| جهاز گذرڻ ڏيو: ڪيئي ملڪن جو ايران سان رابطو |
تهران (م ڊ) ايراني پاسداران انقلاب سان واڳيل نيوز ايجنسي فارس نيوزدعويٰ ڪئي آهي ته هرمز کاڙي ذريعي جهازن جي گذرڻ جي حوالي سان ايران سان رابطن ۾ نمايان واڌ ٿي آهي، جڏهن ته سامونڊي ٽرئفڪ گذريل مهيني جي مقابلي ۾ تقريبن اڌ گهٽجي وئي آهي. نيوز ايجنسي ايراني وزارت خارجه جي اقتصادي سفارتڪاري جي مددگار حامد قنبري جي حوالي سان ٻڌايو ته ڪيترائي ملڪ ايران سان بار بار رابطو ڪري رهيا آهن ته جيئن تهران جي منظوري حاصل ڪرڻ لاءِ انهن جي جهازن کي هرمز کاڙي مان گذرڻ جي اجازت ڏني وڃي. جاپاني وزيراعظم اڳ ۾ ذاتي طور تي ايراني صدر مسعود پزشڪيان سان رابطو ڪيو هو، جنهن ۾ هرمز کاڙي ذريعي جاپاني تيل ٽينڪرن جي محفوظ گذرڻ بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي هئي. هن وقت صرف انهن جهازن کي گذرڻ جي اجازت آهي جن کي ايران کان اجازت نامو مليو آهي ۽ جيڪي ايراني بندرگاهن ۽ بحري تنظيم پاران مقرر ڪيل رستن تي سفر ڪن ٿا.