جنگ ۾ مارجي ويل ماڻهن جو تعداد 2700 کان وڌيڪ

جنگ ۾ مارجي ويل ماڻهن جو تعداد 2700 کان وڌيڪ

دوحا (م ڊ) آمريڪا ۽ اسرائيل جي ايران خلاف شروع ڪيل جنگ ۾ ھيلتائين 2700 جي لڳ ڀڳ ماڻھو مارجي ويا آھن. اھي سمورا انگ اکر حڪومتن جا جاري ڪيل آھن. جڏھن تھ 26 ھزار کان وڌيڪ زخمي آھن. جاري ڪيل انگن اکرن موجب  ايران ۾ گهٽ ۾ گهٽ 1,500 ماڻهو مارجي ويا، 18,551 زخمي ٿيا. لبنان گهٽ ۾ گهٽ 1,039 ماڻهو مارجي ويا، 2,583 زخمي، عراق گهٽ ۾ گهٽ 61 مارجي ويا، درجنين زخمي، اسرائيل گهٽ ۾ گهٽ 18 مارجي ويا، 4,697 زخمي، آمريڪي فوج گهٽ ۾ گهٽ 13 مارجي ويا، 200 زخمي،  فلسطين گهٽ ۾ گهٽ 4 مارجي ويا، شام گهٽ ۾ گهٽ 4 مارجي ويا، ڪويت گهٽ ۾ گهٽ 6 مارجي ويا، درجنين زخمي، بحرين گهٽ ۾ گهٽ 2 مارجي ويا، درجنين زخمي، يو اي اي گهٽ ۾ گهٽ 8 مارجي ويا، 160 زخمي، عمان گهٽ ۾ گهٽ 3 مارجي ويا، 15 زخمي، سعودي عرب گهٽ ۾ گهٽ 2 مارجي ويا، 20 زخمي، اردن گهٽ ۾ گهٽ 28 زخمي ۽ قطر۾ گهٽ ۾ گهٽ 16 ڄڻا زخمي ٿيا آھن.