| جنگ ۽ معاشي دٻاءُ اسرائيل کي تباهه ڪري سگهن ٿا: سي آءِ اي رپورٽ |
واشنگٽن (م ڊ) سينٽرل انٽيليجنس ايجنسي سي آءِ اي اسرائيل جي مستقبل بابت هڪ سنسني خيز ۽ ڳجهي جائزي جي رپورٽ جاري ڪئي آهي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته سياسي، معاشي ۽ سماجي ڏار اسرائيل کي خانہ جنگي يا مڪمل تباهي طرف وٺي وڃي سگهن ٿا. “اندروني انٽيگريشن” جي عنوان سان رپورٽ آگسٽ ۾ سي آءِ اي جي “ريڊ سيل” پاران تيار ڪئي وئي هئي. رپورٽ ۾ غزه، لبنان ۽ ايران سان ڊگهي ۽ مسلسل جنگين کي اسرائيل جي اندروني ڀڃ ڊاهه جو مکيه سبب قرار ڏنو ويو آهي، جنهن جي ڪري نه رڳو سماجي ڏار وڌيڪ ڳنڀير ٿيا آهن پر محاذ کان واپس ايندڙ اسرائيلي سپاهي پڻ سخت نفسياتي صدمي ۽ خرابين جو شڪار آهن. رپورٽ موجب، ملڪ 27 آڪٽوبر تي اسرائيلي چونڊن کان اڳ ڪيترن ئي سخت اندروني دٻاءُ کي منهن ڏئي رهيو آهي. انهن دٻاءُ ۾ معاشي بحران، فوجي خرچن ۾ تيز واڌ، قبضي هيٺ اولهه ڪناري ۾ جاري تشدد ۽ الٽرا آرٿوڊوڪس يهودين کي لازمي فوجي سروس کان استثنيٰ ڏيڻ تي عوام ڪاوڙيل آهي.