ايران – اسرائيل ۽ آمريڪا جنگ جي ڪهاڻيءَ ۾ ’پلاٽ ٽوئسٽ‘ ڏسجن ته يقيني حيرانيءَ ٿئي ٿي! ان کان پهريائين اسان ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪنداسين ته ڪنهن به ڪهاڻيءَ ۾ ’پلاٽ ٽوئسٽ‘ ڇا هوندو آهي؟ سادن لفظن ۾ ڪهاڻيءَ ۾ پلاٽ ٽوئسٽ (Plot Twist) اهو اوچتو موڙ هوندو آهي، جيڪو پڙهندڙ يا ڏسندڙ جي اميدن کي بدلائي ڇڏي ٿو. اهو ڪهاڻيءَ جي وهڪري ۾ اهڙو نئون رخ آڻي ٿو، جنهن سان اڳ ۾ ٺهيل اندازو غلط ثابت ٿي وڃي. فرض ڪريو ڪهاڻي ۾ هڪ ماڻهو پورو وقت هيرو لڳي رهيو هو، پر آخر ۾ خبر پوي ته اصل ۾ اهو ئي ولن آهي. اهو ئي ٽوئسٽ آهي. اڃا به ان کي آسان لفظن ۾ هن طرح سمجهي سگهجي ٿو ته ڪهاڻيءَ جو انجام بلڪل اُلٽو هجي. اها ته ٿي ’پلاٽ ٽوئسٽ‘ جي تشريح، هاڻي ان تناظر ۾ جاري جنگ کي پرکڻ جي ڪوشش ڪريون ٿا.
معلوم ٿئي ٿو جنگ جي ڪهاڻي ايتري سادي ناهي. هر لمحي سان گڏ وڌيڪ پيچيده، غير يقيني ۽ خطرناڪ ٿيندي پئي وڃي. جيڪڏهن پاڻ ’پلاٽ ٽوئسٽ‘ کي نمبروار ترتيب سان رکي سمجهڻ جي ڪوشش ڪريون ته پهريون ٽوئسٽ، سڌي ٽڪراءَ جي صورت ۾ ملي ٿو. ماضيءَ ۾ ايران، اسرائيل ۽ آمريڪا هڪ ٻئي خلاف ’پراڪسي جنگ‘ وڙهندا رهيا آهن، پر هاڻي صورتحال تبديل ٿي وئي. جون 2025 جي 12 ڏينهن واري جنگ ۽ فيبروري 28، 2026 کان لڙائي، جنهن ۾ اسرائيل ۽ آمريڪا سڌي طرح ايران سان لاڳاپيل هدفن تي حملا ڪيا، جواب ۾ ايران به وڌيڪ جارحاڻو جواب ڏيڻ لڳو. ڊرون حملن، ميزائلن ۽ سامونڊي ڪاررواين ذريعي ايران پنهنجو اثر ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. اهو ئي ڪهاڻيءَ جو وڏو ’پلاٽ ٽوئسٽ‘ هو، جنهن ۾ پوشيده يا پراڪسي جنگ‘ آهستي آهستي ’کليل مقابلي‘ ۾ تبديل ٿي وئي.
جنگ جاري آهي، ته ڪهاڻيءَ جو مرڪزي ڪردار آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جنهن طريقي سان رويا ڏيکاري پيو، اهي وڏا ٽوئسٽ آهن. مثال: هن ٽي ڏينهن اڳ 48 ڪلاڪن جو الٽيميٽم جاري ڪيو، جنهن ۾ مطالبو ڪيو ويو ته ايران هرمز لنگهه کي ٻيهر کولي. ان سان گڏ هن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن ايران اهو حڪم نه مڃيندو ته آمريڪا، ايراني پاور پلانٽس کي مڪمل تباهه ڪري ڇڏيندو. الٽيمٽيم جو مدو 48 ڪلاڪ پورو ئي ڪونه ٿيو ته آمريڪي صدر جي بيانَ ڪهاڻيءَ ۾ وڏو ٽوئسٽ آڻي ڇڏيو. پنهنجي ئي ڏنل ڊيڊ لائن ختم ٿيڻ کان ڪجهه ڪلاڪ اڳ ٽرمپ پوئتي هٽي ويو. ’ٽروٿ سوشل‘ تي هڪ پوسٽ ۾ هن چيو ته ايران سان تمام بهتر ۽ `نتيجا ڏيندڙ‘ ڳالهه ٻولهه ٿي آهي ۽ ايراني توانائيءَ جي ڍانچي تي ڪنهن به حملي کي پنجن ڏينهن لاءِ روڪڻ جو اعلان ڪيو. ان کان اڳ به اشارن ڪناين مان معلوم ٿي رهيو هو ته آمريڪا جي پاليسي هاڻي سڌي جنگ کان پاسو ڪرڻ طرف هئي، پر ان جو مطلب اهو ناهي ته آمريڪا هن ڪهاڻيءَ مان ٻاهر ٿي ويو آهي. آمريڪا اڃا به معاشي پابندين، فوجي اڏن ۽ اتحادي ملڪن ذريعي ايران تي دٻاءُ وجهي رهيو آهي. هتي هڪ دلچسپ موڙ اهو آهي ته آمريڪا هڪ ئي وقت ٻن رستن تي هلي رهيو آهي: هڪ طرف ايران تي پابنديون، ٻئي طرف سفارتي ڳالهين جي ڪوشش…. اها ’ڊبل گيم‘ ڪهاڻيءَ کي وڌيڪ غير يقيني بڻائي ٿي، جتي ڪنهن به وقت پاليسي بدلجي سگهي ٿي.
جنگ شروع ٿيڻ وقت اها صورتحال نه هئي، پر هاڻي سڄي دنيا ڄاڻي ٿي ته هن ڪهاڻيءَ ۾ روس ۽ چين جي صورت ۾ نوان سپر پاور ڪردار به داخل ٿي چڪا آهن. چين ۽ روس ايران سان پنهنجا لاڳاپا مضبوط ڪري رهيا آهن. هن جنگ ۾ ٻئي ملڪ عملي طور ته شريڪ ناهن، پر ’دشمن جي دانگي ڀڳي ته به ڀلو‘ جي مصداق هر اهو ڪم ڪن پيا، جنهن سان آمريڪا ڪمزور ٿئي يا دنيا ۾ ان جي ’هڪ هٽي‘ ختم ٿئي. سچ ته هي هڪ وڏو جيوپوليٽيڪل ٽوئسٽ آهي، جنهن ۾ تڪرار صرف ٽن ملڪن تائين محدود نه رهيو، پر عالمي طاقتون مقابلي جو حصو بڻجي ويون آهن. ان جو هڪ سڌو مطلب هي به ٿيندو ته جيڪڏهن تڪرار وڌي ٿو، ته اهو هڪ وڏي عالمي جنگ جي شڪل به اختيار ڪري سگهي ٿو.
هن سڄي مامري ۾ اسان کي اهو پڻ ياد رکڻ گهرجي ته هي جهيڙو ڪو ڪالهه ٽيون ڏينهن جو نه پر عملي طور 47 سالن کان جاري آهي. جنهن ۾ هر ڀيري دشمنيءَ جا نوان رخ نروار ٿين ٿا. جهڙي ريت ڪجهه وقت اڳ وچ اوڀر جي ڪجهه عرب ملڪن اسرائيل سان آمريڪا جي معرفت لاڳاپا بهتر ڪيا، جنهن لاءِ عرب – اسرائيل صدين جي سئوئاڻي سڱ کي نظر ۾ رکندي ’ابراهمڪ اڪارڊ‘ ڪيو. هي پڻ اهم پلاٽ ٽوئسٽ هو؛ جيڪي ملڪ اڳ اسرائيل جا مخالف هئا، اهي هاڻي ان جا اتحادي بڻجي ويا. ان ئي تبديليءَ سان ايران پاڻ کي وڌيڪ اڪيلو محسوس ڪيو. اصل ۾ هي اتحاد، ايران جي خلاف ئي ته هو. ان وقت به محسوس ٿيو ته هي مستقبل ۾ وڏي ٽڪراءَ جو سبب ٿيندو. ان کان اڳ هڪ ٽوئسٽ جي صورت ۾ ايران جو ايٽمي پروگرام ٻيهر عالمي بحث جو مرڪز بڻجي ويو. يورپي، آمريڪي ۽ اسرائيلي حامي رپورٽن ۾ ڄاڻايو ويو ته ايران يورينيم جي رچاء ۾ اڳي کان وڌيڪ اڳتي وڌي چڪو آهي. اهو پڻ ته اهو دنيا لاءِ هڪ خطرناڪ سگنل آهي، ڇو ته: اسرائيل ان کي پنهنجي وجود لاءِ خطرو ۽ آمريڪا ان کي عالمي سلامتي لاءِ چئلينج سمجهيو. نتيجي ۾ جنگ شروع ٿي. جنگ ۾ نوان ٽوئسٽ سامهون ايندا رهيا. جنهن ۾ ٽيڪنالاجي ۽ ڊرون وار جا موڙ اهم هئا. اها ڳالهه هاڻي ڪنهن کان لڪل ناهي ته جنگ هاڻي روايتي لڙائيءَ جو نالو ناهي، پر جديد جنگ هاڻي ٽيڪنالاجي تي ٻڌل اهڙي حڪمت عملي آهي، جنهن ۾ سامهون واري دشمن کي سهڪائڻ هوندو آهي. ان لاءِ اهو سڄي دنيا لاءِ ٽوئسٽ ئي هو ته ايران ٽيڪنالاجي خاص طور تي ڊرون ۾ وڏي ترقي ڪئي آهي، جنهن کي هو پنهنجي اتحادي گروپن تائين به منتقل ڪري رهيو آهي. ان جي ٻئي طرف اسرائيل سائبر سيڪيورٽي ۽ انٽيليجنس به حد ڪري ڇڏي، جڏهن اهم ايراني اڳواڻن کي گهرن ۾ شهيد ڪيو ويو. سچ ته جنگ جو هي نئون موڙ هو، جيڪا جنگ هاڻي سپاهين کان وڌيڪ مشينن جي وچ ۾ ٿي رهي آهي.
دنيا لاءِ پڪ سان اهو به وڏو ’پلاٽ ٽوئسٽ‘ ئي هو ته عالمي معيشت اندر ايرانُ نارَ ۾ پنهنجي جغرافيائي حيثيت سبب عالمي تيل جي فراهمي تي اثرانداز ٿيندو، خاص ڪري هرمز جي لنگهه ذريعي، جيڪو ٿي پڻ رهيو آهي. هن وقت جي صورتحال موجب، ايران جي رڪاوٽن جي ڪري، عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جون قيمتون وڌي ويون آهن. نتيجي ۾ عالمي معيشت متاثر ٿي رهي آهي. حقيقي طور هي هڪ ’اقتصادي هٿيار‘ آهي، جيڪو جنگ کان سواءِ به دنيا کي متاثر ڪري سگهي پيو.
اقتصادي ٽوئسٽ سان گڏ جديد دور ۾ سوشل ميڊيا ۽ AI هن ڪهاڻي کي وڌيڪ خطرناڪ بڻائي ڇڏيو آهي. جعلي وڊيوز، پروپيگنڊا ۽ ڊيپ فيڪ ٽيڪنالاجي ماڻهن جي راءِ کي تبديل ڪري رهيا آهن. اهو هڪ انتهائي اهم موڙ آهي، جنهن ۾ ’جنگ صرف زمين تي نه، پر ماڻهن جي ذهنن ۾ به وڙهي پئي وڃي!‘ انهن کوڙ سارن اچانڪ موڙن سان گڏ اهم ٽوئسٽ، غير يقيني مستقبل جو آهي. جنهن ۾ اهم ۽ وڏو سوال هي آهي: ڇا هي تڪرار مڪمل جنگ ۾ تبديل ٿيندو؟ يا سفارتي ڪوششن سان روڪيو ويندو؟ ڇاڪاڻ ته ڪڏهن حالتون ايتريون خراب ٿي وڃن ٿيون جو لڳي ٿو، دنيا وڏي تباهي طرف وڃي پئي، چين ۽ روس به ڄاڻ سڌي جنگ جو حصو ٿيا ته وري اوچتو ڳالهين جا دَرَ کلي وڃن ٿا. ايترا ڏينهن گذرڻ باوجود، جنگ جي هيءَ ڪهاڻي ’واضح انجام‘ کانسواءِ جاري آهي. اهو پڻ ته هن سڄي ڪهاڻيءَ جو سڀ کان وڏو پلاٽ ٽوئسٽ اهو آهي ته: ڪو به ڪردار مڪمل طور تي طاقتور يا ڪمزور ناهي ۽ ڪو به نتيجو حتمي ناهي. ايران مزاحمت جي علامت بڻجي چڪو آهي، اسرائيل پنهنجي سلامتي لاءِ هر حد تائين وڃڻ لاءِ تيار آهي ۽ آمريڪا عالمي طاقت جي حيثيت سان هن سڄي راند کي ڪنٽرول ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. آخرڪار، جيڪڏهن هن ڪهاڻي ۾ امن اچي ٿو ته اهو سڀ کان وڏو ۽ غير متوقع پلاٽ ٽوئسٽ هوندو؛ پر جيڪڏهن جنگ وڌي ٿي ته ان جا اثر ۽ تباهي فقط وچ اوڀر تائين محدود نه رهندا، پر سڄي دنيا کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي سگهن ٿا.