هالا ( ن پ و) هالا ويجهو قتل جي جيءُ جهوريندڙ واردات،،استاد کي گوليون هڻي قتل ڪرڻ بعد ڪهاڙي سان سسي ڌڙ کان ڌار ڪئي وئي، پوليس حد جي تڪرار ۾ پئجي وئي وارث قومي شاهراهه تي لاش رکي ڌرڻو هڻي ويهي رهيا
ڳوٺ جمال ڏاھري ۾ پرائمري اسڪول جي ماستر 45 ورھين جي الله رکيو ولد الله بخش ڏاھري کي ٻن موٽرسائيڪل سوار 5 جوابدارن پاران گوليون ھڻين قتل ڪرڻ بعد ت ڪھاڙي سان ڌڙ سسئ کان ڌار ڪري فرار ٿي ويا
واٽ ويندڙ مقامي ماڻھن لاش ڏسي پوليس کي اطلاع ڏنو ويو، مقامي پوليس پھچي لاش تعلقا اسپتال ھالا پهچايو جتي وارٽن پهچي لاش کڻي ھالا ڀرسان ٻاروچو باغ وٽ قومي شاھراهه تي لاش رکي ڌرڻو هڻي ويهي رهيا جنهن سبب ٽريفڪ معطل ٿي وئي
نواز ليگ اڳواڻ سيد شاهه زمان مظاھرين وٽ پھچي ڳالھيون ڪيون ۽ جوابدارن کي جلد گرفتار ڪرڻ جو يقين ڏياريو جنهن بعد احتجاج ختم ڪري لاش پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال آندو ويو
ٿاڻي جي حد تان تڪرار ۽ ڊاڪٽر نه هجڻ سبب لاش ٻن ڪلاڪن تائين اسپتال ۾ پيل رهيو وارثن جي احتجاج کانپوءِ ڊاڪٽرن پهچي قتل ٿي ويل جو پوسٽ مارٽم ڪيو ۽ مڙهه وارثن کي ڏنو ويو
پوليس جو چوڻ آهي ته ڏاهري برادري ۾ زمين تان تڪرار هلندڙ آهي جنهن سبب واقعو ٿيو آهي، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي