| جهاد جو سڏ رياست ئي ڏئي سگهي ٿي، افغان طالبان کي خارجين ۽ پاڪستان مان هڪ جي چونڊ ڪرڻي پوندي: فيلڊ مارشل |
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير ملڪ کي درپيش چئلينجز، دهشتگردي، قومي سلامتي جي معاملن، عالمي برادري ۾ پاڪستان جي اُڀرندڙ ڪردار، جنگي تارين ۽ علم جي اهميت متعلق ڳالهائيندي قرآن پاڪ جي آيتن جو حوالو يندي چيو ته پاڪستان متعلق مون پنهنجو واضع نقطه نظر پيش ڪيو. الله تعالي اسلامي ملڪن مان محافظين حرمين جو شرف پاڪستان کي عطا ڪيو. رياست طيبه ۽ رياست پاڪستان وچ ۾ هڪ گهرو تعلق ۽ گهڻي هڪ جهڙائي موجود آهي، رياست طيبه ۽ رياست پاڪستان جو قيام ڪلمه طيبه جي بنياد تي رمضان جي بابرڪت مهيني ۾ عمل ۾ آيو. اسلام آباد ۾ منقعد قومي علماءِ مشائخ ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير چيو ته ٻنهي رياستن ۾ هڪجهڙائي ان ڪري آهي جو رب ڪائنات انهن کي خادم الحرمين بڻائڻو هو ۽ اسان کي محافظ الحرمين بڻائڻو هو، آپريشن بنيان المرصوص دوران الله تعالى جي مدد ايندي ڏٺي ۽ محسوس ڪيو. ڪنهن به اسلامي رياست ۾ رياست کانسواءِ ڪو به جهاد جو حڪم يا فتويٰ جاري نٿو ڪري سگهي، افغان طالبان جي پٺڀرائي سان دهشتگردي ذريعي اسان جي معصوم شهرين ۽ ٻارن کي نشانو بڻايو پيو وڃي، فتنه الخوارج جون جيڪي ٽيمون افغانستان مان اچن ٿيون، تن ۾ 70 سيڪڙو افغان شامل آهن، افغانستان کي فتنه الخوارج ۽ پاڪستان مان ڪنهن هڪ جي چونڊ ڪرڻي پوندي، اهي قومون جن پنهنجي علمي ۽ فڪري ورثي ۽ قلم جي طاقت کي ڇڏي ڏنو، اُهي زوال ۽ بدحالي جو شڪار ٿي ويون. علماءِ مشائخ ڪانفرنس ۾ سمورن مڪتب فڪر سان تعلق رکندڙ عالمن ۽ مشائخ وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.