جنگ ۾ حمايت تي پاڪستان جا ٿوراپتا آهيون: ايران

جنگ ۾ حمايت تي پاڪستان جا ٿوراپتا آهيون: ايران

تهران (م ڊ) ايران جي پرڏيهي وزير عباس عراقچي آمريڪا ۽ اسرائيل جي جارحيت خلاف حمايت ڪرڻ تي پاڪستان جا ٿورا مڃيا آهن. عباس عراقچي ايڪس تي اردو ٻوليءَ ۾ جاري ڪيل پيغام ۾ چيو ته مان پاڪستاني حڪومت ۽ عوام جو دل جي گهراين سان ٿورائتو آهيان جن آمريڪا ۽ صهيوني حڪومت جي اڳرائيءَ جي مقابلي ۾ اسلامي جمهوريه ايران جي عوام ۽ حڪومت سان پنهنجي ايڪي جو اظهار ڪيو.