| جنگ ۾ شامل نه ٿبو، ايران حملو نه ڪندو: برطانيا |
لنڊن (م ڊ) برطانوي وزيراعظم ڪيئر اسٽارمر اسرائيلي دعويٰ رد ڪندي چيو آهي ته اهڙا اشارا ناهن مليا جن جي بنياد تي اهو چئي سگهجي ته ايران برطانيا کي نشانو بڻائي رهيو آهي. حڪومت ملڪ جي حفاظت کي يقيني بڻائڻ لاءِ هر وقت صورتحال جو جائزو وٺندي رهي ٿي ۽ اهڙو ڪو به ثبوت ناهن مليو جنهن جي بنياد تي اهو چئي سگهجي ته ايران اسان کي نشانو بڻائي رهيو آهي. هن ڇڪتاڻ گهٽائڻ جي ضرورت تي به زور ڏنو ۽ چيو ته برطانوي مفادن ۽ انسانين جانين جو بچاءُ ضروري آهي، پر جنگ ۾ شامل ٿيڻ کانسواءِ.