| جنگ ۾ تباهه ايران ۾ تيل جو بحران، کپت ۾ اضافو |
تهران (م ڊ) ايراني عملدارن جو چوڻ آهي ته ملڪ ۾ روزاني پيٽرول جو استعمال تقريبن 135 ملين ليٽر تائين پهچي ويو آهي ۽ محدود پيداوار، درآمد جي مشڪلاتن ۽ ذخيرن تي دٻاءُ جي ڪري صورتحال فوري ۽ نازڪ مسئلو بڻجي وئي آهي. ايران جي توانائي آرگنائيزيشن جي ڊپٽي سربراهه ياسر مرزائي مطابق جنگي حالتن ۽ معاشي مشڪلاتن جي باوجود پيٽرول جو استعمال ساڳيو بلند سطح تي رهيو. ٻئي طرف، نيشنل ايراني آئل ريفائننگ اينڊ ڊسٽريبيوشن ڪمپني جي آفيس آف ڪنزمپشن مئنيجمينٽ جي سربراهه چيو ته جنگ دوران متاثر ٿيندڙ پيداوار جي گنجائش جو گهڻو حصو بحال ڪيو ويو آهي. پيٽرول جي پيداوار جي صلاحيت تقريبن 130 ملين ليٽر روزانو تائين پهچي وئي آهي. بهرحال استعمال ۽ پيداوار جي وچ ۾ فرق برقرار آهي.