جهاز حادثي ڪيس ۾ ايئر بليو ذميوار قرار: 5 ارب 41 ڪروڙ رپيا هرجاڻي طور ادا ڪرڻ جو حڪم

جهاز حادثي ڪيس ۾ ايئر بليو ذميوار قرار: 5 ارب 41 ڪروڙ رپيا هرجاڻي طور ادا ڪرڻ جو حڪم

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) جهاز حادثي واري ڪيس ۾ اسلام آباد جي مقامي عدالت ايئر بليو کي 5 ارب 41 ڪروڙ 78 هزار رپيا هرجاڻي طور ادا ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. عدالت ايئر بليو کي في اپيل تي 1 لک رپيا ۽ مجموعي طور 80 لک رپين جو ڏنڊپڻ لاڳو ڪيو. ايڊيشـنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج ڊاڪٽر رسول بخش ڪيس بابت لکت ۾ فيصلو جاري ڪري ڇڏي۔ عدالت متاثرن ۽ ايئر بليو طرفان داخل ڪيل اٺ اٺ اپيلن جو لکت ۾ گڏيل فيصلو جاري ڪيو۔ عدالت ايئر بليو کي 5 ارب 41 ڪروڙ 78 هزار رپيا ادا ڪرڻ جو حڪم ڏنو. اِن کان علاوه في اپيل تي 1 لک ۽ مجموعي طور 80 لک رپين جو ڏنڊ پڻ لاڳو ڪيو۔ عدالت متاثرن سميرا نويد چوڌري، راشد ذوالفقار، محمد الياس، گوهر رحمان، جنيد الزمان حامد، محمد جاويد خان، سليمه راجپوت، ڪرنل (ر) شميم اختر سميت ٻين کي هرجاني طور رقم ادا ڪرڻ جو حڪم ڏنو۔ واضح رهي ته متاثرن سول جج جي فيصلي خلاف اپيل داخل ڪئي هئي۔ عدالت ايئر بليو تي غير ضروري درخواست بازي ۽ عدالتي وقت ضايع ڪرڻ تي جرمانو پڻ عائد ڪيو۔ متاثرن جون اپيلون هاءِ ڪورٽ ۾ پڻ ٻڌڻي هيٺ رهيون. بعد ۾ هاءِ ڪورٽ انهن کي پنهنجي دائره اختيار مان واپس سيشن ججز جي دائره اختيار ۾ موڪلي ڇڏيو.