملو ڪيو ويو جنهن جي نتيجي ۾ 5 آمريڪي ري فيولنگ جهازن کي نقصان پهتو، پنج ئي جهازن کي ايراني ميزائلن سبب نقصان پهتو ۽ مرمت جو ڪم جاري آهي. آمريڪي اخبار موجب جهازن کي نقصان پهچڻ دوران ڪو جاني نقصان ناهي ٿيو، هن وقت تائين آمريڪا جا 7 ري فيولنگ جهاز نقصان جو شڪار ٿي چڪا آهن. آمريڪا جي فوج حملي ۽ نقصان جي تصديق ڪندي چيو آھي تھ جھاز مڪمل تباھھ نھ ٿيا آھن پر انھن کي نقصان پھتو آھي جنھن جي مرمت جاري آھي. عراق ۾ آمريڪي سفارتخاني تي حملو ڪري ھيلي پيڊ کي تباھھ ڪيو ويو آھي. عراقي اختيارين جو چوڻ آهي ته بغداد ۾ آمريڪي سفارتخاني جي هڪ هيلي پيڊ کي ميزائل حملي ۾ نشانو بڻايو ويو. آمريڪي سفارتخاني پنهنجي شهرين کي عراق مان نڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي ايراني ميڊيا موجب آپگهاتي ڊرون بغداد ۾ آمريڪي سفارتخاني جي ايئر ڊفينس سسٽم کي نشانو بڻايو آهي. ايراني پاسداران انقلاب گارڊز جي ترجمان جو چوڻ آهي ته صهيوني رياست جي اڳواڻن جي ٿاڪن کي نشانو بڻايو ويو آهي ۽ خطي ۾ آمريڪي فوج جي 3 هنڌن کي به نشانو بڻايو ويو آهي. ٻئي پاسي آمريڪي ميڊيا جو چوڻ آهي ته عراق کانسواءِ قطر جي العديد ايئر بيس تي به ڪيترائي ڌماڪا ٻڌا ويا آهن. ٻئي طرف اتر عراق جي ڪرد علائقي جي شھر سليمانيا ۾ ھڪ ڊرون ڪيرايو ڇڏيو آهي. اھو حملو پيشمرگا جي 70 هين برگيڊ تي ڪيو ويو. گڏيل عرب امارات جي اختيارين چيو آهي ته فوجيره بندرگاھھ تي ڊرون حملو ڪيو ويو جنھن کي ناڪام بڻايو ويو پر ڊرون جو ملبو ڪرڻ سبب باھھ لڳي وئي ڪنھن بھ جاني نقصان جا اطلاع نھ آھن. جڏھن تھ بندرگاھھ تان تيل جي فراھمي بند ٿي وئي آھي. ايراني بحري فوج جي سربراهه ايڊمرل علي رضا تنگسيري چيو آهي ته ايراني بحري فوجن علائقي ۾ ٽن فوجي اڏن تي آمريڪي فوجن خلاف ڪيترائي حملا ڪيا. انھن ۾ ابو ظهبي جو الظفره ۽ بحرين جو شيخ عيسيٰ فوجي اڏا شامل آھن. پيٽرياٽ ريڊار سسٽم، جهاز ۽ هوائي جهازن جي تيل جونن ٽانڪيون نشانو بڻايون ويون. بحرين جي فوج جو چوڻ آهي ته انهن ايران ۾ جنگ جي شروعات کان وٺي 124 ميزائل ۽ 203 ڊرون کي روڪيو آهي. ايران جي پاسداران انقلاب ڪور گڏيل عرب امارات کي آگاهي ڏني آهي ته آمريڪا پاران ايران جي خارگ ٻيٽ تي حملي کان پوءِ آمريڪي هنڌ جائز نشانو آهن. پنهنجي قومي خودمختياري ۽ علائقي جو دفاع ڪرڻ پاسداران انقلاب جو جائز حق آھي آمريڪي دشمن ميزائلن جي ٺڪاڻن، شهرن ۾ پناهه وٺندڙ آمريڪي سپاهين، بندرگاهن کي نشانو بڻائڻ جائز آھي. عرب امارات جا شھري بندرگاهن، ڊاڪن ۽ آمريڪي فوجي علائقن کي خالي ڪن ته جيئن نقصان کان بچي سگهن. ايران جي تل ابيب ۽ ٻين شھرن تي بمباري جاري رھي. جنھن ۾ ھڪ عمارت کي نقصان پھتو. ايران جي سرڪاري ميڊيا موجب پاسدارانِ انقلاب چيو آهي ته هن اسرائيل خلاف حملن جي 48هين لهر شروع ڪري ڇڏي آهي. ايراني خابرو اداري ارنا موجب اهي حملا لبنان ۾ حزب الله سان گڏجي هڪ ئي وقت ڪيا پيا وڃن. اسرائيل جا لبنان تي حملا به بند نه ٿي سگهيا آهن. لبنان جي ڏکڻ ۾ صيدا شهر جي ويجهو تمير حريت سيدا رهائشي علائقي تي اسرائيلي هوائي حملي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 4 ماڻهو شھيد ٿيا. اسرائيلي فوج دعويٰ ڪئي آهي ته هن ڏکڻ لبنان ۾ هٿيارن جي ذخيرن کي نشانو بڻايو آهي. ٻئي پاسي بيروت ۾ اسرائيل هڪ ڪلينڪ تي ميزائل حملاڪيا جنهن جي نتيجي ۾ طبي عملي جا 12 ميمبر حياتي وڃائي ويٺا. لبنان جي صحت واري وزارت جو چوڻ آهي ته برج قلعو ڳوٺ ۾ ڊاڪٽر ۽ نرسن سميت طبي عملي جا گهٽ ۾ گهٽ 12 ميمبر ماريا ويا. لبنان جي ويڙھاڪ تنظيم حزب الله اسرائيل تي ڪيترن ئي حملن جي دعويٰ ڪئي آهي. بيان ۾ چيو ويو آھي تھ لبناني سرحد جي ويجهو اسرائيلي شهر ڪريات شمونا تي راڪيٽن حملو ڪيو ويو ۽ اتر اسرائيل ۾ پڻ ميٽولا شهر تي 2 حملا ڪيا ويا. اسرائيلي شهر صفاد جي ويجهو اين زيتيم بيس تي ميزائل وسايو ويو. لبنان جي سرحدي ڳوٺ اوديسيه ۾ ٻه ڀيرا، بليدا ۽ خيام شهر ۾ حراستي مرڪز جي ويجهو اسرائيلي سپاهين تي حملا ڪيا ويا. لبنان ۾ گڏيل قومن جي عبوري فوج جي ترجمان بي بي سي کي ٻڌايو ته ان جي هڪ بيس کي ڳري مشين گن سان نشانو بڻايو ويو آهي. ميس الجبل جي ويجهو بيس کي حملي کان پوءِ باهه ڏئي ساڙيو ويو. حملي ۾ هڪ سپاهي ٿورو زخمي ٿيو جيڪو پناهه گاهه ڏانهن وڃي رهيو هو. اسان جاچ شروع ڪئي آهي. لبنان جي صحت واري وزارت جو چوڻ آهي ته اسرائيلي حملن ۾ فوتين جو انگ 826 تائين پهچي ويو آهي، جڏهن ته 2 مارچ کان وٺي 2,009 ماڻهو زخمي ٿيا آهن. گهٽ ۾ گهٽ 65 عورتون ۽ 106 ٻار مارجي ويا آهن. برج قالويا ۾ هڪ پرائمري هيلٿ ڪيئر سينٽر جي ملبي مان ٻن گم ٿيل بچاءُ ڪندڙن جا لاش هٿ اچڻ کان پوءِ مارجي ويل طبي عملي جو انگ 31 ٿي ويو آهي. سڌي طرح حملن يا سيڪيورٽي خطرن جي ڪري پنج اسپتالون بند ٿي ويون آهن. آفيسرن خبردار ڪيو آهي ته زخمين جو انگ وڌي سگهي ٿو ڇاڪاڻ ته بچاءُ ٽيمون امدادي ڪم ڪري رهيون آهن.
واشنگٽن(م ڊ) آمريڪي صدر ٽرمپ چيو آهي ته ايران جون اهم ٻيٽ خارگ تي فوجي چوڪيون تباهه ڪري ڇڏيون، تيل ذخيرن تي به حملا ڪري سگهون ٿا. ايران چيو آهي ته جيڪڏهن توانائي اڏن تي حملا ڪيا ويا ته خطي ۾ آمريڪي ڪمپنين تي حملا ڪيا ويندا. ٽرمپ کي صلاح ڏني وئي آهي ته ايران ۾ فتح جو اعلان ڪري جنگ مان نڪري اچو. ميڊيا ادارن جي رپورٽ آهي ته ٽرمپ ايران سان جنگبندي لاءِ ڳالهيون شروع ڪرڻ جي آڇ رد ڪري ڇڏي آهي. مليل اطلاعن موجب آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جو چوڻ آهي ته آمريڪي سينٽرل ڪمانڊوچ اوڀر جي تاريخ ۾ سڀ کان وڌيڪ طاقتور بمباري ڪري ايراني ٻيٽ خارگ تي سڀني فوجي هدفن کي مڪمل طور تي تباهه ڪري ڇڏيو آهي. مون ٻيٽ تي تيل جي بنيادي ڍانچي کي تباهه نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. پر جيڪڏھن ايران ھرمز کاڙي ۾ جھازن کي گذرڻ کان روڪيو تھ تيل ذخيرا تباھھ نھ ڪرڻ واري فيصلي تي وري غور ڪيو ويندو. هن ايران تي زور ڏنو ته هو پنهنجا هٿيار ڦٽا ڪن ۽ پنهنجي ملڪ جو رھيل حصو بچائي وٺن جيڪو گھڻو نھ بچيو آھي. ھنن جي خاتمي تائين جنگ جاري رکي ويندي. ٻئي طرف آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي صلاحڪار کيس مشورو ڏني آهي ته آمريڪا ايران ۾ پنهنجي فتح جو اعلان ڪري ۽ اتان نڪري وڃي. ٻئي طرف ايران جي پرڏيهي وزير عباس عراقچي جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن ملڪ جي توانائي جي بنيادي ڍانچي کي نشانو بڻايو ويو ته خطي ۾ آمريڪي ڪمپنين تي حملا ڪنداسين. انهن ڪمپنين کي به نشانو بڻايو ويندو جن ۾ آمريڪا جا شيئر آهن احتياط ڪنداسين ته جيئن جوابي حملي ۾ گنجان آباد علائقن کي نشانو نه بڻايو وڃي. عراقچي چيو ته هرمز کليل آهي پر ايران جي دشمنن ۽ انهن جي اتحادين جي تيل ٽينڪرن ۽ جهازن کي گذرڻ جي اجازت نه ڏينداسين. ٻئي طرف الجزيره جي رپورٽ آهي ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي انتظاميا وچ اوڀر جي اتحادين پاران جنگ کي ختم ڪرڻ لاءِ سفارتي ڳالهيون شروع ڪرڻ جي ڪوششن کي رد ڪري ڇڏيو آهي ڪيترائي ملڪ تڪرار جي خاتمي لاءِ ثالثي ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. وائيٽ هائوس جي هڪ سينئر آفيسر تصديق ڪئي ته ٽرمپ جنگ بندي جون ڳالهيون شروع ڪرڻ جي ڪوششن کي رد ڪري ڇڏيو آهي ۽ تهران جي فوجي صلاحيتن کي وڌيڪ ڪمزور ڪرڻ لاءِ جنگ کي اڳتي وڌائڻ تي ڌيان ڏئي رهيو آهي. هڪ عملدار ٻڌايو ته هن کي هن وقت ان ۾ دلچسپي ناهي، ۽ اسان مشن کي جاري رکڻ وارا آهيون. شايد هڪ ڏينهن جنگبندي جون ڳالهيون ڪريون پر هن وقت نه. هڪٻئي ذريعي چيو ته صدر ٽرمپ چيو ته ايران ۾ نئين امڪاني قيادت اشارو ڏنو آهي ته اهي ڳالهائڻ چاهين ٿا ۽ آخرڪار ڳالهائيندا. هن وقت آپريشن ايپڪ فيوري جاري آهي. هڪ ٽئين ذريعن ٻڌايو ته ايران جي اعليٰ سيڪيورٽي آفيسر علي لاريجاني ۽ پرڏيهي وزير عباس عراقچي پڻ جنگ بندي جي ڳالهين لاءِ عمان وسيلي رابطي جي ڪوشش ڪئي هئي جنهن ۾ آمريڪي نائب صدر جي ڊي وينس شامل هوندو. بهرحال اهي ڳالهيون نه ٿي سگهيون.