جنگ ۽ ڪوڙن جي دنيا … ڊاڪٽر علي رضا قاضي

                 ماضي بعيد هجي يا قريب انساني اِتهاس ۾ جنگ هميشه هٿيارن، ٽينڪن ۽ ميزائلن جي ٽڪراءَ جو نالو رهندي پئي اچي، وري جديد دور ۾ جنگ جو هڪ ٻيو خطرناڪ ميدان به سامهون آيو آهي، جنهن کي اطلاعاتي جنگ (Information Warfare) چيو وڃي ٿو. هن قسم جي جنگ ۾ اڌ سچ، ڪوڙَ، پروپيگنڊا، افواههَ ۽ فيڪ نيوز هڪ اهم هٿيار طور استعمال ٿين ٿا. جڏهن به جنگ شروع ٿئي ٿي ته معلومات جو وهڪرو به هڪ قسم جي ڄڻ جنگ بڻجي وڃي ٿو. حڪومتون، فوجي ادارا ۽ سياسي قوتون پنهنجن مقصدن کي حاصل ڪرڻ لاءِ خبرن ۽ معلومات کي ڪنٽرول ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿيون. ان حوالي سان مشهور آمريڪي سياستدان هرم جوهنسن جو هڪ مشهور قول آهي:

“When war begins,

truth is the first casualty”

                 يعني، ’جڏهن جنگ شروع ٿيندي آهي ته سڀ کان پهريون موت سچ جو ٿئي ٿو.‘ هي قول جنگي حالتن جي هڪ اهم حقيقت کي ظاهر ڪري ٿو، ڇاڪاڻ ⁠ته جنگ دوران سچُ، اڪثر پروپيگنڊا ۽ مفادن جي هيٺان دٻجي فوت ٿي ويندو آهي. پاڻ جيڪڏهن جنگي پروپيگنڊا جي تاريخ جاچڻ جي ڪوشش ڪنداسين ته ان جو استعمال تاريخي طور تي تمام پراڻو ملي ٿو.

پهرين مهاڀاري لڙائي دوران يورپ جي ملڪن پنهنجي ميڊيا ذريعي هڪ ٻئي خلاف نفرت ۽ خوف پيدا ڪرڻ لاءِ وڏيون مُهَمون هلايون. اخبارن، پوسٽرن ۽ تقريرن ذريعي دشمن کي ظالم ۽ غيرانساني ڏيکاريو ويندو هو ته جيئن عوام جنگ جي حمايت ڪري. اهڙي طرح وري ٻين مهاڀاري جنگ ۾ جرمنيءَ جي نازي حڪومت هڪ وڏي پروپيگنڊا مشنري ٺاهي. هن نظام کي منظم ڪرڻ ۾ هٽلر جي خاص معتمد جوزف گوبلز اهم ڪردار ادا ڪيو. گوئبلز جو خيال هو ته جيڪڏهن ڪوڙ کي بار بار ورجايو وڃي ته آخرڪار ماڻهو ان کي سچ سمجهڻ لڳندا. هي حڪمت عملي جديد دور جي سياسي ۽ جنگي پروپيگنڊا ۾ به ڏسڻ ۾ اچي ٿي. ان جا ڪيترائي مثال پڻ موجود آهن.

جديد دؤر ۾ جنگي ڪوڙن جو سڀ کان مشهور مثال ’عراق جنگ‘ آهي. سال 2003 ۾ جڏهن عراق تي حملو ڪيو ويو ته دنيا کي ٻڌايو ويو ته عراق وٽ وڏي پيماني تي تباهي آڻيندڙ هٿيار (Weapons  of Mass Destruction)  موجود آهن. بعد ۾ ڪيترين عالمي تحقيقن، جن ۾ آمريڪي سينيٽ جون رپورٽون پڻ شامل هيون، ظاهر ڪيو ته اهڙا هٿيار عملي طور تي موجود نه هئا. هي مثال ٻڌائي ٿو ته ڪيئن سياسي ۽ فوجي فيصلا ڪڏهن ڪڏهن غلط يا مبالغه آرائيءَ تي مبني معلومات تي ٻڌل هوندا آهن. ڪيترن محققن جو خيال آهي ته هن قسم جي معلوماتي مهم عوامي راءِ کي جنگ جي حمايت لاءِ تيار ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.

آمريڪا ۽ انهن جي اتحادين جي عراق سان جنگ به هاڻي پراڻيءَ جو ڏيک ڏئي ٿي، جڏهن اي. آءِ جي زور تي سوشل ميڊيا جنگي ڪوڙن کي هڪ نئون جهان بخشيو آهي. ائين چئجي ته 21هين صديءَ جي ٻئين چوٿ جي شروعات سان سوشل ميڊيا جنگي معلومات جي دنيا کي مڪمل طور تبديل ڪري ڇڏيو آهي. اڳي خبرون محدود ميڊيا ادارن ذريعي اينديون هيون، پر هاڻي هر ماڻهو موبائل فون ذريعي خبرون شيئر ڪري سگهي ٿو. نتيجي طور فيڪ نيوز ۽ افواهن جي رفتار تمام تيز ٿي وئي آهي. ان لاءِ اسان روس ۽ يوڪرين جو مثال ڏئي سگهون ٿا. هن جنگ ۾ سوشل ميڊيا تي هزارين وڊيوز ۽ تصويرون گردش ڪنديون رهيون. ڪيترن تحقيقاتي ادارن، جهڙوڪ: ’بي.بي.سي. بلنگڪيٽ‘ معلوم ڪيو ته انهن مان ڪافي وڊيوز اصل ۾ ڪمپيوٽر گيمن مان ورتل هئا، جڏهن ته ڪجهه تصويرون ٻين ملڪن جي پراڻين جنگين جون هيون. اهڙي ريت اسرائيل ۽ حماس جي لڙائيءَ ۾ پڻ اهو ٿيو. ان دوران پڻ ڪيتريون تصويرن ۽ وڊيوز کي غلط تناظر ۾ پيش ڪيو ويو. تازو ايران، اسرائيل ۽ آمريڪا جي وچ ۾ وڌندڙ جنگ دوران پڻ ڪوڙي معلومات پنهنجي عروج تي ڏسڻ ۾ آئي. سوشل ميڊيا تي ميزائل حملي جون ڪيتريون وڊيوز گردش ڪنديون رهيون، جن کي ايران جي تازي حملي سان منسوب ڪيو ويو، پر بعد ۾ تحقيق مان معلوم ٿيو ته انهن مان ڪيتريون وڊيوز شام يا ٻين پراڻين جنگين جون هيون. ساڳئي وقت ڪجهه تصويرون اسرائيلي شهرن جي مڪمل تباهي طور پيش ڪيون ويون، جڏهن ته حقيقت ۾ اهي يا ته ٻين واقعن جون تصويرون هيون يا اي.آءِ جي مدد سان ٺاهيون ويون هيون. اهڙا افواهه ۽ جعلي خبرون جنگي حالتن ۾ عوامي راءِ تي وڏو اثر ڇڏين ٿيون ۽ خوف، نفرت ۽ غيريقيني کي وڌيڪ وڌائين ٿيون. اهو پڻ ته اها نج انساني نفسيات آهي يا ماڻهو جو جينياتي ورثو – جو جذباتي مواد تڪڙ ۽ تمام تيزيءَ سان پکڙجي، عوامي راءِ تي وڏو اثر ڇڏي رهيو آهي.

هاڻي ته جنگي ڪوڙن جي دنيا ۾ سڀ کان وڏو نئون عنصر آرٽيفيشل انٽيليجنس (اي.آءِ) هڪ اهڙي ٽيڪنالاجي اچي وئي آهي، جنهن جي مدد سان هوبهو ماڻهن جهڙيون تصويرون، آواز ۽ وڊيوز ٺاهي سگهجن ٿا. ان کي ’ڊيپ فيڪ‘ وڊيوز جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو. ڊيپ فيڪ ٽيڪنالاجيءَ سان ڪنهن به سياسي اڳواڻ يا فوجي آفيسر جو چهرو ۽ آواز استعمال ڪري اهڙا بيان ٺاهيا وڃن ٿا، جيڪي هُن اصل ۾ ڪڏهن به نه ڏنا هجن. مثال طور يوڪرين جنگ دوران هڪ جعلي وڊيو گردش ۾ رهي، جنهن ۾ يوڪرين جي صدر والاديمير زولنسڪيءَ کي پنهنجي فوج کي هٿيار ڦٽا ڪرڻ جو پيغام ڏيندي ڏيکاريو ويو؛ بعد ۾ ڪيل تحقيق مان معلوم ٿيو ته اها وڊيو ’ڊيپ فيڪ‘ ۽ ان جو مقصد عوام ۾ افراتفري پيدا ڪرڻ هو.

مشهور آمريڪي تحقيقاتي اداري ايم آءِ ٽي ۽ ٻين ناليوارين يونيورسٽين جي مطالعي مطابق، اي آءِ جي مدد سان جعلي تصويرون ۽ خبرون ٺاهڻ اڳي کان ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ آسان ٿي ويو آهي. ڪجهه تحقيقن مطابق سوشل ميڊيا تي پکڙجندڙ ڪيترين خبرن مان وڏو تعداد اهڙي مواد تي ٻڌل هوندو آهي، جنهن جي تصديق نه ڪئي وئي هوندي. ان حوالي سان Massachusetts Institute of Technology جي هڪ حيرت انگيز تحقيق پڻ سامهون آئي آهي، جنهن موجب ڪوڙي خبر سوشل ميڊيا تي سچي خبر جي ڀيٽ ۾ تقريبن ڇهه ڀيرا وڌيڪ تيزي سان پکڙجي سگهي ٿي. ان سلسلي ۾ Reuters Institute جي رپورٽ پڻ پڙهڻ جوڳي آهي، جنهن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته هاڻي دنيا جي اڪثر حصن ۾ رهندڙ ماڻهو سوشل ميڊيا تان خبرون حاصل ڪن ٿا، جنهن ڪري غلط معلومات جو خطرو وڌي ويو آهي. اهو پڻ ته عالمي اداري UNESCO پڻ خبردار ڪيو آهي ته فيڪ نيوز جديد سماج لاءِ هڪ وڏو چئلينج بڻجي چڪي آهي، خاص طور تي جڏهن دنيا جنگ جي حالتن ۾ هجي.

اها ڪڙي حقيقت آهي ته جنگي ڪوڙَ رڳو سياسي مسئلو ناهن، پر انهن جا سماجي ۽ نفسياتي اثر به تمام گهرا ٿين ٿا. جهڙي طرح:

نفرت ۽ تعصب وڌي ويندو آهي – جڏهن دشمن کي غيرانساني يا ظالم ڏيکاريو وڃي ٿو ته عوام ۾ نفرت پيدا ٿيندي آهي.

سماجي بي اعتمادي پيدا ٿيندي آهي – ماڻهو ميڊيا، حڪومت ۽ ادارن تي شڪ ڪرڻ لڳندا آهن.

نفسياتي دٻاءُ وڌندو آهي – افواهه ۽ خوف ماڻهن ۾ ذهني پريشاني پيدا ڪن ٿا.

معاشي اثرات – غلط خبرون مارڪيٽَن، واپار ۽ سماجي استحڪام تي به اثر وجهن ٿيون.

پوءِ ڇا ڪرڻ گهرجي؟ ڪهڙي ريت اهڙي قسم جي ڪوڙ کان بچاءُ ڪجي؟ ان لاءِ ڪجهه اهم تدبيرون اختيار ڪرڻ گهرجن. اسان کي خبر هجڻ گهرجي ته معلوماتي جنگ جي هن دور ۾ سڀ کان اهم شيءِ تنقيدي سوچ آهي. ماڻهن کي هر خبر تي فوري يقين ڪرڻ بدران ان جي تصديق ڪرڻ گهرجي. جنهن لاءِ ڪافي اصول ۽ ضابطا پڻ موجود آهن. جهڙوڪ: خبر جو اصل ذريعو معلوم ڪرڻ. هڪ ئي خبر کي مختلف معتبر ذريعن سان ڀيٽڻ. تصويرن ۽ وڊيوز جي تاريخ ۽ جڳهه جي تصديق ڪرڻ. سوشل ميڊيا تي سنسني پکيڙيندڙ خبرن کان احتياط ڪرڻ. ساڳئي وقت ٽيڪنالاجي ڪمپنين، ميڊيا ادارن ۽ حڪومتن کي به ذميواري کڻڻي پوندي ته فيڪ نيوز ۽ ڊيپ فيڪ مواد کي سڃاڻڻ لاءِ بهتر نظام ٺاهين.

هن مضمون جي پڄاڻيءَ تي پاڻ ان نتيجي تي پهتا آهيون ته جديد دؤر ۾ جنگ رڳو ميدان ۾ وڙهڻ جو نالو نه رهي آهي، پر اها ذهنن، خيالن ۽ معلومات جي دنيا ۾ به جاري آهي. فيڪ نيوز، پروپيگنڊا ۽ اي.آءِ جي ذريعي ڪوڙن جو اهڙو جهان جُڙي رهيو آهي، جيڪو سچ کي لڪائي سگهي ٿو. ان ڪري جديد سماج لاءِ ضروري آهي ته هو معلومات کي سمجهڻ ۽ پرکڻ جي صلاحيت پيدا ڪري. جيڪڏهن ماڻهو تنقيدي سوچ اختيار ڪن، ميڊيا ذميواري سان ڪم ڪري ۽ ٽيڪنالاجيءَ کي صحيح نموني استعمال ڪيو وڃي ته جنگي ڪوڙن جي هن دنيا ۾ به سچ کي زنده رکڻ ممڪن ٿي سگهي ٿو. جديد دور جي سڀ کان وڏي جنگ شايد هٿيارن جي نه پر سچ ۽ ڪوڙ جي وچ ۾ جنگ آهي.