| جنگ ڪجهه هفتن ۾ ختم ٿي ويندي: آمريڪي وزير |
واشنگٽن (م ڊ) آمريڪا جي توانائي واري وزير ڪرس رائٽ جو چوڻ آهي ته اميد ته ايران سان جنگ ايندڙ ڪجهه هفتن ۾ ختم ٿي ويندي. اي بي سي نيوز سان ڳالهائيندي هن چيو ته مون کي لڳي ٿو ته هي تڪرار ايندڙ ڪجهه هفتن ۾ ختم ٿي ويندو ان کان اڳ به ٿي سگهي ٿو. پر تڪرار ايندڙ ڪجهه هفتن ۾ ختم ٿي ويندو ۽ اسان [توانائي] جي فراهمي ۾ بحالي ۽ ان کان پوءِ قيمتن ۾ گهٽتائي ڏسنداسين.